ڪتاب ”پتنگن پهه ڪَيو“ تي ھڪ نظر

ساگر ميمڻ

خاڪا نويسي جي تاريخ تمام پراڻي آھي، خاڪا نويسي سوانح عمري جي صنف ليکي وڃي ٿي، سنڌيءَ  ادب ۾ کوڙ سارن ليکڪن پاران سياسي، قومي، ادبي توڙي مختلف شخصيتن تي خاڪا لکيا ويا، آھن، جنهن موضوع تي کوڙ ڪتاب به ڇپيل آھن، جن جا ڪي مجموعا  مشهور ۽ معروف به آھن، ھتي نالا لکڻ سان فهرست ڊگهي ٿي ويندي، خاڪن جي ڪتاب کي پڙھڻ سان نه فقط شخصيت جي متعلق معلومات ۽ ڄاڻ ملي ٿي، پر ليکڪ جي تخليقي صلاحيت، فن ۽ اسلوب جي پرک به پوي ٿي،  جڏھن ته اُن ڳالهه جو خيال به رکڻو پوي ٿو ته خاڪو لکڻ ۽ شخصيت جي ڪهاڻيءَ لکڻ ۾ فرق آھي! مثال طور ڪي ليکڪ شخصيت تي خاڪو لکڻ مهل پنهنجو انداز بيان – ڪهاڻي جي ٽيڪنيڪ جهڙو رکڻ ٿا، اُھو خاڪي جي ٽيڪنيڪ ناھي، صنف جي نفي آھي، ڇاڪاڻ ته خاڪو تصور ناھي، حقيقت آھي.

رمضان ميمڻ جو خاڪن تي ٻڌل ڪتاب ”پتنگن پهه ڪَيو“ ڇپجي پڌرو ٿيو آھي، آئون ھتي سندس خاڪن تي ڳالهائڻ کان اڳ ھن جي ادبي، سياسي، صحافتي ۽ ذاتي پس منظر جي حوالي سان ويچار ونڊيس، رمضان ميمڻ ساحلي پٽيءَ جي ضلعي سجاول جي تاريخي ۽ قديمي تعلقي جاتي جو رھاڪو آھي، پاڻ جاتي شهر ۾ پيدا ٿيو آھي، صحافت، ادب، سياست، شوبز سان لاڳاپو رھيو اٿس، ھو سنڌيءَ اسٽيج ڊرامن، ٽيلي فلمن ۾ به ڪم ڪري چڪو آھي، رسول بخش پليجي جي قومپرست پارٽيءَ عوامي تحريڪ سان به لاڳاپيل ھو، سنڌي ادبي سنگت سنڌ سان به تنظيمي تعلق رکي ٿو، سنڌيءَ ادبي سنگت جو اڳوڻو مرڪزي پريس ترجمان به رھيو آھي، اُن کان علاوه شاخ جاتي، ٺٽي ۽ مڪليءَ جي مختلف عهدن تي ڪم ڪري چڪو آھي، سنڌ جي مختلف پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن جي رپورٽر طور ڪم ڪري چڪو آھي، ھو اڃا تائين صحافت سان لاڳاپيل آھي، ھن وقت نيشنل پريس مڪليءَ جو جنرل سيڪريٽريءَ آھي.

پاڻ مضمون نگار، شاعر، ڪهاڻيڪار، اداڪار، سياسي ڪارڪن، صحافي آھي، ھن ۾ اِھا به صلاحيت آھي ته سُٺا ۽ وڏا پروگرام ڪرائي سگهي ٿو، بهترين آرگنائيزر ھجڻ جو ڏانءُ به رکي ٿو، اُن جو ثبوت س. ا. س شاخ مڪليءَ پاران ڪرايل پروگرام آھن، اَئين چئجي ته پاڻ گهڻ رُخي صلاحيتن جو مالڪ آھي

