نيب، استادن بدران وزيرن ۽ ڪامورن خلاف جاچ شروع ڪري

احمد رضا عطاري

سنڌ حڪومت تعليم کاتي کي روز روز نت نون تجربن سبب تعليم کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي، افسوس آهي ته نيب هاڻي سڄي ملڪ جي کربين رپين جي مختلف ڊپارٽمينٽن جي ڪرپشن کي روڪي ٿڪجي پئي آهي جو هاڻي 1989 کان 2020 تائين جي تعليم کاتي جي ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ عملي جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪندا ، اندازو ڪيو ته گذريل 31 سالن بعد سنڌ جي تعليم کاتي جي مهذب ۽ مقدس پيغمبراڻي پيشي ۾ عام استاد تي بداعتمادي ڪندي انهن کي نيب اداري حوالي ڪرڻ ڪٿان جي تعليم کاتي سنڌ جي پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي استادن سان چڱائي ليکي ۽ سمجهي ويندي، تعليم کاتي ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان تعليم جي بھتري بجاءِ روز بروز نت نوان تجربا ڪندي ڪڏهن بائيو ميٽرڪ ڪڏهن فيس ويريفڪيشن، ڪڏهن ڪامورا وزٽ ته هاڻي وري رٽائرڊ ٿيڻ تي سينئير استاد برادري کان نيب جي طرفان ڪاروائي ڪرڻ جي ريهرسل ڪئي پئي وڃي جيڪا انتهائي ڪريل حرڪت کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. جڏهن ملڪ جي ڪنهن به صوبي پنجاب، بلوچستان، خَيبر پختونخوا توڙي گلگت بلتستان يا آزاد ڪشمير جي اندر هي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سان نت نوان تجربا يا ناٽڪ ۽ ڊراما ناهن ته پوءِ صرف سنڌ صوبي سان من مستيون ۽ نادر شاهي حڪم ناما ڪنهن جي اجازت ۽ پرميشن سان ڪرايا پيا وڃن، يقينن حڪومت سنڌ جي تعليم کاتي جي انھي مامري ۾ افيسشنسي زيرو برابر ظاهر ٿيندي،

جيڪڏهن توهان سنڌ جي ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪرائڻ چاهيو ٿا ته خير آهي پر توهان لاءِ ملڪ جو پورو عوام تيل، پئٽرول ، گيس، بجلي، مهانگائي ڪرائڻ تي بيزار بڻيل آهي، عوام ٿو چئي هاڻي جند ڇڏيو ته ڇا توهان اقتدار ڇڏيندو؟، جيڪڏهن عوام چئي ٿو ته توهان اسان جا حڪمران 45 فارم جا ناهيو پر فارم 47 جي پيداوار آهيو، توهان پنهنجي سيٽن تان استعيفا ڏيئي ٻيهر اليڪشن ڪرائي حصو وٺو ته ڇا ائين ڪندو عوامي راءِ جي مطابق، سنڌ جي تعليم کاتي جا ملازم اهو مطالبو ٿا ڪن ته وزير صاحب پنهنجي اليڪشن ۾ اچڻ جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال به شروع ڪرائين ته ڇا آهي ڪرائيندا؟

سنڌ جي سماج ۾ اها چڱي طرح ساڃاه آهي ته هاڻي سنڌ جي تعليم کاتي کي نون تجربن کان بچايو وڃي ۽ نيب جي ڳالھه آھي ته پوءِ سڀ کان پهريان انهن جي نيب کان جاچ ڪرائي وڃي جيڪي 19 سال اڳ ڇا هئا ۽ هاڻي ڪٿي ڪٿي ڪيتري ڪيتري ملڪيت، مال، متاع، جائدادون ،بئنڪ بئلنس ، بنگلا گاڏيون ڪيتريون آڻي چڪا آهن ۽ انهن پنهنجي پرسنل نالي کان سواءِ پنهنجي ڀائرن، مٽن مائٽن، دوستن احبابن، رشتيدارن سميت ٻين جي نالي ڇا ڇا نه مال گڏ ڪيو ويو آهي ۽ تعليم کاتي جي ڀينگ ڪئي وئي آهي. وفاقي اداري نيب ذريعي سنڌ جي استادن کان جاچ ڪرائڻ تي سمورن ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف وارن يونين جي مرڪزي اڳواڻن کي فوري طور تي جدوجهد جو عمل شروع ڪرڻ گهرجي رڳو رسمي اخباري يا سوشل بيان نه پر عملي طور تي ميدان ملهائڻ گهرجي نه ته تاريخ ۾ مرڪزي اڳواڻن جو سونهري اکرن بجاءِ ڪهڙن لفظن ۾ ذڪر ٿيندو اهو سمجهي سگهجي ٿو. اشرف خاصخيلي ، غلام رسول مهر هاڻي به نه جاڳيا ته پوءِ انهن جو وجود انهن کي پاڻ ئي ڌڪاريندو ۽ جت ڪٿ انهن کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو.حڪمرانن وزيرن مشيرن ۽ ڪامورن کي NAB طرفان ڪيتري رقم جي استثنيٰ مليل آهي۔ جن ملڪ لٽيو انهن خلاف ڪجھ ڪونهي باقي لٺ تعليم کاتي ۾ ننڍن ملازمن تي اچي وسائي پئي وڃي.

