ڊاڪٽر ماهه رنگ ۽ صبغت الله بلوچ جي عمر قيد خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور

ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز)بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بينچ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (بي واءِ سي) جي سربراهه ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ ۽ مرڪزي اڳواڻ صبغت الله بلوچ جي عمر قيد خلاف داخل ڪيل اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي پراسڪيوشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.اهي اپيلون دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪوئيٽا ون جي ان فيصلي خلاف داخل ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ ۽ صبغت الله بلوچ کي فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جي هڪ اهلڪار جي قتل واري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ملي هئي،پراسيڪيوشن موجب جولاءِ 2024ع ۾ "بلوچ راجي مچي” نالي جلسي دوران پٿر لڳڻ سبب هڪ ايف سي اهلڪار فوت ٿي ويو هو.پراسيڪيوشن جو الزام آهي ته ٻنهي اڳواڻن جي ڀڙڪائڻ تي هڪ هجوم ايف سي جي گاڏي تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار مارجي ويو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي خلاف اپيلن جي ٻڌڻي جسٽس گل حسن ترين ۽ جسٽس نجم الدين مينگل تي ٻڌل بينچ ڪئي.ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ جي وڪيلن خالد خان بلوچ ايڊووڪيٽ، شعيب ايڊووڪيٽ ۽ ناديه بلوچ ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.خالد خان بلوچ ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ ۽ صبغت الله بلوچ کي بي بنياد الزامن جي بنياد تي سزا ڏني وئي.سندس چوڻ موجب، سيشن ڪورٽ گوادر ساڳئي ڪيس ۾ استغاثه پاران پيش ڪيل شاهدين کي رد ڪندي هڪ جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته انهن ئي شاهدين جي بنياد تي بي واءِ سي جي اڳواڻن کي سزا ٻڌائي وئي.هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلندڙ ٽرائل قانون ۽ انصاف جي تقاضائن مطابق نه هو، ڇاڪاڻ ته درخواستگذارن جا پنهنجا وڪيل موجود هجڻ باوجود عدالت انهن لاءِ سرڪاري وڪيل (اسٽيٽ ڪائونسل) مقرر ڪيو.خالد خان بلوچ موجب، هن مبينا غيرمنصفاڻي ٽرائل خلاف نه رڳو درخواستگذارن عدالت جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو هو، پر فيصلي کان اڳ ان حوالي سان بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست پڻ داخل ڪئي وئي هئي

 

You might also like