رمضان ميمڻ جو مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪن جو ڪتاب ”پتنگن پهه ڪَيو“ 2025ع ۾ سنڌيءَ ادبي سنگت شاخ مڪليءَ، ٺٽو ۽ ايلسا پبليڪيشن اداري طرفان ڇپجي پڌڙو ٿيو آھي، پاڻ ڪتاب جي ارپنا انتهائي منفرد انداز سان ڪيائين آھي، ھن ڪتاب جي ارپنا ”ماءُ، پيءُ، گهرواريءَ، پُٽن، ڌيءَ ۽ پنهنجي ننهن“ کي ڪيائين آھي، جيڪو عمل تعريف، واکاڻ جوڳو آھي. ڪتاب تي اداري طرفان ليکڪ ڊاڪٽر مارو خشڪ، پنهنجي پاران رمضان ميمڻ ۽ مُهاڳ محقق، ليکڪ، تعليمدان محمد علي مانجهيءَ لکيو آھي. ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ ڇهاھٺ خاڪا شامل آھن، جيڪي مختلف شخصيتن مثال طور سياسي، قومي، مذھبي، ادبي، سماجي،  صحافتي، شوبز  سميت مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل فردن تي لکيل آھن، جن جي فهرست ڊگهي آھي، تنهنڪري! سمورا نالا ھتي لکجي نٿا سگهجن، اُھو پاسو پڙھندڙ جي حوالي ڪجي ٿو. ليکڪ خاڪا انهن شخصيتن تي لکيا آھن، جن جو پنهنجي شعبي ۾ لاڳاپو، ڪم، ڪردار، جدوجهد، جاکوڙ ۽ پورهيو ” مان ۽ ساراھه” جوڳو آھي، جن پنهنجي شعبن ۾ ڪنهن مقام کي ماڻيو آھي،  اُن بابت اظهار ليکڪ پنهنجي پاران ۾  ھن ريت ڪيو آھي ”ڪتاب جو عنوان ”پتنگن پهه ڪَيو“ لطيف سائينءَ جي بيت مان ورتل آھي، جيڪو ھڪ علامتي اظهار آھي،  ليکڪ اڳتيءَ لکي ٿو ته تيئن ھيءَ شخصيتون به علم، فڪر، حق ۽ سماجي سچائيءَ جي لاءِ پاڻ کي اُجهائي چڏين ٿيون“

مون مٿي لکيو ته خاڪو ڪهاڻي ناھي، بيشڪ! پر ھن پنهنجي خاڪن ۾ حقيقيءَ زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ بيان ڪئي آھي، جيڪا تصوراتي ڪهاڻي ناھي، شامل ڪردارن جي زندگيءَ جي حقيقت تي ٻڌل ” درد ڪهاڻي ” آھي، ليکڪ انهن ڪردارن کي جيئن ڏٺو ۽ سمجهيو آھي، تيئن ئي بيان ڪيو آھي، ليکڪ ڪردارن کي صرف مشاهدي جي اک سان ناھي ڏٺو پر! تجربي جي اک سان پسيو آھي، ڪٿي ڪٿي ڪردارن سان جيون ناتو جڙيل رھيو اٿس، اُھو ئي سبب آھي ته تڏھن خاڪو نيهن جي مس سان گهڙي لکيو اٿائين.

ليکڪ جي خاڪن ۾ فني جڙاوت ناھي،  نثر لکڻ جو فن گهٽ نظر اچي ٿو، خاڪن ۾ صحافتي لهجو ۽ انداز نمايان نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته ليکڪ بنيادي طور تي صحافي آھي، اِھو ڪارڻ آھي ته اُھو اثر نظر اچي ٿو.

ھن جو اسلوب اُھو پنهنجو آھي، جيڪو سندس گفتگو جو انداز آھي، اھڙو ئي سندس تخليق جو اسلوب لڳي ٿو، اُن جي بي خصوصيت اِھا آھي ته اُھي مختصر لکيل آھن، ليکڪ پنهنجي ڳالهه ۽ خيال کي اختصار سان بيان ڪيو آھي، اجائي ڊيگهه کان ڪم ناھي ورتو، سندس اھڙيءَ خوبي پڙھندڙ ۾ بوريت پيدا نه ڪندي، جيتوڻيڪ! سمورا لکيل خاڪا مختصر ناھن، ڪجهه خاڪا ڊگها به لکيا اٿس، پر اُن ۾ مقصد واري ڳالهه صاف ۽ واضح ھئڻ سبب پڙھندڙ کي ڪردار بابت پنهنجي رائي آسانيءَ سان سمجهائي وڃي ٿو

گرم موسم ۾ ٿڌو پاڻي پيئڻ کان پوءِ ماڻهو کي جهڙي تازگي محسوس ٿئي ٿي، تيئن رمضان ميمڻ جو ڪتاب ”پتنگن پهه ڪَيو“ پڙهڻ کان پوءِ به پڙهندڙ جي ذهن ۾ هڪ خوشگوار ۽ پُرسڪون احساس رهجي وڃي ٿو.

 

You might also like