نامياري بئنڪار، بِھارِي لعل ٺاڪر داس ٺَڪُر جي ياد ۾…

حسيب ناياب منگي

پراڻن زمانن ۾ سنڌ جا ماڻهو پنھنجي شھر کي صرف رهائش جي جاءِ نه، پر پنھنجو گهر، پنھنجي سڃاڻپ ۽ پنھنجي ذميواري سمجهندا هئا. هو گهٽين، بازارن، باغن ۽ تاريخي ماڳن جي حفاظت کي پنھنجو فرض ڄاڻندا هئا. سنڌ جا مختلف شھرَ به اهڙي ئي تھذيب، روايتن، ڀائيچاري ۽ گڏيل سماجي خدمتن جا روشن مثال هئا. هر شھر پنھنجي علمي، واپاري، ثقافتي ۽ اخلاقي سڃاڻپ سبب مشھور هو. شھري پنھنجي شھر جي ترقي ۽ خوبصورتيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا هئا، جنھن سبب اهي شھرَ خوشحاليءَ، امن ۽ بھتر شھري زندگيءَ جي علامت بڻيل هئا. اھڙن شھرن ۾ سنڌ جو تاريخي شھر شڪارپور به ھڪ ھو، جنھنجو ھر ھڪ رھاڪو پنھنجي هن شھر کي پنھنجو گهر سمجھي ان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو ھو. هتي ھر شعبي جو فرد اها ڪوشش ڪندو ھو ته ڪنھن به ڪم سر انجام ڏيڻ کانپوءِ سندس ذاتي نالو روشن ٿيڻ بدران سندس گهرَ (شھر) جو نالو روشن ٿئي. اھڙن شڪارپوري شھرين ۾ بِھارِي لعل ٺاڪر داس ٺَڪُر جو نالو به سرِ فھرست آهي، جنھن ورھاڱي کان اڳ بئنڪاريءَ جي شعبي ۾ سڄي هندوستان ۾ شڪارپور جو نالو ناماچار ڪيو.

بِھارِي لعل ٺاڪر داس ٺَڪُر جو جنم 29 ڊسمبر 1900ع تي شڪارپور جي نبي شاھه محلي ۾ هڪ معزز ڪٽنب ۾ ٿيو. ان دؤر ۾ شڪارپور، واپار، مالياتي خدمتن ۽ بئنڪنگ جي حوالي سان برِّ صغير جو اهم مرڪز هو. ننڍپڻ کان ئي ٺاڪر داس کي علم پرائڻ جو شوق هو. شڪارپور جي مقامي اوجهن مان حساب ڪتاب سکي لائق ٿيو ته سندس پِتا پرائمري تعليم ڏيارڻ لاءِ کيس ورنيڪيولر اسڪول نمبر 2 (موجوده جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور) ۾ داخل ڪرايو. اڳتي وڌڻ ۽ جيون ۾ نيُون راهون ڳولڻ جو جذبو ته بِھاري لعل ۾ اڳ ئي موجود هو، سو تعليم کي جاري رکندي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ’پُڻي‘ (پُوني) ويو ۽ اتان جي مشھور فرگوسن ڪاليج مان ايم. اي. جي ڊگري حاصل ڪيائين، جيڪا ان زماني ۾ هڪ غير معمولي ۽ وڏي اعزاز جي ڳالهه هئي.

تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ شڪارپور واپس وريو ته پروفيسر شيوا رام ڦيرواڻي ۽ ديوان بھادر مرليڌر پنجابيءَ جي صلاح سان پڙهائڻ واري شعبي ۾ داخل ٿيو. حيدرآباد وڃي نيشنل ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿي ڪامرس واري شعبي ۾ حساب ڪتاب جِي شِڪشا جُون خدمتون انجام ڏنائين. استاد هجڻ باوجود سندس نظر صرف درسگاهن تائين محدود نه رهي، پر هو ملڪ ۽ قوم جي بھتريءَ بابت به سوچيندو رهيو. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ به هن ڀرپور حصو ورتو، پر جڏهن کيس محسوس ٿيو ته سندس اصل صلاحيت، عملي طرح مالي ۽ مالياتي انتظام جي ميدان ۾ وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿي، تڏهن هن سياست کان پاسو ڪري عملي زندگيءَ جو نئون سفر شروع ڪيو.

مسٽر ٺَڪُرَ حيدرآباد مان واپس شڪارپور اچي پنھنجي پِتا ٺاڪر داس سان پنھنجي دل جي ڳالهه ڪئي ته سندس من بئنڪاريءَ جي شعبي طرف مائل آهي ۽ هو ڪنھن بئنڪ ۾ ملازمت ڪرڻ چاھي ٿو. پِتا جي آشيرواد سان بئنڪ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ سڀ کان پھريان بمبئيءَ وڃي ’ٽاٽا انڊسