ڊاڪٽر آڪاش ڪيس ۾ 3 جوابدارن جو 7 ڏينهن جو جسماني رمانڊ

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن سريش عرف ساگر، رام چند ۽ انيل کي پوليس رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ پوليس 14ڏنيهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدارن کي  36 ڪلاڪن اندر جديد ٽيڪنيڪل شاهدن ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته واردات ۾ استعمال ٿيل گاڏي پڻ هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس جوابدارن کي غيرقانوني هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ رمانڊ لاءِ ٻئي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ پوليس پاران جوابدارن جا منهن ڌڪي کڻي آئي هئي، جج چيو ته جوابدارن کي چيمبر ۾ وٺي هلو جوابدارن جا چهرا ڏسڻا آهن، ڊاڪٽر آڪاش ڪمار کي 13جولاءِ تي ڪراچي جي فريئر ٿاڻي جي حدن ۾ ٽي تلوار ڀرسان ڦر دوران قتل ڪيو ويو هو بعد ۾ ان واقعي جو ڪيس پڻ فريئر ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو.

 

You might also like