عدم تشدد جي فلسفي بابت هڪ مشهور خيال اهو آهي ته پرامن احتجاج تڏهن وڌيڪ اثرائتو هوندو آهي، جڏهن ان کي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ سماج ۽ ميڊيا موجود هجن. پر جڏهن ڪنهن قوم جو آواز مسلسل نظرانداز ڪيو وڃي، احتجاجن کي دٻايو وڃي ۽ ڳالهه ٻڌڻ وارو ڪو به نه رهي، تڏهن اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته پوءِ ان قوم وٽ مزاحمت کان سواءِ ٻيو ڪهڙو رستو بچي ٿو؟
هيءُ بحث اسان کي پنهنجي خطي جي موجوده تحريڪن ڏانهن وٺي وڃي ٿي. سنڌ ۾ تازن مهينن دوران سنڌو درياهه تي ڪينال ٺاهڻ خلاف هلندڙ تحريڪ تاريخي شڪل اختيار ڪئي. "ڪينال سمورا نامنظور” جا نعرا رڳو سياسي ڪارڪنن تائين محدود نه رهيا، پر ٻار، نوجوان، عورتون ۽ عام شهري به ان جو حصو بڻيا. ٻٻرلوءِ جو ڌرڻو سنڌ جي سياسي تاريخ جو اهم باب بڻيو، جنهن ذريعي قومي توڙي عالمي سطح تي اهو پيغام ويو ته سنڌ جو عوام درياهه تي نون ڪينالن ۽ ڊيمن جي مخالفت ڪري رهيو آهي. هن تحريڪ اهو ثابت ڪيو ته سنڌ وٽ اڃا به پنهنجي اسٽيج موجود آهي، جتان هو پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهي ٿو ۽ دنيا تائين پنهنجو آواز پهچائي سگهي ٿو.
ٻئي پاسي بلوچستان ۾ جبري گمشدگين خلاف هلندڙ تحريڪ به عالمي ڌيان جو مرڪز رهي. ماه رنگ بلوچ ۽ سمي بلوچ جهڙين اڳواڻن کي عالمي سطح تي سڃاڻپ ملي، پر ساڳئي وقت اهڙا مرحلا به آيا، جڏهن سندن آواز کي دٻائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ قومي ميڊيا ۾ ڪوريج محدود ٿيندي وئي. جڏهن احتجاج جو هر رستو بند ڪيو وڃي، تڏهن ڇا اڃا به ساڳي شدت سان عدم تشدد جي اميد رکڻ مناسب آهي؟ اهو سوال رڳو بلوچستان جو نه، پر هر ان سماج جو آهي، جتي رياست ۽ عوام جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جا دروازا بند ٿين ٿا.حڪمرانن جي ذميواري هوندي آهي ته هو اختلاف ڪندڙ شهرين سان ڳالهائين، سندن خدشن کي ٻڌن ۽ سياسي مسئلن جو سياسي حل ڳولين. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستان ۾ ڪيترن ئي اهم عوامي معاملن تي حڪومتن سنجيده ڳالهه ٻولهه بدران خاموشي يا سختيءَ جو رستو اختيار ڪيو. نتيجي ۾ احتجاج ڊگها ٿيندا ويا ۽ بي اعتمادي وڌندي وئي آھي. سنڌ ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ هلندڙ ڌرڻو پڻ هن سماجي سجاڳيءَ جي علامت بڻجي ويو آهي. شروعات ۾ اهو هڪ خاندان جي درد جي ڪهاڻي هئي، پر اڄ اها سڄي سنڌ جو گڏيل مطالبو بڻجي چڪي آهي. نوجوان، عورتون، ٻار ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا مسلسل احتجاج جو حصو آهن. اڄ پريا ڪماري رڳو هڪ نياڻي جو نالو نه، پر انصاف جي علامت بڻجي وئي آهي. ساڳئي وقت سنڌ ۾ تعليم، ميرٽ ۽ روزگار جا سوال به هڪ نئين سياسي شعور کي جنم ڏئي رهيا آهن. پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ٽيسٽ پرچا ليڪ ٿيڻ خلاف نوجوان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن. سماج سڌارڪ ۽ انجنيئر سونم وانگچڪ تعليمي سڌارن لاءِ بک هڙتال ڪئي ته ملڪ جي ڪيترن ئي علمي ۽ ثقافتي شخصيتن حڪومت تي زور ڏنو ته ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي. بنگلاديش ۾ به نوجوانن ڪرپشن خلاف هڪ وڏي سياسي تبديليءَ جو رستو هموار ڪيو. اهي مثال ٻڌائين ٿا ته نوجوان جڏهن منظم ٿين ٿا ته هو سماج جي رخ کي بدلائي سگهن ٿا. سنڌ ۾ به نوجوان ڪرپشن، اقربا پروري ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف آواز اٿاري رهيا آهن، پر سڀ کان وڏي رڪاوٽ شايد اها سماجي سوچ آهي، جيڪا هر احتجاج کي بيڪار سمجهي ٿي. "احتجاج مان ڇا ٿيندو؟” يا "حڪومت ته اهو ئي ڪندي جيڪو کيس ڪرڻو آهي” جهڙا جملا ماڻهن کي جدوجهد کان پري ڪن ٿا. جڏهن سماج پاڻ ئي نااميد ٿي وڃي ته تبديلي جا رستا به ڏکيا ٿي وڃن ٿا. سنڌ جا پڙهيل لکيل نوجوان چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته قابليت هوندي به روزگار حاصل ڪرڻ ڪيترو مشڪل ٿي ويو آهي. مسئلو صلاحيتن جي کوٽ نه، پر اهڙي نظام جو آهي، جتي اقربا پروري ۽ ڪرپشن ميرٽ تي حاوي ٿي وڃن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ نوجوانن جو احتجاج ڪنهن هڪ نوڪريءَ لاءِ نه، پر پوري نظام ۾ شفافيت لاءِ آهي.
ساراھه جوڳي ڳالهه اها آهي ته نوجوانن رڳو احتجاج تائين پاڻ کي محدود نه رکيو، پر قانوني رستو به اختيار ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي ۽ عدالت متاثر شاگردن جي حق ۾ فيصلو ڏنو. بعد ۾ آئيني عدالت ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، پر ان باوجود شاگردن مايوسيءَ بدران پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. اها ڳالهه ٻڌائي ٿي ته هو پنهنجي حقن لاءِ قانوني ۽ جمهوري جدوجهد تي يقين رکن ٿا.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تازن نتيجن کان پوءِ به ميرٽ بابت ڪيترائي سوال اٿيا. ڪيترن ئي اميدوارن چيو ته لکت واري امتحان ۾ وڌيڪ نمبر حاصل ڪرڻ باوجود کين انٽرويو ۾ ناڪام ڪيو ويو، جڏهن ته گهٽ نمبر کڻندڙ ڪجهه اميدوارن کي غيرمعمولي مارڪون ڏئي سيٽون الاٽ ڪيون ويون. انهن اعتراضن کان پوءِ متاثر شاگردن احتجاجي مهم شروع ڪئي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي.
سنڌ وٽ اڄ به اسٽيج موجود آهي، آڊيئنس به موجود آهي ۽ احتجاج جو جمهوري حق به موجود آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا هي آواز اهڙو مضبوط بڻجي سگهي ٿو، جيڪو ڪرپشن، ناانصافي ۽ ميرٽ جي لتاڙ کي سماجي طور ناقابلِ قبول بڻائي ڇڏي؟ جيڪڏهن اهو ٿي ويو ته شايد احتجاج صرف نعرو نه رهندو، پر انقلاب جي شروعات بڻجي ويندو.