ايس پي ايس سي خلاف حيدرآباد ۾ ڌرڻو، سريلنڪا کان شروع ٿيل انقلاب ڀارت تائين پهچي ويوآهي، حڪمران هوش کان ڪم وٺن: اڳواڻ

حيدرآباد (ويب ڊي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) ۾ مبينا ميرٽ جي لتاڙ ۽ پنهنجا نوازي خلاف متاثر اميدوارن ۽ شاگردن حيدرآباد ۾ احتجاجي مارچ ڪرڻ کانپوءِ ڪميشن جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو.
احتجاج ڪندڙن ڌرڻي دوران جمعي جي نماز پڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس اڳيان ادا ڪئي ۽ گڏيل چٽاڀيٽي امتحان 2024ع جا نتيجا رد ڪرڻ سان گڏ ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو.
مظاهرين چيو ته ميرٽ جي لتاڙ سبب هزارين قابل اميدوارن سان ناانصافي ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
احتجاج ڪندڙن چيو ته سريلنڪا کان شروع ٿيل انقلاب ڀارت تائين پهتو آهي، حڪمران هوش کان ڪم وٺن ۽ عوامي آواز کي نظرانداز نه ڪن.
هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو واڌيو ويندو.

You might also like