پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪيترن ئي دانشورن، اڳوڻن سفارتڪارن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن تازو ئي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن ڳالهين جي بحالي ۽ ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن اپيل ۾ هنن مڪمل سفارتي لاڳاپن جي بحالي، واپاري رستن کي ٻيهر کولڻ، ويزا جي سهولتن ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ اچ وڃ جا بهتر ذريعا قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪافي عرصي کان ڀارت ۽ پاڪستان هر لحاظ کان مڪمل لاتعلقي جي پاليسي اختيار ڪري ويٺا آهن، ايتري قدر جو هو راندين جي ميدان ۾ به گڏ نٿا ٿي سگهن ۽ پنهنجي فضائي حدن کي به هڪ ٻئي جي هوائي ڪمپنين لاءِ بند قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان سان گڏ تازو ئي ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ واري فيصلي صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي.
دانشورن جي ان اپيل ۾ چيو ويو آهي ته هن بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن کي فوري طور تي بئڪ ڊور رابطا قائم ڪرڻا پوندا ۽ 2004ع کان 2007ع واري عرصي دوران ٿيل ڳالهين جي فريم ورڪ کي بنياد بڻائي ڳالهين کي اڳتي وڌائڻو پوندو. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ واپار جي بحالي لاءِ ضروري آهي ته ٻئي ملڪ ڏکڻ ايشيائي آزاد واپاري معاهدي (SAFTA) تي ٻيهر عملدرآمد شروع ڪن، جيڪو 2004ع ۾ طئي ٿيو هو ۽ جنهن جو مقصد سڄي خطي لاءِ آزاد واپاري علائقو قائم ڪرڻ هو، پر هن آزاد واپاري علائقي جي راهه ۾ بنيادي رڪاوٽ دراصل ٻنهي پاسن تي سياسي عزم جي کوٽ آهي. ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ٻئي جا پاڙيسري ملڪ آهن ۽ پنهنجي پاڙيسرين سان امن ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ کانسواءِ ٽئين دنيا جو ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.
دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن، جتي روايتي حريف ملڪن پنهنجا اختلاف، تڪرار ۽ خدشا برقرار رکندي به پاڻ ۾ واپار جاري رکيو آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت ۽ چين جو مثال موجود آهي، جن جي وچ ۾ هٿياربند چڪرين، سرحدي تڪرار ۽ ناخوشگوار واقعا ٿيڻ باوجود به واپار گهٽ نه ٿيو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ به 1965ع جي جنگ کان اڳ تمام سٺو واپاري ماحول هو ۽ ڀارت پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار هو، جنهن مان واپارين ۽ عوام ٻنهي کي فائدو ٿي رهيو هو، پر پوءِ مخالف آواز تمام طاقتور ٿي ويا، اسمگلنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو، ۽ پوءِ شيون پهرين گڏيل عرب امارات وينديون رهيون ۽ اتان ٻنهي ملڪن تائين پهچنديون رهيون. هوائي ۽ زميني رستا به بند ٿي ويا. مودي ڪشمير بابت آئين ۾ ترميم ڪئي، جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن گهڻي عرصي کان هاءِ ڪمشنر کانسواءِ ئي ڪم هلايو آهي، پر تاريخ شاهد آهي ته هر قسم جي حالتن ۾ هڪ دري کليل رکڻ گهرجي. آمريڪا ۽ ايران جي جنگ کان پوءِ جيڪڏهن آمريڪي پابنديون ختم ٿين ٿيون ته ڀارت کي ايران، پاڪستان ۽ ڀارت (IPI) گيس پائيپ لائين منصوبي مان الڳ ٿيڻ واري فيصلي تي ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ (TAPI) گيس پائيپ لائين به ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. اسان کي سارڪ کي به ٻيهر فعال بڻائڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ هن تنظيم ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ علائقائي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ مؤثر پليٽ فارم مُهيا ڪيو هو. اڄ سارڪ جي رڪن ۽ مبصر ملڪن جي آبادي هڪ ارب پنجاهه ڪروڙ کان وڌي چڪي آهي، پر هي خطو اڃا تائين پنهنجي غريب عوام کي معاشي فائدا فراهم ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهي.
