عمران خان ۽ سندس خاندان پاڪستان جا خير خواهه ناهن:عظميٰ بخاري

لاهور (بيورو) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته نورين نيازي جو تازو بيان سندس ڀاءُ جي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ سندس چوڻ موجب ان خاندان کي پاڪستان جي هر ڪاميابي تي تڪليف ٿيندي آهي، سڄي دنيا تسليم ڪيو ته پاڪستان ”معرڪه حق“ دوران ڀارت کي شڪست ڏني، اهڙي صورتحال ۾ نورين نيازي طرفان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي  حق ۾ ڳالهائڻ منهنجي خيال ۾ افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي،  پي ٽي آءِ جي باني ۽ سندس ٽيئي ڀينرون يا ته پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ سمجهدار سمجهن ٿيون يا سندن رويو انتهائي غير سنجيده آهي، عظميٰ بخاري چيو ته ”معرڪه حق“ دوران پاڪستان جي هٿياربند فوجن ۽ پاڪ فضائيه اهم ڪارڪردگي ڏيکاري، جنهن تي سڄي قوم کي فخر آهي ۽ هر پاڪستاني پنهنجي فوج جي قربانين ۽ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن وڌيڪ الزام هنيو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ سندس خاندان پاڪستان لاءِ ڪڏهن به ڪو مثبت ڪردار ادا نه ڪيو آهي، عمران خان ۽ سندس خاندان پاڪستان جا خير خواهه ناهن.

 

You might also like