ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ۾ اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر جو پٽ جهانگير شر مبينا طور اغوا ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن اندر بازياب ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
رپورٽن موجب، جهانگير شر کي سندس ڳوٺ ٻيروٽا ڀرسان هڪ زرعي فارم تان مبينا طور اغوا ڪيو ويو، جنهن جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ شر برادري جا ماڻهو کينجهو واري علائقي ۾ پهچي ويا.
ذريعن موجب، ڳولا ۽ ڪارروائين دوران ڪجهه ڪلاڪن بعد جهانگير شر کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
You might also like