ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا اهم شعبن ۾ پاليسي سڌارن کي تيز ڪرڻ لاءِ چئن اعليٰ سطحي ٽاسڪ فورسز جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 22 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو ۽ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس ۾ ڪابينا اهم شعبن ۾ پاليسي سڌارن کي تيز ڪرڻ لاءِ چئن اعليٰ سطحي ٽاسڪ فورسز جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪي مختلف شعبن ۾ پاليسين جو جائزو وٺي سڌارن بابت سفارشون پيش ڪنديون.
سنڌ ڪابينا سنڌ سيڪريٽريٽ، وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ، سنڌ اسيمبلي ۽ گورنر هائوس جي ملازمن لاءِ صحت انشورنس جي سهولت ۾ واڌ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن سان ملازمن کي وڌيڪ بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو رستو هموار ٿيندو.
اجلاس دوران صوبي جي انتظامي معاملن، عوامي ڀلائي ۽ گورننس سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي پڻ غور ڪيو ويو.
You might also like