گوسڙو ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پگهارن جي نالي تي اربين رپيا هڙپ، حيسڪو جا 4 آفيسر برطرف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي اجلاس دوران حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (حيسڪو) ۾ گوسڙو ۽ رٽائرڊ ملازمن جي نالي تي پگهارن جي مد ۾ هڪ ارب 6 ڪروڙ رپين جي مالي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي.
آڊٽ رپورٽ موجب، حيسڪو جي ڊي ڊي او، ايگزيڪيوٽو انجنيئر (ايڪسئين) ۽ چيف فنانشل آفيسر (سي ايف او) آفيس جي ڳٺ جوڙ سان سرڪاري رقم ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي.
حيسڪو جي سي اي او اجلاس کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ ملوث 4 ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي، جن ۾ 3 اڪائونٽس آفيسر ۽ هڪ فنانس آفيسر شامل آهن.
ايف آءِ اي اختيارين موجب، ان معاملي بابت 5 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ 130 کان وڌيڪ ماڻهو ملوث آهن، جڏهن ته هنيئر تائين رڳو 13 ڪروڙ رپين جي اوڳاڙي ٿي سگهي آهي.

You might also like