ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي سي ايم هائوس پبلڪ ڪمپلينٽ سيل ۾ عوامي خدمت جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي سلسلي ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پبلڪ ڪمپلينٽ سيل جو دورو ڪري شهرين جون شڪايتون سڌو سنئون ٻڌيون، شرجيل انعام ميمڻ ٽيليفون ذريعي شهرين جا مسئلا ٻڌي لاڳاپيل ادارن کي فوري ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون، هن چيو ته وڏي وزير سنڌ جي واضح هدايت آهي ته هر شهري جي شڪايت کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، جيئن عوام کي جلد ۽ شفاف رليف ملي سگهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام جي خدمت پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياست جو بنيادي مقصد آهي ۽ ڪنهن به شهري کي مايوس ٿيڻ نه ڏنو ويندو، هن چيو ته وڏي وزير سنڌ چاهي ٿو ته عوام جا مسئلا بروقت حل ٿين ۽ هر شڪايت تي مؤثر نموني عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، سندس چوڻ هو ته سي ايم هائوس پبلڪ ڪمپلينٽ سيل حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ هڪ مؤثر رابطي جو ذريعو بڻجي چڪو آهي، جتي وزير ۽ چونڊيل نمائندا واري واري سان شهرين جون شڪايتون ٻڌي انهن جي حل لاءِ قدم کڻن ٿا، شرجيل انعام ميمڻ انتظاميا کي هدايت ڪئي ته شهرين جي مسئلن جو فوري ۽ شفاف حل يقيني بڻايو وڃي.