ڪنڊياري / سانگهڙ (نمائندن وٽان) ڪنڊياري ۾ ھٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ ڳورهاري ناري خوشبو چانڊيو قتل ٿي وئي، سندس والد ۽ امڙ زخمي ٿي پيا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪنڊياري جي کڏ پاڙي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 20 ورهين جي خوشبو چانڊيو قتل ٿي وئي، جڏهن ته سندس والد بخت علي چانڊيو ۽ امڙ سخت زخمي ٿي پيا، واقعي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجهه وقت اڳ ظفر علي چانڊيو ۽ 20 ورهين جي خوشبو چانڊيو پسند جي شادي ڪئي هئي، مقتول ناري جي امڙالزام هنيو ته رات دير سان ظفر علي چانڊيو پنهنجي ڀائرن جي مدد سان گهر تي حملو ڪيو ۽ فائرنگ ڪئي، مان، منهنجو مڙس ۽ نياڻي خوشبو زخمي ٿي پيا آهيون، ان دوران زخمي عورت کي ٻڌايو ويو ته اوهان جي ڌيءَ قتل ٿي وئي آهي، مقتول ناري جي امڙ دانهون ڪندي چيو ته ظلم ٿي ويو، پوليس ناهي پهتي، نياڻي کي ظفر علي، ڀائي خان، غلام شبير ۽ احسان وارن قتل ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف ڪنڊياري ۾ قتل ٿيل ناري خوشبو چانڊيو جي جنازي نماز کڏ پاڙو ڪي بي وساڻ ۾ ادا ڪئي وئي، رئيس معشوق علي چانڊيو واقعي واري هنڌ پهتو ۽ چيو ته خشبو چانڊيو جي وارثن کي مڪمل انصاف فراهم ڪيو ويندو، جوابدارن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي ۽ کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.