اڄ ڀارت ۾ هر سال تقريباً 12 ملين ۽ پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 4 ملين نوجوان روزگار لاءِ تيار ٿين ٿا، پر اسان جي پيداواري صنعت بجلي جي اگهن ۾ روزانو ٿيندڙ واڌ سبب علائقائي سطح تي مقابلي جي قابل نه رهي آهي. ياد رهي ته نواز شريف جي ٻئي دور حڪومت ۾ ڀارت کان بجلي درآمد ڪرڻ وارو معاهدو تقريباً مڪمل ٿيڻ وارو هو، جنهن مان اڄ اسان جون صنعتون فائدو وٺي رهيون هجن ها. اهڙي صورتحال ۾، جڏهن پيداواري صنعت علائقائي سطح تي مقابلي جي قابل نه رهي آهي، تڏهن اسان وٽ رڳو علائقائي سهڪار کي اڳتي وڌائڻ جو ئي رستو بچي ٿو.
تاريخ شاهد آهي ته يورپ جي قومن ڊگهيون مذهبي ۽ علائقائي جنگيون وڙهي اهو شعور حاصل ڪيو ته قومن جي وچ ۾ نفرت ۽ دشمني ڪيئن پيدا ٿيندي آهي. يورپي قومن جو مثال اسان لاءِ وڏي سکيا رکندڙ آهي. جرمني ۽ پولينڊ هڪ ٻئي سان ڊگهيون جنگيون وڙهيون ۽ جرمني پولينڊ جا ڪيترائي علائقا به پنهنجي قبضي ۾ آندا. وارسا ۾ انهن ماڻهن جي يادگار قائم ڪئي وئي، جيڪي اپريل 1943ع ۾ جرمن فوج جي هٿان مارجي ويا هئا. انهن حالتن سبب هن خطي ۾ به اها ئي ڇڪتاڻ موجود هئي، جيڪا اڄ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر جرمني جي چانسلر ولي برانٽ 7 ڊسمبر 1970ع تي پولينڊ جي دوري دوران اوچتو وارسا ۾ ان يادگار تي جهڪي احترام پيش ڪيو ۽ کليل عام پولينڊ جي ماڻهن کان جرمني جي ظلم جي معافي ورتي. هن پولينڊ کان ورتل علائقا به واپس ڪري ڇڏيا ۽ ٻنهي ملڪن مستقبل ۾ ڪڏهن به جنگ نه ڪرڻ جو عهد ڪيو. ان ئي دوران ٻنهي ملڪن جي مؤرخن گڏجي نصاب مان سمورو نفرت انگيز مواد ڪڍي ڇڏيو ۽ نصاب کي اهڙي نموني ترتيب ڏنو، جو اهو قومي جذبن ۽ مفادن کان مٿانهون ٿي حقيقتن کي سامهون آڻي، جنهن آهستي آهستي ٻنهي ملڪن مان نفرت ۽ تعصب کي ختم ڪري ڇڏيو.
مؤرخ لکن ٿا ته قديم زماني کان وٺي هر سماج ۾ جنگ وڙهندڙن کي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو رهيو آهي ۽ نوجوانن ۾ سندن پيروي ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو ويندو رهيو آهي، پر اڄ ايڪيهين صدي ۾ دانشورن لاءِ ضروري آهي ته هو امن ۽ ڀائيچاري جي واڌاري لاءِ بهادري جي تصور کي تبديل ڪن ۽ انهن ماڻهن کي بهادر قرار ڏين، جن علم، فن، خيالن ۽ فڪر وسيلي امن ۽ آشتي جي پيغام کي هميشه لاءِ زنده رکيو.
ياد رهي ته گذريل 78 ورهين دوران ٿيندڙ جنگين ۽ جهڙپن مان ڪو به نتيجو نه نڪتو آهي، ۽ ٻنهي ملڪن آمريڪا، يورپ، روس ۽ چين کان کربين ڊالرن جو هٿيار خريد ڪيو. جيڪڏهن اهي ئي وسيلا تعليم، صحت، صنعت، سائنس ۽ عوامي ڀلائي تي خرچ ڪيا وڃن ها ته هي خطو ترقي ۽ امن جي راهه تي گامزن هجي ها.