ڪوٽڏيجي ۾ مخالفن کي ڦاسائڻ لاءِ پيءُ پنهنجي 7 سالن جي نياڻي ڪُهي ڇڏي

ڪوٽڏيجي/ گمبٽ/ خيرپور  (نمائندا) ڪوٽڏيجي ڀرسان ظالم پيءُ هٿان بيدردي سان ڳلو ڪپي قتل 7 سالن جي نياڻي قتل، معصوم نياڻي جي قتل جو ڪيس سندس امڙ جي فرياد تي جوابدار مڙس ۽ هڪ اڻ سڃاتل جوابدار مٿان ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، گذريل رات ڳوٺ ظفر باجوا ۾ بي رحم پيءَ پنهنجي 7 سالن جي ڌيءَ عشاءِ فاطمه ڊوگر کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو، نياڻي کي قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس مقتولا نينگري جي امڙ نازيه ڊوگر جي فرياد تي سندس ظالم مڙس غلام علي ڊوگر ۽ ھڪ اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان ڪوٽڏيجي  ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، فريادڻ ڪيس ۾ ڄاڻايو ته منھنجي طبعيت خراب ٿي پئي معصوم ڌيءَ عشاءِ فاطمه کي ساڻ ڪري پنهنجي عزيزن سان  موٽر سائيڪل تي دوا لاءِ ڪوٽبنگلو وڃي رھي ھيس ته ڳوٺ چوئنرو وٽ منهنجي مڙس غلام علي ڊوگر ۽ هڪ اڻسڃاتل جوابدار اڳ ڏئي چيو ته توکي نه ڇڏيندس جنھن تان مون کان نينگري کسي کيسي مان بليڊ ڪڍي نينگري جو ڳلو ڪٽيو جنهن سبب معصوم ڌي زمين تي ڪري تڙپي تڙپي موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڪوٽڏيجي پوليس پاران معصوم ڌيءَ کي بيدردي سان قتل ڪندڙ والد جوابدار غلام علي ڊوگر کي بروقت ئي گرفتار ڪري ورتو، مقتولا عشاءَ فاطمه جي والده نازيه ڊوگر اسپتال ۾ احتجاج دوران بيان ڏنو هو ته پاڙي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان حاجاڻا (ڀنڊ) برادري سان جهيڙو ٿيو، جنهن بعد مخالف ڌر سندن گهر تي حملو ڪري سندس معصوم پٽ فرحان تي تشدد ڪري مبينا طور اغوا ڪري کڻي ويا هئا هن الزام هنيو ته سندس مڙس غلام علي ڪاوڙ ۾ اچي معصوم ڌيءَ عشاءَ فاطمه جو ڳلو ڪپي قتل ڪيو ۽ الزام مخالفن مٿان لڳائڻ جو چيو منع ڪرڻ تي کيس به قتل جون ڌمڪيون ڏنيون، عورت جي ان بيان کان پوءِ پوليس جوابدار غلام علي کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته مبينا طور اغوا ٿيل نينگر فرحان کي پڻ بازياب ڪرايو ويو. ٻئي طرف ذريعن موجب، جهيڙي ۽ نينگر جي مبينا اغوا واري معاملي ۾ ملوث جوابدار سائينداد حاجاڻو ڀنڊ کي به پوليس حراست ۾ ورتو، پوليس سياسي مداخلت ۽ مبينا ڏيتي ليتي بعد ۾ مبينا طور فريادڻ عورت تي دٻاءُ وجهي ڪيس جو رخ تبديل ڪيو ويو، جنهن سبب حاجاڻا (ڀنڊ) برادري کي هن معاملي مان آجو ڪيو ويو، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس موجب مقتولا نينگري جي امڙ جي فرياد تي سندس مڙس جوابدار غلام علي ۽ هڪ اڻ سڃاتل جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي، حاجاڻا ڀنڊ برادري جي هن معاملي ۾ ملوث هجڻ جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي.

 

You might also like