سکر (رپورٽ: فرمان سهتو) پريا ايڪشن ڪميٽي پاران معصوم ٻارڙن جي آزادي لاءِ لڳايل ڌرڻي کي 20 ڏينهن ٿي ويا، پريا ايڪشن ڪميٽي پاران معصوم ٻارڙن جي اغوا خلاف ٻٻرلو ۾ جاري ڌرڻي وٽ سڀاڻي 17 جولاءِ جمعي تي قومي شاهراهه بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت روڊ تي اچڻ لاءِ مجبور پئي ڪري جمعي ڏينهن ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻو ھڻي قومي شاھراھ بند ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا، سخت گرميءَ ۾ به مائرن جا حوصلا بلند، سنڌ شھرن ۾ شٽر ڊائون ۽ روڊ بند ڪرڻ به اشارو ڏنو ويو، 10 محرم تي ٻٻرلوءِ جي علمدار چوڪ تي اغوا ٿيل پريا ڪماري، اجالا سولنگي، نويد لاشاري، علي اصغر مڱريو، مومن، محمد قيوم جوڳي، صبا ڪلھوڙو، ضياءُ ڪلھوڙو، آصفه مغل خوشي مھر ۽ ٻين معصوم ٻارڙن جي آزادي لاءِ پريا ايڪشن ڪميٽي پاران سھڻي پارس، لياقت جلباڻي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لڳايل ڌرڻي کي 20 ڏينهن ٿي ويا سخت گرميءَ باوجود ڌرڻي ۾ ويٺل مغوي معصوم ٻارڙن،سندن امڙين ۽ ٻين وارثن جي جدوجهد جاري، گذريل ڏينهن ڌرڻي ۾ مذھبي عالم علامه اياز قمي ۽ ٻيا اڳواڻ پھتا، ان موقعي تي خطاب ڪندي علاما اياز قمي چيو ته حڪمران اسان جي ھن احتجاج کي مذاق نه سمجهن ۽ ڊڄن ان ڏينهن کان جڏهن ھي قوم هنن کان پٺيان جو به حساب وٺي، ٻٻرلوءِ جدوجهد مڃرائڻ جي جڳهه آهي ٻارڙن جي اغوا رياست حڪومت ۽ جيڪي سردار سڏرائين ٿا انهن لاءِ سواليا نشان آهن، اسان مجلسن ۾ به سنڌ جو ڪيس پھريان وڙھون پيا، پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سھڻي پارس چيو ته ٻارڙا واپس ڪرائي پوءِ گهر وينداسين حڪومت وفاقي سطح تي اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ سمورن صوبن جا قابل آفيسر شامل ڪيا وڃن، اسان پنهنجا ٻچا واپس گهري رھيا آھيون، ٽن ڏينهن وارو الٽميٽم پورو ٿي رھيو آهي ھاڻ تحريڪ کي وڌيڪ زور وٺرائڻ لاءِ شٽرڊائون سان گڏ روڊ بند ڪرڻ طرف وينداسين، پريا ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر لياقت جلباڻي جو چوڻ آهي ته اھو وساري ڇڏيو ته اسان ٻارڙن جي جدوجهد تان ھٿ کڻي وينداسين حڪمران اسان کي روڊ بند ڪرڻ تي مجبور پيا ڪن، ھن چيو ته گم ٿيل ٻارڙن جا وارث اڪيلي سر جدوجھد ڪندا ھيا پر اسان ھنن کي گڏائي ھڪ جڳهه تي گڏ ڪيو آهي.
عوامي آواز ڌرڻي کي ڪوريج ڏئي روايت برقرار رکي آهي: سهڻي پارس
سکر: پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سھڻي پارس جو چوڻ آهي ته ھو چار ٻارن جو ڪيس کڻي ٻٻرلوءِ پھتا پر ھاڻي 22 ٻارڙن جا وارث گڏ ٿي ويا آهن، ھن قيامت جھڙي گرمي باوجود معصوم کير پياڪ ٻارڙن سميت مائرون 20 ڏينهن کان ڌرڻي واري ھنڌ موجود آهن، ھن سنڌي ميڊيا خاص طور تي عوامي آواز جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته عوامي آواز سنڌ جي ٻين اشوز جيان اغوا ٿيل ٻارڙن ۽ ھن ڌرڻي کي ڀرپور ڪوريج ڏئي پنهنجي روايت برقرار رکي آهي، اسان جي جدوجهد جاري رهندي.
امڙيون ٻچڙن جي ياد ۾ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳيون
سکر:ٻٻرلوءِ ڌرڻي جا دردناڪ منظر ان وقت نظر اچن ٿا جڏهن اغوا ٿيل ٻارڙن جون امڙيون اسٽيج تي اچي ھانءُ ڏاريندڙ دانھون ڪن ٿيون ۽ پنهنجي معصوم ٻچن جي يادن تي اوڇنگارون ڏئي روئن ٿيون جڏهن معصوم ڀينرون پنهنجي اغوا ٿيل ڀائرن ۽ معصوم ڀائر پنهنجي اغوا ٿيل ڀينرن جي يادگيرن کي ٻاتين ٻولين ۾ ٻڌائين ٿا تڏهن ڌرڻي جي پنڊال ۾ روڄ راڙو برپا ٿي وڃي ٿو .
حيدرآباد جي وڪيلن پاران اڄ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ جو اعلان
سکر:ٻٻرلو ڌرڻي ۾ اڄ ڪئنال تحريڪ جو اھم وڪيل اڳواڻ ڪي بي لغاري پنهنجي ساٿين سميت پھچندو پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڪي بي لغاري چيو آهي ته سنڌ حڪومت خراب حڪمراني سبب سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ ڪير به سلامت ناهي ايتري تائين ٻچا به محفوظ ناهن، ھن جو چوڻ آهي ته ھو صبح جو ٻٻرلوءِ طرف نڪرندا ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندا، ھوڏانھن سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين اشتياق ميمڻ پڻ ٻارڙن جي اغوا واري معاملي تي سخت ڳڻتيءِ جو اظهار ڪندي چيو ته پريا ڪماري جي معاملي تي آءِ جي سنڌ غير ذميواراڻو بيان ڏنو ھن چيو ته ٻارڙن جي اغوا واري معاملي ۾ پوليس جي ڪا به اڳڀرائي نظر نه ٿي اچي، جڏهن ته گھوٽڪي بار ڪائونسل جي صدر شاھنواز ويسر ٻٻرلو ءِڌرڻي ۾ پھچي پوليس اھلڪار علي اصغر جي اغوا ٿيل پٽ واري معاملي تي آءِ جي سنڌ سميت پوليس آفيسرن خلاگ ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته نامزد جوابدار ڪرسين تي نوڪري ڪن ڪيڏي بي حسي آهي، ٻارن جي آزادي تائين جدوجهد جاري رهندي.