هر سال جولاءِ ۽ آگسٽ جا مهينا سنڌ سميت سڄي ملڪ لاءِ مون سون برساتن جو پيغام کڻي ايندا آهن. برساتون جتي زمينن کي سيراب ڪري زرعي معيشت کي هٿي ڏين ٿيون، اتي غيرمعمولي وسڪارن سبب ٻوڏن ۽ تباهين جو خطرو به وڌي ويندو آهي. هن سال به موسميات جي ماهرن طرفان معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موجود ڪاڇي جي گاج بند ۽ ٻين حفاظتي بندن ۽ پاڻي نيڪال واري نظام بابت خدشا وڌي ويا آهن. دادو ضلعي ۽ ڪاڇي جي علائقن ۾ تباهي آڻيندڙ گاج بند سالن کان مرمت جو منتظر آهي. وقت سر سار سنڀال نه ٿيڻ، وسيلن جي کوٽ، ناقص رٿابندي ۽ لاڳاپيل ادارن جي سستي سبب ڪيترائي بند ڪمزور ٿي چڪا آهن. جيڪڏهن تيز برساتن دوران گاج بند پاڻي جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيو ته ڀرپاسي جا ڳوٺ، فصل، روڊ، اسڪول ۽ ٻين بنيادي سهولتن کي وڏو نقصان پهچي سگهي ٿو.هن وقت به گاج بند ڪيترن ئي حصن تان مڪمل طرح ڪمزور حالتن ۾ پيل آھي
اسان جي ملڪ ۾ هر سال وڏين برساتن کان پوءِ امدادي سرگرمين تي زور ڏنو ويندو آهي، پر اڳواٽ تياري ۽ حفاظتي منصوبابندي تي گهربل ڌيان گهٽ ڏنو ويندو آهي. حقيقت اها آهي ته قدرتي آفتن کي روڪي نٿو سگهجي، پر بهتر انتظام، مضبوط انفراسٽرڪچر ۽ بروقت اپائن سان نقصان کي گهڻو گهٽائي سگهجي ٿو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آبپاشي کاتو، دادو ضلعي انتظاميا، صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن. ڪمزور بندن جي فوري سروي ڪري مرمت جو ڪم تيز ڪيو وڃي، مشينري ۽ امدادي سامان حساس علائقن ۾ اڳواٽ پهچايو وڃي، ۽ مقامي آبادين کي ممڪن خطرن بابت آگاهه ڪيو وڃي ساڳئي وقت پاڻي جي نيڪال لاءِ نالن ۽ ڊرينن جي صفائي کي به يقيني بڻايو وڃي، جيئن برساتي پاڻي آساني سان وهي سگهي.
ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن جو ڪردار به انتهائي اهم آهي. مقامي ماڻهو جيڪڏهن بندن ۾ ڪنهن به قسم جي ڏار، رساءُ يا ڪمزوري ڏسن ته فوري طور لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏين. قدرتي آفتن سان مقابلي لاءِ حڪومت ۽ عوام جي گڏيل ذميواري ئي ڪاميابي جي ضمانت بڻجي سگهي ٿي.
ماضي جون تباهيون اسان لاءِ وڏو سبق آهن. 2010، 2011 ۽ 2022ع جي ٻوڏن هزارين خاندانن کي بي گهر ڪيو، لکين ايڪڙ فصل تباهه ٿيا ۽ معيشت کي اربين رپين جو نقصان پهتو. جيڪڏهن انهن تجربن مان سبق حاصل نه ڪيو ويو ته هر سال ساڳين ڏکن کي منهن ڏيڻو پوندو.
اڄ وقت جو اهم تقاضو اهو آهي ته هنگامي حالتن جو انتظار ڪرڻ بدران اڳواٽ حفاظتي قدم کنيا وڃن. مضبوط گاج بند، بهتر پاڻي نيڪال جو نظام، جديد اڳڪٿي وارو نظام ۽ ادارن جي مؤثر هم آهنگي ئي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهي ٿي. جيڪڏهن اڄ ذميواري سان ڪم ڪيو ويو ته سڀاڻي ممڪن تباهي کان بچي سگهجي ٿو، ٻي صورت ۾ معمولي غفلت به وڏي انساني الميي کي جنم ڏئي سگهي ٿي.
مون سون برساتون قدرت جو انمول تحفو آهن، پر انهن کي نعمت بڻائڻ يا زحمت ۾ تبديل ٿيڻ جو دارومدار اسان جي منصوبابندي، تياري ۽ ذميوار عمل تي آهي.