اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر سياستدان مشاهد حسين چيو آهي ته لڳي ٿو ته نوازشريف جي دل ۾ وزيراعظم بڻجڻ جي آس آهي،هو 2024ع ۾ چوٿون ڀيرو وزيراعظم نه ٿي سگهيو،ان وقت اهڙيون حالتون هيون جو نوازشريف جو وزيراعظم بڻجڻ ممڪن نه هو،هن چيو ته شايد کيس دل ۾ اها خواهش ضرور آهي،نوازشريف پاران آزاد ڪشمير جو وزيرعاظم بڻجڻ واري خواهش تي هن چيو ته فارم 47 وارو فارمولو اچي ويو آهي،ان ڇٽيءَ هيٺ سڀ ڪجهه ممڪن آهي،مهاجرن واري سيٽ هجي يا ڪا ٻي سيٽ پاڪستان ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو،هن چيو ته آزاد ڪشمير اشو کي غلط طريقي سان هينڊل ڪيو ويو،عوامي ايڪشن ڪميٽي تي پابندي نه لڳڻ گهرجي ها، ان مسئلي جي حل لاءِ مون سان به رابطو ڪيو ويو پر پوءِ ڪجهه رڪاوٽون اچي ويون، اسان کي آزاد ڪشمير وڃڻ کان روڪيو ويو، هن چيو ته اسان آمريڪا ۽ ايران ۾ ٺاهه ڪرائي رهيا آهيون پر ملڪ اندر جيڪو ڏڦيڙ آهي،ان تي دست شفا جي ضرورت آهي،ايڪشن ڪميٽي وارن کي دهشتگرد ڪوٺڻ غلط آهي،اهي پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن،جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جا جيترا وڏا جلسا ٿيا آهن پاڪستان جي ڪنهن به پارٽي جا نه ٿيا آهن، ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچي رهيو آهي،ٻاهرين ملڪ ۾ ڪشميري اڳ ۾ ڀارت خلاف مظاهرا ڪندا هئا هاڻي پاڪستان خلاف مظاهرا پيا ٿين،هن چيو ته بلوچستان ۾ اڳوڻو وڏو وزير رهندڙ ۽ سٺي ساک رکندڙ ڊاڪٽر مالڪ بلوچ مون سان ڪالهه ٻه اڍائي ڪلاڪ تائين ملاقات ڪئي، هو ته اهو چئي رهيو آهي ته هن وقت سڀ دروازا بند آهن،هو وزيراعظم سان به مليو آهي، هن 15 نڪتن وارو مراسلو به ڏنو آهي، ان ۾ منهنجي بلوچستان بابت رپورٽ جا ڪجهه نڪتا به شامل آهن، بلوچستان ۾ حڪومت جي رٽ بلڪل ناهي،بلوچستان اشو کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏيڻ گهرجي، ڀارت ته گڙٻڙ ڪندو پر توهان کي ان جو ٽوڙ ته ڪڍڻو آهي، توهان اهڙيون حالتون پيدا نه ڪريو جو دشمن ان کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري، عوام ۽ رياست وچ ۾ ويڇا نه ٿيڻ گهرجن،اسان کي پنهنجي پاليسي ته ٺيڪ ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته بلوچستان ۾ گم ٿيلن،گورننس،ڪرپشن ۽ بيروزگاري جا اشو آهن،اهي ته پنهنجي هٿن ۾ آهن،اهي مسئلا ٽرمپ ته حل نه ڪندو،يا انڊيا کي ناهن حل ڪرڻا،هن چيو ته ايران آمريڪا ڳالهين لاءِ پاڪستان ڪوششون ڪيون آهن پر وچ اوڀر ۾ بحران ختم ٿيندي نظر نه پيو اچي،ان جو ذميوار اسرائيل آهي، پاڪستان جي اڳوڻي سفير ڊاڪٽر مليحه لوڌي چيو ته نوازشريف جي ڪوشش آهي ته ڪنهن طريقي سان ڪشمير ۾ بحران ختم ٿي سگهي،اصل مسئلو اهو آهي ته اڄ آزاد ڪشمير ۾ هڪ بغاوت واري صورتحال آهي،اهو بحران ڪافي سالن کان هلي رهيو آهي،اسلام آباد مان حڪمراني سبب آزاد ڪشمير جي معاشي مسئلن کي ڪنهن به حل نه ڪيو،مون کي اهو بحران جلد ختم ٿيندي نظر نه پيو اچي،آزاد ڪشمير جي ايندڙ اليڪشن به اڳ ۾ ئي مشڪوڪ ٿي چڪي آهي،هن چيو ته ٺيڪ آهي توهان آمريڪا –ايران ۾ ڳالهيون ڪرايو پر ملڪ اندر باهه لڳل آهي،بلوچستان ۾ حڪومت جي رٽ ناهي،ڪي پي ۾ ٽي ٽي پي جي دهشتگردي وڌي رهي آهي،مهاجرن جي سيٽن جو فيصلو آزاد ڪشمير جو عوام ئي ڪندو،ماضي ۾ اسان مهاجرن جي سيٽن تي حڪومتون ٺاهيندي ۽ حڪومتون ڊاهيندي ڏٺو آهي،هن چيو ته توهان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پيس ميڪر بڻجو ٿا ته گهر ۾ به امن ڪرائيندڙ بڻجو،پاڪستان حڪومت کي ٻاهر کان وڌيڪ اندر ڌيان ڏيڻ گهرجي،هن چيو ته والاريل ڪشمير مان مون وٽ جيڪي پيغام پهچي رهيا آهن اهي دل ٽوڙيندڙ آهن،انهن کي آزاد ڪشمير جي حالتن تي وڏو ڏک آهي،هن چيو ته آزاد ڪشمير جي حالتن سبب اسان جي والاريل ڪشمير تي پوزيشن ڪمزور ٿي ويندي،توهان جو جيڪڏهن گهر ٺيڪ نه هوندو ته پرڏيهي پاليسي ڪهڙي ڪم جي؟انگريزي ۾ چئبو آهي ته سموري پرڏيهي پاليسي جي گهران شروعات ٿيندي آهي،هن چيو ته جنگ مڙهيندڙ ماڻهن کان تعريفون ٻڌڻ ڪا وڏي ڪاميابي ناهي،هن چيو ته بلوچستان هڪ سياسي مسئلو آهي،توهان اتي بنا ساک واريون حڪومتون مڙهيندا ته ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟نوجوان بلوچ وڌيڪ ڪاوڙجي رهيا آهن،هائبرڊ حڪومت کي ملڪ اندر اصل مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي،