سنڌ ۽ بلوچستان جي سوين آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف سکر ۾ ڌرڻو

سکر(رپورٽ:فرمان سهتو/ رستم انڍڙ)بلوچستان ۽ سنڌ جي ساڄي پاسي کان کيرٿر ڪئنال کي پاڻي ڏيو سوين زميندار ۽ آبادگار اوستا محمد کان ريلي جي صورت سکر پھچي ويا، احتجاجي مظاھري  بعد ڌرڻو پوليس کين گلوب چوڪ وٽ روڪي ورتو، رائيٽ بئنڪ ڪئنال  کيرٿر ۾ پاڻي جي شديد کوٽ  خلاف سنڌ – بلوچستان هاري ۽ زميندار اتحاد جي اڳواڻ مير حسن خان شهيلاڻي، مير حسن خان شهيلاڻي، مير خالد خان جمالي، مير عمران خان جمالي، مير عنايت الله خان، مير دودا خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين زميندار ۽ آبادگار سکر بئراج تي ڌرڻو ھڻڻ لاءِ پهچي ويا، سکر پوليس کين گلوب چوڪ وٽ روڪي ورتو جتي آبادگار ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، احتجاج دوران ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي آبادگار پنهنجي حقن لاءِ زوردار نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سکر بئراج تي پاڻي موجود هجڻ باوجود کيرٿر ڪئنال ۽ دادو ڪئنال ۾ پاڻي نه ڇڏيو پيو وڃي، پاڻي جي شديد کوٽ سبب اسان جون لکين ايڪڙ زرعي زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، پيئڻ لاءِ پاڻي به ميسر ناهي، مال متاع اڃ سبب مري رهيو آهي، زمينون سڪي بنجر ٿي چڪيون آهن ۽ ماڻهو مجبور ٿي لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. ھنن الزام هنيو ته سنڌ حڪومت ڄاڻي واڻي بلوچستان جي حصي جو پاڻي روڪي رهي آهي، جنهن سبب لکين ايڪڙ زمينون سڪي ۽ غير آباد ٿي ويون آهن. اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو ۽ جيستائين کين پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملندو، تيستائين احتجاج جاري رهندو، بلوچستان جي صوبائي وزيرن شادي خان عمراڻي، محمد خان لھڙي ۽ سليم خان کوسو سکر ۾ آبادگارن جي ڌرڻي ۾ پھچي ساڻن ڳالھيون ڪيون ۽ خاطري ڪرائي ته ٻن ڏينهن اندر سندن پاڻيءَ جو مسئلو حل ٿي ويندو، ان کان سواءِ  چيف انجنيئر گڊو بئراج سيد سردار شاهه ۽ اسٽنٽ ڪمشنر ميڊم بشري منصور پڻ آبادگارن کي خاطري ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻن ڏينهن اندر سندن پاڻي جو مسئلو حل ڪيو ويندو پر آبادگارن ڪامورن ۽ بلوچستان جي صوبائي وزيرن کي کتو جواب ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته جيستائين سندن مسئلو حل نه ڪيو ويندو تيستائين ڌرڻو جاري رھندو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي صوبائي وزير محمد خان لھڙي چيو ته ھو سنڌ جي وڏي وزير ۽ آبپاشي وزير سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ ڪراچي وڃي رھيا آهيون، اميد آهي ته مسئلو حل ٿي ويندو جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿيو ته واپس اچي آبادگارن سان گڏ احتجاج تي ويھنداسين.

 

You might also like