ٻٻرلوءِ (ويب ڊيسڪ) پريا ڪماري ۽ ٻين مغوي ٻارڙن جي بازيابيءَ لاءِ ٻٻرلوءِ ۾ لڳل احتجاجي ڪئمپ تي پوليس ڪارروائي ڪندي ڪئمپ ختم ڪرائي ڇڏي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪارروائي دوران پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سهڻي پارس، صحافي ساحل جوڳي، ٻين ڪارڪنن ۽ مغوي ٻارڙن جي والدين کي گرفتار ڪيو ويو.
واضح رهي ته مظاهرين پريا ڪماري ۽ ٻين مغوي ٻارن جي بازيابي لاءِ قومي شاهراهه بند ڪري ڌرڻو هنيو هو، جنهن تي پوليس ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ لٺبازي ڪئي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
پريا ايڪشن ڪميٽي جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پريا ڪماري سميت ٻين مغوي ٻارڙن جي بازيابيءَ ۾ سنجيده نظر نٿي اچي، جڏهن ته پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي.
ايڪشن ڪميٽي الزام لڳايو ته سنڌ پوليس جو ڌيان ڏوهارين بدران عوامي احتجاج ۽ مزاحمتي تحريڪن کي روڪڻ تي آهي، جڏهن ته مغوي ٻار آزاد نٿا ٿين، قاتل گرفتار نٿا ٿين ۽ منشيات فروش به قانون جي گرفت کان ٻاهر آهن.
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پريا ايڪشن ڪميٽي جي گرفتار اڳواڻن ۽ مغوي ٻارڙن جي والدين کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
ٻٻرلوءِ ۾ مغوي ٻارن جي بازيابيءَ لاءِ هنيل ڌرڻي تي پوليس چڙهائي، پريا ايڪشن ڪميٽي جا اڳواڻ ۽ والدين گرفتار
You might also like