نواز شريف خلاف خطرناڪ سازشون ٿيون، عوام ساٿ نه ڏئي ها ته اسان جو نالو به ختم ٿي وڃي ها: مريم نواز

ميرپور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف خلاف انتهائي خطرناڪ سازشون ڪيون ويون، جيڪڏهن عوام سندن ساٿ نه ڏئي ها ته سندن نالو به ختم ٿي وڃي ها.
آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته سخت گرمي باوجود جلسي ۾ عوام جي وڏي شرڪت ثابت ڪري ٿي ته آزاد ڪشمير ۾ شينهن اچي ويو آهي.
هن چيو ته هوءَ ميرپور نه پر پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهر آئي آهي.
هن چيو ته ميرپور ۾ سٺا گهر موجود آهن، پر افسوس جو روڊ ٽٽل آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هتي به ترقي جا ڏيئا ٻرن.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف به ميرپور جي خوبصورتي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته آزاد ڪشمير جا اصل وارث موٽي آيا آهن.
مريم نواز چيو ته آزاد ڪشمير ۾ وسيلن ۽ صلاحيتن جي ڪا کوٽ ناهي، رڳو بهتر انفراسٽرڪچر جي ضرورت آهي، جڏهن ته سياحت ذريعي خطي جي ترقي ۽ مسئلن جو حل ممڪن بڻائي سگهجي ٿو.
هن چيو ته آزاد ڪشمير کي جديد اسپتالن، بهتر روڊن، سيف سٽي منصوبي ۽ ”پنهنجي ڇت، پنهنجو گهر“ جهڙين رٿائن جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) چونڊون کٽي ته پنجاب جهڙيون سهولتون آزاد ڪشمير ۾ به فراهم ڪيون وينديون، جڏهن ته ميرپور لاءِ 10 اليڪٽرڪ بسن جو تحفو پڻ آندو ويو آهي.
مريم نواز عوام کي اپيل ڪئي ته هو سوچي سمجهي ووٽ ڏين، ٻي صورت ۾ ترقي لاءِ ٻيهر ترسڻو پئجي سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عوام هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو ڏنو ته آزاد ڪشمير جي تقدير بدلائي ڇڏينداسين.

You might also like