ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ گرفتار ٽيئي جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ گرفتار ٽيئي جوابدار مبينا طور پنهنجي ئي فرار ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.
اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) موجب، ڪراچيءَ جي گلشنِ معمار جي علائقي عمر بروهي ڳوٺ ۾ گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي سندن فرار ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو ويو، جنهن دوران هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني.
ايس آءِ يو موجب، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ گرفتار ٽيئي جوابدار پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.
واضح رهي ته 13 جولاءِ تي ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ بئنڪ ٻاهران ڦر دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان ڊاڪٽر آڪاش مارجي ويو هو، جڏهن ته جوابدار بينڪ مان ڪڍرايل 50 لک رپين مان 25 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا هئا.
پوليس اڳ ۾ عدالت ۾ جمع ڪرايل جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته واردات ۾ هڪ اڻڄاتل عورت جي ملوث هجڻ جا به ثبوت مليا آهن، جڏهن ته گرفتار جوابدار بينڪن ٻاهران ڦر ۽ ٻين وارداتن ۾ پڻ ملوث رهيا آهن.

You might also like