سنڌو درياءَ تي ڪو به نئون ڪئنال يا ڊيم قبول ناھي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پنجاب ۾ جلال پور ڪئنال ٺاھي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي مذمت ڪندي  چيو آھي ته پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي، پيپلز پارٽي حڪومت پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي اقتدار خريد ڪري خاموش ويٺي آھي، سنڌو درياءُ تي ڪو به نئون ڪئنال يا ڊيم قبول ناھي. جلالپور ڪئنال سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جو منصوبو آھي، فوري طور تي ڪئنال بند ڪيو وڃي، سنڌ جي سخت احتجاج باوجود پنجاب سنڌ دشمن جلالپور ڪئنال ۾ پاڻي ڇڏيو آھي، جلالپور ڪئنال مڪمل غير قانوني منصوبو آھي، ڇاڪاڻ ته ڪئنال اڃا تائين سي سي آءِ مان منظور نه ٿيو آهي. پنجاب کي ڪو به آئين ۽ قانون نه گھرجي ۽ نه ئي قانون جو احترام آھي. جلالپور ڪئنال ڏاڍ ۽ دھشت جو منصوبو آھي، ھن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ دوران وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ ارسا پنهنجي ڏاڍ ۽ جبر ذريعي سنڌ سان دوکو ڪري کوٽ دوران ڌاڙيل ڪينال کولي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري سنڌ کي سڪائڻ چاھين ٿا.

 

You might also like