تنقيد ڪندڙن جي پرواهه ناهي، نتيجو نه مليو ته وڌيڪ جذبي سان ڌرڻو هڻنداسين:سهڻي پارس

سکر (نمائندن وٽان) پريا ڪماري، اجالا پروين سميت ٻين مغوي ٻارڙن جي آزادي لاءِ ٻٻرلوءِ ۾ پريا ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج  جاري، مغوي ٻارڙن جي وارثن سميت لياقت جلباڻي سھڻي پارس ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ 23 ھين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ تي ڌرڻو جاري رکيو ويو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين ڄام فتاح سميجو ضلعي خيرپور جي صدر سعيد احمد جتوئي ۽ ٻين ڪارڪنن سان گڏ ٻٻرلوءِ ڌرڻي واري ھنڌ پھتو، ناليواري صوفي فنڪار مانجھي فقير پنهنجي ساٿين سان گڏجي ٻٻرلوءِ پھچي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ اھڙي دستور کي مان نه  ٿو مڃان جھڙا انقلابي گيت ڳائي ڪئمپ تي ويٺلن کي جھومائي ڇڏيو، ان موقعي تي ڄام فتاح سميجو چيو ته سماجي تنظيمون جس لھڻن جيڪي سنڌ جي مظلوم مائرن جو آواز بڻيون آهن اھو ڪم سياسي ڌرين کي ڪرڻ گهربو ھيو، پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جنهن نموني پوليس آفيسرن کي مان ڏنو آهي ائين ئي پوليس آفيسر ڀي ڪو خاطر خواھ نتيجو ڏين، سھڻي پارس چيو ته سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙن جي ڪا پرواهه ناهي، ٽن ڏينهن اندر نتيجو نه مليو ته اڃان وڌيڪ جذبي سان ٻٻرلو باءِ پاس بند ڪنداسين، آخري ٻار جي بازيابي تائين سندن جدوجهد جاري رھندي، ڌرڻو ختم ڪرڻ کان پوءِ اسان مٿان سوشل ميڊيا تي تنقيد ٿي رهي آهي پر ان جي ڪا به پرواهه ناهي، اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون، ٻارن جي آزادي بابت خاطري ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل لياقت جلباڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت چوي ٿي ڪجهه ٻار مري ويا آهن ڏيون ڪٿان؟ ائين آهي ته پوءِ لاش ڏيکارين، هن چيو ته حڪومت جي حربن کي سمجهي ويا آهيون، هو جيڪڏهن چاهين ٿا ته اسان ناپسنديده ٻولي ڳالهايون ته پوءِ ان ٻولي ۾ به ڳالهائينداسين، اسان کي سمورا ٻار آزاد گهرجن، ٽن ڏينهن اندر ٻارن جو مسئلو حل نه ٿيو ته ڌرڻي واري ري ايڪشن کان وڌيڪ ري ايڪشن ايندو.

 

You might also like