”معرڪه حق“ پاڪ فوج ۽ مودي جو ڳٺ جوڙ هو:نورين نيازي

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ نورين نيازي جي هڪ انٽرويو ۾ ”معرڪه حق“ ۽ پاڪ فوج بابت ڏنل بيان تي تڪرار پيدا ٿي ويو، جڏهن ته مختلف مبصرن ان تي سخت تنقيد ڪئي، پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڀيڻ نورين نيازي جي هڪ يوٽيوب انٽرويو ۾ ”معرڪه حق“ ۽ پاڪ فوج بابت ڏنل بيان کانپوءِ سياسي تڪرار پيدا ٿي ويو، رپورٽن موجب نورين نيازي انٽرويو دوران  الزام هنيو ته ”معرڪه حق“ پاڪ فوج ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي وچ ۾ مبينا ڳٺ جوڙ جو نتيجو هو، جڏهن ته هن اها به دعويٰ ڪئي ته ڀارت اسرائيل جي چوڻ تي پاڪستان تي حملو نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندس بقول پاڪستان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ وڃي رهيو هو، هن چيو ته مودي سان گڏجي ڊرامو ڪيو ويو، مودي چاهي ها ته ٻن منٽن ۾ ان کي فڪس ڪري ڇڏي ها، هو ان جي ڪري بيهي رهيو ته ان جي پٺيان اسرائيل هو، هن چيو ته هنن کي پاڪستان کان اسرائيل کي تسليم ڪرائڻ هو، ٽرمپ به ان جي ڪري ان جي تعريفون ڪندو آهي، نه ته اوهان جو ڪهڙو خيال آهي ته هي ٽرمپ کي سٺا لڳندا آهن، نورين نيازي چيو ته هنن کي ابراهم ايڪارڊ ڪرائڻو هو، اسرائيل جا پاڪستان سان رابطا هئا، ان جي ڪري هي سمورو ڊرامو پاڪ فوج کي عزت ڏيارڻ لاءِ ڪيو ويو، هن معاملي بابت نورين نيازي جي دعوائن جي آزاد ذريعن کان تصديق سامهون نه آئي، جڏهن ته ان حوالي سان سرڪاري ادارن طرفان به ڪو باضابطه ردعمل جاري ناهي ڪيو ويو.

 

You might also like