ٻٻرلوءِ ڌرڻو: حڪومت جي ايڏي خاموشي ۽ لاتعلقي ڇو؟

جڏهن به عوام کي محسوس ٿيو آهي ته سندن آواز اقتداري ايوانن تائين نه ٿو پهچي، تڏهن ان روڊن، شاهراهن ۽ عوامي هنڌن کي پنهنجي احتجاج جو مرڪز بڻايو آهي. اڄ به خيرپور ڀرسان ٻٻرلوءِ ۾ جاري ڌرڻو رڳو هڪ علائقي يا هڪ تنظيم جو احتجاج ناهي، پر اهو سنڌ ۾ وڌندڙ بيچيني، اغوا ٿيل ٻارن بابت والدين جي درد، ۽ حڪومتي ڪارڪردگي بابت اڀرندڙ سوالن جي علامت بڻجي ويو آهي.

هن احتجاج جي سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ تصوير اها آهي ته سخت گرمي، تيز سج ۽ قيامت خيز موسم جي باوجود مائرون پنهنجن معصوم ٻارن سان گڏ روڊ تي ويٺيون آهن. اهي عورتون ڪنهن سياسي مفاد، اقتدار يا ذاتي فائدي لاءِ نه، پر پنهنجي ٻارن جي مستقبل، سندن سلامتي ۽ اغوا جي واقعن خلاف آواز بلند ڪرڻ لاءِ ويٺيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان پهريون فرض حڪومت جو بڻجي ٿو ته اها احتجاج ڪندڙن وٽ وڃي، سندن شڪايتون ٻڌي، کين اعتماد ۾ وٺي ۽ واضح لائحه عمل پيش ڪري. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڃا تائين اهڙي سنجيده ۽ اثرائتي ڪوشش نظر نه آئي آهي.

ڪنهن به جمهوري حڪومت جي طاقت احتجاج ڪندڙن کي نظرانداز ڪرڻ ۾ نه، پر سندن آواز ٻڌڻ ۾ هوندي آهي. جيڪڏهن حڪومت وقت تي ڳالهين جو دروازو کولي ها، احتجاج ڪندڙن سان مسلسل رابطي ۾ رهي ها ۽ کين يقين ڏياريو وڃي ها ته سندن جائز خدشن کي مقرر وقت اندر حل ڪيو ويندو، ته شايد اڄ اها صورتحال پيدا نه ٿئي ها.

اصل سوال اهو آهي ته سنڌ حڪومت آخر ٻٻرلوءِ ڌرڻي بابت ايتري حڪومتي خاموش ڇو آهي؟ ڇا حڪومت جي خاموشي جو سبب اهو ته ناهي جو هن احتجاج ۾ ٻارن جي اغوا ۽ سندن مبينا اسمگلنگ جهڙي انتهائي حساس معاملي کي مرڪزي حيثيت ڏني وئي آهي؟ جيڪڏهن واقعي احتجاج ڪندڙن جا خدشا بي بنياد آهن ته حڪومت کي کليل ۽ شفاف جاچ ذريعي حقيقتون عوام آڏو آڻڻ گهرجن. ۽ جيڪڏهن انهن خدشن ۾ ڪا به صداقت موجود آهي ته پوءِ ان خلاف بنا ڪنهن دير جي سخت قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

ٻارن جو اغوا ڪنهن به معاشري لاءِ رڳو هڪ ڏوهه نه، پر انسانيت خلاف جرم آهي. جيڪڏهن والدين کي اهو احساس پيدا ٿي وڃي ته سندن ٻار محفوظ ناهن، ته پوءِ رياست جي بنيادي ذميواري تي سوال اڀرڻ لازمي آهن. حڪومت جو فرض آهي ته اهڙن معاملن کي صرف قانوني فائلن تائين محدود نه رکي، پر عوام کي عملي نتيجا ڏيکاري.

سنڌ ۾ گذريل ڪيترن سالن کان مختلف علائقن مان ٻارن ۽ ڇوڪرين جي گمشدگين، اغوا ۽ اسمگلنگ بابت وقت بوقت خدشا ظاهر ٿيندا رهيا آهن. ڪيترائي ڪيس حل ٿيا، پر ڪيترائي اڄ به سوال بڻيل آهن. اهڙي ماحول ۾ جڏهن ڪو احتجاج انهن معاملن کي سامهون آڻي ٿو، تڏهن حڪومت جي ذميواري وڌيڪ وڌي وڃي ٿي ته اها خاموش رهڻ بدران عوام کي اعتماد ۾ وٺي. هي اعتماد جو بحران آهي. احتجاج ڪندڙن کي شايد صرف بيان نه، پر يقين گهرجي. کين اهو ٻڌايو وڃي ته حڪومت ڪهڙا قدم کڻندي، ڪهڙي اداري کي ذميواري ڏني ويندي، جاچ ڪيتري مدت ۾ مڪمل ٿيندي ۽ نتيجا ڪڏهن سامهون ايندا. جمهوريت ۾ اهڙي شفافيت ئي اعتماد بحال ڪري سگهي ٿي. حڪومت لاءِ به ضروري آهي ته طاقت يا خاموشي بدران تدبر جو رستو اختيار ڪري. تاريخ شاهد آهي ته جن مسئلن کي وقت تي ڳالهين سان حل نه ڪيو ويو، اهي وڌيڪ پيچيده ٿيندا ويا. جيڪڏهن احتجاج ڪندڙن وٽ اعليٰ سطح جو سرڪاري وفد وڃي، سندن مطالبن کي لکت ۾ وٺي، هڪ واضح ٽائيم فريم ڏئي ۽ ان تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ گڏيل ميڪانيزم جو اعلان ڪري، ته صورتحال ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. جيڪڏهن واقعي ٻارن جي اغوا يا انساني اسمگلنگ بابت خدشا موجود آهن ته انهن جي آزاد، شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائڻ گهرجي، جنهن جا نتيجا عوام آڏو پيش ڪيا وڃن. اهڙي قدم سان نه صرف افواهن جو خاتمو ٿيندو، پر حڪومت تي عوام جو اعتماد به بحال ٿيندو.

حُڪومت جي طاقت جو اصل امتحان تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڪمزور، بي وس ۽ ڏکايل ماڻهو انصاف جي گهر ڪن. ٻٻرلوءِ ۾ ويٺل مائرن جون اکيون شايد صرف پنهنجي ٻارن جي سلامتي ۽ انصاف جي آس تي لڳل آهن. انهن جي تڪليف کي سياسي عينڪ سان ڏسڻ بدران انساني همدردي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي.

سو سنڌ حڪومت کي هن معاملي ۾ وڌيڪ دير نه ڪرڻ گهرجي. اعليٰ سطح جو وفد فوري طور احتجاج ڪندڙن وٽ موڪليو وڃي، سندن خدشن کي سنجيدگي سان ٻڌو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي اغوا يا اسمگلنگ بابت الزام آهن ته انهن جي آزاد ۽ شفاف جاچ جو اعلان ڪيو وڃي، ۽ هڪ واضح ٽائيم فريم سان عوام کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ساڳئي وقت احتجاج ڪندڙن سان اهڙو متفقه حل ڳوليو وڃي، جنهن سان نه رڳو سندن آواز ٻڌو وڃي، پر اغوا ٿيل معصوم ٻارن جي بازيابي جو به رستو هموار ي وڃي.

 

You might also like