راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ٽانڪ ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملي ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 15 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا آهن،
آءِ ايس پي آر موجب،فتنه الخوارج چيڪ پوسٽ تي بزدلاڻو حملو ڪيو، سيڪيورٽي فورسز جي وقتائتي ۽ اثرائتي ڪارروائي دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اهلڪارن غيرمعمولي بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندڙ 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب، سخت دٻاءُ کانپوءِ دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ جي ٻاهرين ڀت سان ٽڪرائي، جنهن سبب زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ چوڪي جي بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو.
ڌماڪي جي نتيجي ۾ 15 اهلڪار شهيد ٿيا، جن ۾ 12 فوجي جوان، 2 پوليس اهلڪار ۽ ٻيلي کاتي جو هڪ سرڪاري ملازم شامل آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ وڌيڪ ڪنهن به دهشتگرد جي موجودگي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ يس پي آر موجب، دهشتگردي خلاف ڪارروائيون بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهنديون ۽ ٻاهرين سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو يقيني بڻايو ويندو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيدن جون عظيم قربانيون وطن جي دفاع ۽ قومي سلامتي جي تحفظ واري عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي چوڪي تي فتنه الخوارج جو حملو، 15 اهلڪار شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 12 دهشتگرد جهنم ڀيڙا
You might also like