ميرپورخاص ۾ ناري جو پراسرار موت، قتل جو شڪ، ٻن ڀائرن سوڌو 6 ڄڻا گرفتار

ميرپورخاص (غفار رند) ميرپورخاص جي ڪريم ٽائون واري علائقي ۾ 18 ورهين جي نينگري انوشا آرائين جي پراسرار موت واري واقعي بعد پوليس نينگري جي ٻن ڀائرن سميت ڇهن ڄڻن کي جاچ لاءِ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته قائم مقام ايس ايس پي ميرپورخاص سھائي عزيز ٽالپر واقعي واري هنڌ پهچي وارثن سان ملاقات ڪري معلومات حاصل ڪئي، ايس ايس پي موجب نينگري جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن، پر موت جو اصل ڪارڻ پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ئي واضح ٿي سگهندو، ڊي آءِ جي ميرپورخاص رينج ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد جاچ جا حڪم جاري ڪيا، جنهن تحت پوليس نينگري جي ٻن ڀائرن بلال ۽ بابر، ٽن مامن رضوان، جميل ۽ عقيل، جڏهن ته هڪ ٻئي شخص عاصم کي جاچ لاءِ تحويل ۾ ورتو، هوڏانهن قائم مقام ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر مقتولا جي گهر پهچي سندس والده ۽ ڀيڻ جا بيان قلمبند ڪيا ۽ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو، پوليس ذريعن موجب نينگري جي ڳچيءَ تي بيلٽ يا رسي سان گهٽو گُهٽڻ جهڙا نشان موجود آهن،  جڏهن ته اکين هيٺان، هٿن ۽ پيرن تي پڻ زخمن جا نشان مليا آهن. ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر تصديق ڪئي ته نينگري جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن، پر هن چيو ته هن مرحلي تي اهو چوڻ قبل از وقت هوندو ته اهي ئي نشان موت جو سبب بڻيا يا ان پٺيان ڪو ٻيو ڪارڻ آهي. سندس چوڻ هو ته واقعي جي هر پهلو کان جاچ جاري آهي ۽ شڪ جي بنياد تي ڪجهه ماڻهن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اڃا تائين وصول نه ٿي آهي، جنهن کان پوءِ ئي اهو واضح ٿي سگهندو ته نينگري جي موت حادثاتي هئي، خودڪشي هئي يا ان جي پٺيان ڪنهن ڏوهاري ڪارروائي جا عنصر شامل آهن. هن چيو ته مقتولا جي والده ۽ ڀيڻ جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جاچ جي مفاد خاطر هن وقت وڌيڪ تفصيل ميڊيا سان شيئر نٿا ڪري سگهجن، واضح رهي ته واقعي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي مختلف قسم جون قياس آرائيون گردش ڪرڻ لڳيون. پوليس موجب ڊي آءِ جي ميرپورخاص جي هدايت تي پوليس ۽ ليڊي پوليس اهلڪار جڏهن مقتولا جي گهر پهتا ته وارثن مبينا طور گهر جا دروازا بند ڪري ڇڏيا، جنهن بعد پوليس مداخلت ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. ان موقعي تي مقتولا جي مامن ۽ ٻين وارثن پوليس سان تلخ ڪلامي ڪئي ۽ قانوني ڪارروائي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي به ڪوشش ڪئي، جڏهن ته پوليس جاچ جو دائرو وڌائيندي مختلف پهلوئن کان واقعي جي ڇنڊڇاڻ جاري رکي.

 

You might also like