ايف بي آر جي ان لينڊ روينيو آفيسرن جي ننڍن دڪانن ۾ داخلا تي پابندي

اسلام آباد (بيورو) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ان لينڊ روينيو آفيسرن جي ننڍين دڪانن ۾ ٽيڪس معاملن لاءِ داخلا تي پابندي لاڳو ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، روينيو ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب دڪاندارن کي آئي رس ويب پورٽل يا موبائل ايپليڪيشن ذريعي سادي ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻي پوندي، نوٽيفڪيشن موجب ريٽرن ۾ خريد ۽ وڪرو، خرچن، منافعي ۽ جائز اثاثن جا تفصيل درج ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي، نئين نظام تحت دڪاندار پنهنجي مجموعي ڪاروباري حجم تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندا، جڏهن ته کين واجب الادا ٽيڪس مان وِد هولڊنگ انڪم ٽيڪس جي رقم ايڊجسٽ ڪرڻ جي به اجازت هوندي، رجسٽرڊ دڪاندارن کي پنهنجي دڪان ٻاهران لڳائڻ لاءِ سبز پليٽ جاري ڪئي ويندي، جنهن تي ڪيو آر ڪوڊ، دڪاندار جو نالو، اين ٽي اين نمبر ۽ دڪان جو پتو درج هوندو، نوٽيفڪيشن موجب سبز پليٽ لڳل دڪانن ۾ ان لينڊ روينيو آفيسرن کي ٽيڪس معاملن لاءِ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي، هي نظام ٽيڪس سال 2026ع لاءِ انهن دڪانن تي لاڳو ٿيندو، جن جو ساليانو ڪاروباري حجم 20 ڪروڙ رپين تائين هوندو، جڏهن ته ٽيئر ون ريٽيلرز ۽ زيورن جا واپاري هن سهولت ۾ شامل نه هوندا.

 

You might also like