سنڌ جو باشعور استاد سمجهي ٿو ته هي سڄي مشڪري مذاق پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت پاران سنڌ جي پيغمبري پيشه استادن سان پ پ پ پئي ڪرائي ۽ هن وقت پوري سنڌ جو استاد ذهني ٽارچر اذيت جو شڪار آهي ۽ ڪيترائي استاد اهڙي انتهائي گهٽيا حرڪت تي پنهنجي رٽائرمينٽ جون درخواستون به ڏئي چڪا آهن ته خدا خير ڪري وفاقي سرڪار انڌي گهوڙي تي سوار تي ڪهڙي ميار اهي چوندا ته اسان جي حڪومت ناهي ابا ڇا ڪجي وفاقي حڪومت نواز شريف جي آهي هي سنڌ حڪومت جو مسئلو هجي ها ته حل ڪري وٺون ها، پر سنڌ حڪومت تي اهو فرض ٿو ٿئي ته اها سنڌ حڪومت پنهنجي صوبي سنڌ جي تعليمي ادارن کي سونهن بخشيندڙ ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف پنهنجي صوبي جي استادن جي تحفظ لاءِ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهن ٿا ۽ اهو چئي سگهن ٿا ته پهريان اها نيب جي ڪاروائي وڏي صوبي پنجاب کان شروع ڪريو ۽ پوءِ ٻين صوبن لاءِ عمل، اصل ۾ جيڪا ڳالهه آهي اها پ پ جي فضل پيچوهو کان موجوده صوبائي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه تائين جيڪا به ڳالهه ڪئي وئي آهي اها صرف ۽ صرف پنهنجي ڊپارٽمينٽ کاتي جي ملازمن استادن خلاف نازيبا زبان استعمال ڪرڻ جو سلسلو هئڻ سبب اڄ هي ورجاء پيو سنڌ جي استادن خلاف ٿئي. سنڌ جي عوام بلڪ پاڪستان جي چئني صوبن جي عوام جو ديرينه مطالبو آهي ته خدارا پرائمري مظلوم استادن بجاءِ نيب، اينٽي ڪرپشن، احتساب ڪندڙ سمورا ادارا سميت جيڪي به ڪرپٽ ڪرپشن کي هٿيڪو ڪندڙ ادارا آهن اهي سڀ کان پهريان ئي الله جي واسطي انهن ڪرپٽ راشي وزيرن، مشيرن ،صلاحڪارن، ڪامورن وڏي بلائون جي جاچ پڙتال ڪن جيڪي اليڪشن کان اڳ سياستي بزنس ڪاروبار کان اڳ ڪک پتي ڀينگ ۾ مبتلا جڳاڙي ھيا ۽ سياست بعد وزير مشير ڪامورا ڪرسي ملڻ بعد ارب ۽ کرب رپين جا مالڪ بڻيا آهن ۽ انهن جا پهريان گهر، گهر هيا پر سياستي ڪاروبار انهي سياسي بزنس بعد اهي عاليشان محل نما بنگلن جا مالڪ ڪيئن بڻيا، انهن وٽ هرهڪ بئنڪ ۾ پنهنجي نالن، پنهنجي اولاد، پنهنجي مٽن مائٽن، رشتيدارن، دوستن احبابن ايتري قدر جو انهن جي ذاتي نوڪرن چاڪرن جي اڪائونٽن ۾ به اربين کربين رپيا جمع ٿيل آهن.

سنڌ پاڪستان جي عوام کي سياست جي نالي دڪانداري ڪندي مفلوج بڻايو ويو آهي، سنڌ جو عوام ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي بنيادي ضرورتن کان به محروم بڻايو ويو آهي،  رهزن حڪمرانن پئٽرول ، بجلي ، گيس جون روز بروز قيمتون وڌائي عوام کي بي حال ڪري نپوڙي ڇڏيو آهي ، ملڪ ۾ غريب مسڪين ماڻهو ٻه ويلا ماني ڳڀي لاءِ شديد ذهني پريشان بڻيل آهن، نيب احتساب ڪندڙ ادارا وڏن مانگر مڇن جي جاچ پڙتال ڪندي ته کربين رپين جي حڪومت کي واپسي ٿي سگهي ٿي باقي مظلوم پيغمبري پيشه سان تعلق رکندڙ پرائمري استادن کان ڇا ملندو نيب وارن کي جيڪي سائيڪل يا پيادل اسڪول وڃي پنهنجي ٻچڙن جي روزي روٽي ڪري پيٽ پالڻ ۾ ازرتا آهن، اميد آهي ته نيب پنهنجي اختيارات جو استعمال وڏين بلائون مانگر مڇ ٽائپ سياست ڪارن بزنس ڪندڙ ٺٺينگ اڄ ارب ۽ کرب پتي ڪيئن بڻيا يا بڻايا ويا آهن ؟، انهن جو اصل ۾ صحيح طرح ڪڙو سچو صحيح احتساب ڪرڻ گهرجي جتان ملڪي لٽيل ناڻو واپس ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like