ميٽا فيس بُڪ واهپيدارن لاءِ نئون ويريفڪيشن پروگرام متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت هاڻي واهپيدار بنا ڪنهن ماهوار فيس جي پنهنجي پروفائل تي مفت تصديق وارو بيج حاصل ڪري سگهندا.
ياد رهي ته ميٽا فيبروري 2023ع ۾ اعلان ڪيو هو ته فيس بُڪ ۽ انسٽاگرام جا واهپيدار ماهوار سبسڪرپشن فيس ادا ڪري پنهنجي اڪائونٽ تي بليو ٽِڪ حاصل ڪري سگهن ٿا، ۽ اها سهولت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود آهي.
هاڻي ڪمپني هڪ نئون مفت پروگرام متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ واهپيدار جي چهري جي سڃاڻپ لاءِ سيلفي ۽ موجودا پروفائل تصويرن جي جاچ ڪئي ويندي، ميٽا موجب اهو عمل رڳو ڪجهه منٽن ۾ مڪمل ٿي ويندو.
هن پروگرام ۾ رڳو 18 ورهين يا ان کان وڏي عمر جا ماڻهو شامل ٿي سگهندا. سيلفي ٽيسٽ ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ کانپوءِ واهپيدار جي نالي ڀرسان تصديق وارو بيج ظاهر ٿيندو.
ميٽا واضح ڪيو آهي ته هي بيج روايتي بليو ٽِڪ نه هوندو، پر ان سان رڳو اها تصديق ٿيندي ته اڪائونٽ ڪنهن حقيقي شخص جو آهي، جڏهن ته ان کي ڪنهن شخص جي ساک يا اعتبار جي ضمانت نه سمجهيو وڃي.
You might also like