الله کي مڃو، تعليم کي ڪاروبار نه سمجهو

منور جوڻيجو

تعليم هر قوم جي ترقيءَ جو بنياد آهي. اسان جي دين اسلام ۾ به پهرين وحي "اقراء” يعني "پڙهه” سان شروع ٿي. پر افسوس جو اڄ اسان جي معاشري ۾ تعليم جهڙي مقدس فرض کي به منافعي وارو ڪاروبار بڻايو ويو آهي. ڪراچي توڙي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ هاڻ اها صورتحال آهي جو هر محلي، هر گهٽي ۾ بغير رجسٽريشن جي ٻه ٽي پرائيويٽ اسڪول نظر اچن ٿا. انهن مان گهڻن وٽ نه پنهنجي عمارت آهي، نه راند جو ميدان، نه اسيمبلي جي جاءِ. ڪينٽين، لائبريري يا سائنس ليب جو ته تصور ئي ناهي. بس هڪ سوڙهي گهٽي ۾ ٻن ڪمرن جو گهر 15-20 هزار مسواڙ تي وٺي، ٻاهر چمڪندڙ بورڊ لڳايو وڃي ٿو – "آڪسفورڊ گرامر اسڪول” يا "برٽش اسڪول سسٽم”.

والدين به خوش ۾ ته انگلش ميڊيم اسڪول آهي من ٻار ”پاڪستاني مان انگريز ٿي وڃي“۽ دنيا کي فتح ڪري ۽ پوءِ پنهنجي ٻارن جو مستقبل بچائڻ لاءِ انهن "دڪان نما اسڪولن” ۾ داخل ڪرائين ٿا.  سوال اهو آهي ته ڇا تعليم جو مقصد صرف هر مهيني فيس اوڳاڙڻ آهي؟ ڇا ٻارن جي جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه جي ڪا اهميت ناهي؟ ماهر نفسيات چون ٿا ته ٻار جي بهترين تربيت لاءِ راند جو ميدان، صبح جو اسيمبلي، دوستن سان گڏ رسيس، ۽ صاف سٿرو ماحول بنيادي ضرورت آهي. پر اهڙن اسڪولن ۾ ٻار سڄو ڏينهن هڪ بند، اونداهي ۽ گُهٽيل ڪمري ۾ گذارڻ تي مجبور آهن. نه تازي هوا، نه سج جي روشني، نه جسماني ورزش. اهڙي ماحول ۾ ٻار جو ذهن ڪيئن کُلي سگهي ٿو؟ هي تعليم ناهي، هي معصوم ٻارن جي مستقبل سان ڪا کيڏ  آهي.

هن ڪاروبار جو سڀ کان وڏو نقصان قوم کي ٿي رهيو آهي. اسين رٽو هڻي طوطا پيدا ڪري رهيا آهيون، سائنسدان، اديب يا ليڊر نه. ٻار ۾ اعتماد، ليڊرشپ ۽ ٽيم ورڪ جهڙيون خوبيون رڳو ڪتاب پڙهڻ سان نه، راند جي ميدان ۽ اسيمبلي جي نظم وضبط سان اچن ٿيون. سو واڳ ڌڻين ۽ وقت جي حاڪمن کي هي مودبانه اپيل آهي ته بنا رجسٽريشن جي هڪ به پرائيويٽ اسڪول نه هلي. رجسٽريشن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 2000 اسڪوائر گز جي پلاٽ تي عمارت، راند جو ميدان، اسيمبلي هال، لائبريري، صاف واش روم، پيئڻ جو صاف پاڻي، ۽ ڪينٽين لازمي قرار ڏني وڃي.

تعليم کاتي جون خاص ٽيمون هر مهيني اوچتو دورا ڪن. جيڪو اسڪول معيار تي پورو نه لهي ان کي پهرين وارننگ، ٻئي دفعي ڳرو ڏنڊ ۽ ٽئين دفعي سان هميشه لاءِ بند ڪيو وڃي جو حڪم نامو جاري ڪيو وڃي. فيس جو تعين اسڪول جي ڏنل سهولتن مطابق هئڻ گهرجي. ڊي سي ۽ تعليم کاتي جي منظوري کانسواءِ ڪو به اسڪول فيس نه وڌائي سگهي. پرائيويٽ اسڪول جي استادن لاءِ به تعليم گهٽ ۾ گهٽ گريجوئيشن لازمي هئڻ گهرجي  ۽ 8-10 هزار پگهار تي ميٽرڪ پاس استاد رکي ٻارن جو مستقبل تباهه ڪرڻ بند ڪيو وڃي.  والدين کي به خدا جو واسطو آهي ته پنهنجي ٻارن جي داخلا کان اڳ اسڪول ضرور ڏسن وائسن. صرف چمڪندڙ بورڊ، انگلش ميڊيم جي ليبل يا "ماڊرن” نالي کان متاثر نه ٿيو. اسڪول جي پرنسپل کان پڇو:

– ڇا توهان وٽ ٻارن لاءِ کيڏڻ جي جاءِ آهي؟

– صبح جو اسيمبلي ٿئي ٿي؟

– رسيس ۾ ٻار ڪٿي ويهن ٿا؟

– واش روم صاف آهن؟

تعليم کي ڪاروبار بڻائيندڙ واپارين کي الله جو خوف ڪرڻ گهرجي. هي قوم جا ٻار آهن، اسان جي سڀاڻي جا معمار، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ استاد آهن. انهن سان واپار نه، انهن جي تربيت ڪئي وڃي. حڪومت، والدين، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا سڀ گڏجي هن ڪاروباري سوچ جي خلاف آواز اٿارين ته جيئن اسان جا ايندڙ نسل هڪ بهتر، با مقصد ۽ معياري تعليم حاصل ڪري سگهن ۔ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ حصو وٺي قوم ۽ وطن جو نالو روشن ڪن.

 

You might also like