نيب جي هلندڙ انڪوائري جي سلسلي ۾ تعليم کاتي سنڌ کان 1989 کان 30 جون 2020 تائين ڀرتي ٿيندڙ تدريسي ۽ غير تدريسي ملازمن جي تعليمي سندن ۽ لاڳاپيل رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هن قدم جو مقصد جعلي سندون، جعلسازي يا غلط معلومات جي بنياد تي حاصل ڪيل سرڪاري نوڪرين جي نشاندهي ڪرڻ آهي ته ان جو آجيان ڪيو وڃڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو دوکي سان سرڪاري نوڪري حاصل ڪئي يا بعد ۾ ناجائز فائدا ورتا ته ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڇو ته عوام جي ٽيڪس مان ادا ٿيندڙ هر پگهار جو حساب وٺڻ ضروري آهي. جڏهن ته هن انڪوائري سان گڏ ڪجهه اهم سوال به جنم وٺن ٿا، جن جو جواب حڪومت، محڪمه تعليم ۽ نيب کي عوام آڏو واضح ڪرڻ گهرجي. سڀ کان پهرين اهو ٻڌايو وڃي ته نيب هي انڪوائري ڪهڙي بنياد تي شروع ڪئي؟ ڇا ڪنهن شهري، ملازم يا اداري جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي وئي؟ ڇا تعليم کاتي ڪو ريفرنس موڪليو هو يا ڪنهن آڊٽ رپورٽ يا تحقيقاتي عمل ۾ اهڙين بي ضابطگين جي نشاندهي ٿي هئي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته ان جي نوعيت ڪهڙي هئي؟ اهڙي طرح اهو به واضح ٿيڻ گهرجي ته انڪوائري جو دائرو صرف 1989 کان 30 جون 2020 تائين ئي ڇو رکيو ويو؟ هن مدي جي مقرري جو قانوني يا انتظامي بنياد ڪهڙو آهي؟
ٻيو اهم سوال اهو آهي ته ڇا اهو عمل صرف موجوده تدريسي ۽ غير تدريسي ماتحت ملازمن تائين محدود آهي، يا انهن ئي ملازمن مان، چاهي انهن جو تعلق پرائمري، جونيئر، هاءِ اسڪول يا ٻين ڪيڊرن سان هجي، ترقي ڪري هيڊ ماسٽر، سينئر هيڊ ماسٽر يا ٻين انتظامي عهدن تي مقرر ٿيل آفيسر به هن جاچ جو حصو هوندا؟ جيڪڏهن احتساب جو معيار هڪ آهي ته ان جو لاڳو به سڀني تي هڪجهڙو ٿيڻ گهرجي. قانون عهدو نٿو ڏسي پر عمل ڏسي ٿو.
جيڪڏهن ڪنهن فرد بابت اهو ثابت ٿي وڃي ته هن جعلي تعليمي سندن يا غلط معلومات جي بنياد تي نوڪري يا ترقي حاصل ڪئي ته يقيناً هو قانون موجب جوابده آهي. پر ان سان گڏ اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته ان وقت انهن سندن جي تصديق ڪرڻ ڪنهن جي ذميواري هئي؟ مقرري جي منظوري ڪنهن ڏني؟ جيڪڏهن ڪنهن مرحلي تي تصديق جي گهرجن کي پورو نه ڪيو ويو، يا غفلت يا ملي ڀڳت ٿي، ته ڇا انهن لاڳاپيل آفيسرن جي ذميواري به طئي ڪئي ويندي؟ جيڪڏهن هڪ ملازم ڪيترن ئي سالن تائين نوڪري ڪندو رهيو، ترقيون حاصل ڪندو رهيو، سروس بڪ ٺهندي رهي، پگهارون ۽ ٻيون مراعتون به ملنديون رهيون، ته پوءِ احتساب صرف هڪ فرد تائين محدود ڇو هجي؟ شفاف احتساب جي گهر آهي ته پوري انتظامي نظام جو به جائزو ورتو وڃي.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪيترائي استاد ۽ محڪمه تعليم جا ٻيا ملازم مون سان رابطو ڪري رهيا آهن. انهن جو چوڻ آهي ته هو تعليمي سندن جي تصديق واري عمل جا مخالف نه آهن، پر شفاف ۽ بلاامتياز احتساب جا حامي آهن. هنن جي گذارش صرف ايتري آهي ته جيڪڏهن جاچ ٿيڻي آهي ته سڀني جي ٿيڻ گهرجي. صرف موجوده ماتحت ملازمن جي نه پر انهن مان ئي ترقي ڪري هيڊ ماسٽر، سينئر هيڊ ماسٽر يا ٻين انتظامي عهدن تي مقرر ٿيل آفيسرن جي رڪارڊ جو به هڪجهڙو جائزو ورتو وڃي، ته جيئن ڪنهن به قسم جي ٻٽي معيار جو تاثر پيدا نه ٿئي. اهڙي طرح نئين تعليمي سال جي شروعات ۾ مختصر مدي ۾ بار بار رڪارڊ ۽ دستاويز طلب ڪرڻ سان تدريسي عملو غير ضروري دٻاءُ محسوس ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن مقصد نظام جي سڌاري جو آهي ته اهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃڻ گهرجي جنهن سان احتساب به مؤثر ٿئي ۽ تعليمي سرگرميون به متاثر نه ٿين.
حڪومت ۽ نيب کي گهرجي ته انڪوائري مڪمل ٿيڻ بعد ان جا تفصيل به عوام آڏو رکن. ٻڌايو وڃي ته ڪيترن ملازمن جي رڪارڊ جي جاچ ٿي، ڪيتريون تعليمي سندون درست ثابت ٿيون، ڪيتريون شڪي يا جعلي نڪتيون، ڪهڙن فردن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن مرحلي تي ڪنهن سرڪاري آفيسر جي غفلت يا ذميواري سامهون آئي ته ان بابت ڪهڙو قدم کنيو ويو. احتساب ضرور ٿيڻ گهرجي، پر اهڙو احتساب جيڪو بنا فرق، شفاف ۽ سڀني لاءِ هڪجهڙو هجي. انصاف تڏهن ئي مضبوط ٿئي ٿو جڏهن قانون جو معيار هر عهدي ۽ هر فرد لاءِ برابر هجي.