ڊاڪٽر آڪاش جو قتل ۽ ڪجهه زميني حقيقتون

جڳديش آهوجا

اسان کي سوچڻو پوندو تہ، ‘اسان اڄڪلهه ھر واردات کي مذھب ۽ قوميت سان ڇو جوڙي رھيا آھيون ۽ ھن  مظلوميت جي بيانئي جو اسان حقيقت کان وڌيڪَ وڌاءُ ڇو ڪري رھيا آھيون؟’ . ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر آڪاش جي قتل کي پھرين ھندو برادري سان ناحق جي بيانئي سان جوڙيو ويو ۽ وري ڪجهھ حلقن ان کي ڪراچي ۾ سنڌين خلاف سازش جي بيانئي سان جوڙيو جن ٻنھي ڳالھين جو حقيقت سان ڪو تعلق نہ ھيو. پوءِ ڇا اسان پنهنجي سوچ جو خود تنقيدي جائزو وٺي پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۽ سوچ جي تنگ نظر دائرن کان نڪري ڪڙين سچاين کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آھيون؟

ڊاڪٽر آڪاش جو قتل ھڪ انساني الميو آھي جيڪو روايتي سماجي ڏوھ جي نتيجي ۾ رونما ٿيو آھي، جنھن جو مذھب ۽ قوميت وغيره سان ڪو تعلق ناھي. پوءِ اسان غير ضروري طور ان کي انھن ٻنھي سان ڇو جوڙيو؟ ھن واقعي جي شروعاتي گھڙين ۾ ئي ڊاڪٽر آڪاش جي والد انتھائي ڪرب ۽ اذيت مان گذرندي بہ اھا سچائي بيان ڪئي تہ، ‘ھتي ھندن سان بہ ناحق آ، مسلمانن سان بہ ناحق آ، اصل ۾ انسانيت ختم ٿي وئي آهي.’ پر ان ھوندي بہ اسان اھو ئي ماتم ڪندا رھياسين تہ ھي ھندو برادري سان ناحق آ، ڏسو ھڪ ئي ڏينھن ۾  ٽن ھندو گھراڻن سان واردات ٿي آھي  ۽ وري اسان ان جو دائرو وڌائي ان کي ڪراچي ۾ سنڌين خلاف سازش سان جوڙي ڇڏيو!

پوءِ جڏھن ڏوھاري پڪڙيا ۽ اھي خود ھندو سنڌي ئي نڪتا تہ ڇا اسان پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيو؟ جڏھن خبرون اچڻ شروع ٿيون تہ  ٻہ ڏوھاري  ھندو سنڌي رامچند ۽ ساگر پڪڙيا ويا آهن تہ اسان کان ‘جوان پٽ جي وڇوڙي جو درد’ بہ وسري ويو ۽ اسان پنهنجي غلط بيانئي تي شرمسار ٿيڻ، پنھنجي غلطي جو اعتراف ڪرڻ ۽ اصلاح ڪرڻ بدران وري نڪ جي پڪائي سان شروع ٿي وياسين، ‘اڙي ھي تہ ھنن جا پنھنجا نڪتا!’ پوءِ ڏک ۽ ھمدردي جي جاءِ ورتي حيرت ۽ چٿر بازيءَ. سوشل ميڊيا تي ڪا خبر ھلي مس ٿي تہ اسان حقيقت ڄاڻڻ جو انتظار ڪرڻ ۽ گھرائي ۾ سوچڻ ۽ جائزو وٺڻ بدران شروع ٿي وڃون ٿا فتوائون ڏيڻ ۽ ائين اسان جي سوچ جي دائرن جو سطحي پڻو ۽ اسان جي  ذھنن جي تنگ نظري ۽ اسان جا تعصب بہ الٽي ڪري اچي پڌري پٽ پون.

ڊي آءِ جي سائوٿ جي پريس ڪانفرنس ٻڌڻ کانپوءِ بلڪل واضح ٿي ويو تہ نہ ھي ھندو برادري سان ڪا ظلم جي واردات ھئي، نہ ھيءَ ڪراچي ۾ سنڌين خلاف ڪنھن سازش جي ڪڙي ھئي ۽ نہ ئي ڦورو ۽ قاتل ‘ھنن جا پنھنجا’ ھيا. ڊي آءِ جي سائوٿ واضح لفظن ۾ ٻڌايو تہ واردات ۾ ملوث ملزم عادي ڏوھاري آھن ۽ اڳ بہ ڏوھن ۾ گرفتار ٿي چڪا آهن. 3 ڏوھاري اوڏ آھن، ھندو آھن پر ڊاڪٽر آڪاش جي خاندان سان انھن جو ڪو تعلق ڪونھي.

