فقير محمد لاشاري (ف.م.لاشاري) سنڌي صحافت ۽ ادب جو اهو نالو آهي، جنهن جي وجود سان سنڌ جي صحافتي ۽ ادبي دنيا مالا مال ٿي آهي. هو 4 سيپٽبر 1951ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي وارھھ جي ڳوٺ گاجي کھاوڙ ۾ پيدا ٿيو، جڏهن سنڌ سياسي ۽ سماجي لحاظ سان وڏين تبديلين مان گذري رهي هئي. فقير لاشاري پنھنجي ابتدائي تعليم به لاڙڪاڻي ضلعي مان حاصل ڪئي، هو ننڍپڻ کان ئي ڪتابن جو شيدائي رهيو، جنهن سان سندس فڪر کي گهرائي عطا ٿي ۽ قلم سگھارو بڻيو. ف. م. لاشاري جو قلم هميشه سماج جي دردن، حقن ۽ مسئلن لاءِ اٿيو.
سندس صحافتي سفر 80ع واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿيو. ان دور ۾ سنڌ سياسي لحاظ سان وڏي ڇڪتاڻ ۽ تحريڪن مان گذري رهي هئي. لاشاري صاحب اهو دور پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ قلم سان لکي محفوظ ڪيو. ھو ڪنهن به دٻاءُ هيٺ نه ايندو هو ۽ بي خوف قلم هلائيندو هو. ف.م.لاشاري جي تحريرن ۾ مظلوم طبقن جي ترجماني ملندي هئي. سندس لاءِ قلم عزت، ايمانداري ۽ فرض جي علامت هو. سندس لکڻين مان محسوس ٿيندو هو ته هو صحافت کي عبادت سمجهندو آهي. هن سنڌي اخبارن ۾ ڪيئي خاص صفحا شروع ڪيا، جهڙوڪ ادبي صفحو، نوجوانن جو صفحو ۽ تحقيقاتي مضمونن جا سلسلا. انهن صفحن ذريعي ڪيترن ئي نون قلمڪارن کي ميدان ۾ آندو. هو نوجوانن جي همت افزائي ڪندو رهيو، انهن کي لکڻ جون ٽيڪنيڪون سيکاريندو رهيو. هو چوندو هو ته ”نوجوانن جي قلم ۾ ئي قوم جي مستقبل جو اُجالو آهي.“
هن ڪيترائي افسانا، ڪهاڻيون، تنقيدي مقالا، مضمون ۽ ڪالم لکيا. سندس افسانن ۾ انساني درد، غربت، سماجي بي انصافي، ۽ رشتن جا تضاد اهم موضوع رهيا. فقير لاشاري جي ڪھاڻين ۾ علامت نگاري جو رنگ حاوي نظر اچي ٿو. ھو موضوع چونڊڻ ۾ نهايت حساس ۽ ڏور انديش هو. سندس ڪهاڻين جا ڪردار عام ماڻهو هئا، جيڪي پنهنجي زندگي جي جدوجهد ۾ وڙهندا رهيا. هن ڪهاڻين ذريعي سماج جي انهن ڪنڊن کي اجاگر ڪيو، جيڪي اڪثر نظرانداز ٿيندا آهن. سندس افسانا پڙهندي ماڻهو پاڻ کي انهن ڪردارن ۾ ڏسي سگهي ٿو. هو چاهيندو هو ته ادب ماڻهن کي سچ ۽ حقيقت جي ويجهو آڻي. فقير لاشاري جا مضمون به نهايت علمي ۽ تحقيقاتي نوعيت جا هئا. هو حوالن، انگن ۽ حقيقتن جي تحقيق کانسواءِ ڪڏهن لکڻ پسند نه ڪندو هو. سندس مقالا سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ٻولي، سياست ۽ فن تي بي بها مواد آهن. سندس تحريرون پڙهندي ماڻهو گهڻو ڪجهه نئون سکندو آهي. هو وڏين ادبي ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ فورمن ۾ پنهنجي فڪر سان ماڻهن کي متاثر ڪندو رهيو. سندس تقريرون علمي، جذباتي ۽ پراثر هونديون هيون. هو ڳالهائيندي مثال ڏيندو، حوالا پيش ڪندو، ۽ پنهنجو موقف مضبوط دليلن سان پيش ڪندو ھو. ھو چاهيندو هو ته هر ڳالهه دليل ۽ عقل جي بنياد تي هجي. ف.م.لاشاري ڪيترن ئي ادبي ۽ صحافتي تنظيمن جو حصو رهيو ـ سندس لاءِ آزادي قلم جي زندگي هئي، بغير آزادي جي قلم بي معنيٰ سمجهندو هو.
فقير لاشاري جي شخصيت نهايت عاجز ۽ نرم دل هئي. هو وڏن عهديدارن سان گڏجي ويهڻ کان وڌيڪ عام ماڻهن سان ڪچهريون ڪرڻ پسند ڪندو هو. سندس چهري تي هميشه مرڪ هوندي هئي، جنهن ۾ دوستي ۽ محبت جو پيغام هوندو هو. هو ماڻهن جا مسئلا غور سان ٻڌندو هو ۽ مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سندس دوست چوندا آهن ته ”لاشاري صاحب دل جو وڏو ۽ زبان جو نرم هو.“ ھو وڏين ڳالهين ۾ هميشه خاموشي اختيار ڪندو هو، پر جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪندو هو ته سڀ سندس ٻڌڻ لاءِ مجبور ٿي ويندا هئا. هو سمجهندو هو ته لفظن ۾ طاقت آهي، ۽ انهن جو استعمال سنجيدگي سان ڪرڻ گهرجي. سندس هر جملي ۾ فڪر جي گهرائي ۽ درد جو احساس ملندو هو.
ف.م.لاشاري جو نالو سنڌي صحافت ۽ ادب ۾ هميشه عزت سان ياد ڪيو ويندو. هو سنڌ جي ماڻهن لاءِ هميشه حوصلو، محبت ۽ سچائي جو پيغام ڇڏي ويو. فقير لاشاري صاحب جي زندگي مان اسان کي سبق ملي ٿو ته قلم سان ڪڏهن به سودو نه ڪرڻو آهي. سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻو آهي، ڀلي ان جي ڪا به قيمت ڇو نه ادا ڪرڻي پوي. ھو چوندو هو ته ”جيڪو قلم سان سچ نه ٿو لکي، اهو قلم جو حق ادا نه ٿو ڪري.“ اسان سندس ياد کي دل جي گهراين سان سلام پيش ڪريون ٿا.
اھو چمڪندڙ ستارو 17 جولاءِ 1993ع تي اسلام آباد ويندي ھڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو، ساڻس گڏ پ پ پ اسيمبلي ميمبر اسماعيل اوڍيجو پڻ وفات ڪري ويو.