‘ھاڻي ڀلا اھي سڀ دوست جن سوشل ميڊيا تي طعنن ۽ طنزن جا تير ھڻي ڊاڪٽر آڪاش جي خاندان جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو، اھي ايتري اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪندا جو ھو پنھنجي غلط عمل تي شرمندگي ۽ پڇتاءُ جو اظھار ڪن؟ ۽ ڇا جن دوستن ھن المناڪ انساني سانحي کي  ھندو برادري سان ظلم ۽ سنڌين خلاف سازش جي بيانئي سان جوڙيو، سي ائين ئي وڏي واڪ پنھنجي غلطي جو اعتراف ۽ پنھنجي اصلاح ڪندا يا وري ان دليل ۾ پناھ وٺندا تہ، ‘ان ۾ اسان جو ڪھڙو ڏوه آھي، ھتي ھندو برادري سان ايڏو ظلم آھي، سنڌين خلاف بہ ايڏيون سازشون ٿين پيون جو اسان ائين ئي سمجھيو تہ ھي بہ اھڙي ڪا واردات آھي.’ سچ اھو آھي تہ جڏھن الزام ٻئي جي سر تي ھڻڻو ھوندو آھي تہ اسان بنھ دير ناھيون ڪندا پر جي آڱر پاڻ ڏانھن کڄي تہ پيا ھيڏانھن ھوڏانھن سبب ڳولڻ ۽ دليل گھڙڻ شروع ٿي ويندا آهيون. تمام گھڻين خرابين جي وڌي وڻ ٿيڻ جو ھڪ اھم ڪارڻ اھو بہ آھي تہ اسان پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي پنهنجي ضمير جي آئيني ۾ پنهنجي شڪل ڏسڻ پسند ناھيون ڪندا ۽ براين جي پاڙ ويندي آهي اونھي ٿيندي.

جتي اھو سچ آھي تہ ھتي سنڌي ھندن سان گڏ سڄي سنڌي قوم ظلم، ناحق ۽ غلاميءَ جي گھاڻي ۾ پيسجي رھي آھي اتي اھو بہ ڪڙو سچ آھي تہ سنڌي ھندن سميت سنڌي قوم جي وسيع اڪثريت ان ظلم ۽ ناحق کي نہ رڳو قبول ڪري ورتو آهي ۽ ان خلاف مستقل مزاجيءَ سان جدوجھد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي بلڪ اڪثر موقعن تي  ان ظلم خلاف جدوجھد ڪندڙ فردن ۽ قوتن کي بہ طنز ۽ چٿر جو نشانو بڻائيندي رھي ٿي ۽ گڏوگڏ پنهنجي روز مرہ جي ڪار وھنوار ۾ سڌي يا اڻسڌي ريت ھن ظالماڻي نظام ۽ حڪومت کي ھٿي بہ بخشي رھي آھي.

اوھان مڃو يا نہ مڃو پر سچ اھو ئي آھي تہ حڪومت جي ڪڌن ڪرتوتن ۽ اسان جي پنهنجي اعمالن ڪري اڄ اسان جا ٻچڙا ائين راھ ويندي مري رھيا آھن. اھي اسين ئي آھيون جيڪي پنهنجي پنهنجي خسيس مفادن خاطر وري وري  ان ئي ظاماڻي نظام ۽ حڪومت وقت جا سڌي اڻسڌي ريت ڀرجھلا ٿيندا آھيون تڏھن تہ سنڌي ۾ چوڻي آهي تہ ‘پنھنجي ڪئي جو نہ ويڄ نہ طبيب’

اسان اھا روش بدلائي پڇاڻو ۽ مزاحمت ڪيون تہ نيٺ حڪومت وقت کي بہ گوڏا کوڙڻا پوندا. ڏوھن ۽ براين کي قبول ڪرڻ بدران ھر قسم جي برائي، ڏوھ ۽ ظلم خلاف ثابت قدم جدوجھد ئي اسان جي ٻچڙن کي تحفظ فراهم ڪري سگهي ٿي. باقي ھر واردات تي ٻہ ڏينھن ماتم پٽڪو ڪري وري ساڳي ڪرت سان لڳي وڃڻ سان اھڙا ئي ظالم، مڪار، ٺڳ ۽ بدڪردار حڪمران ئي حڪومت نہ ڪندا تہ ٻيو ڪير ڪندو؟ پوءِ اجايو حڪومت کي بہ ڏوھ ڇو ٿا ڏيون، جڏھن تہ اسان پاڻ بہ انھن جا ساٿاري لڳا پيا آهيون؟ گھڻو نہ سھي ٿورو ئي، سوچيو تہ سھي.

‘ڇو پير پساري ويٺو آن، اٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.’

‘ائين نہ چئو تہ ڪجھ نہ ٿيندو، ھمت ڪندين تہ ھي ڏينھن بہ گھاري وينداسين ۽ ماڻينداسين آزاديءَ جي منزل ۽ صاف سٿري سياست سان صاف سٿرو انسان دوست سماج.’

 

You might also like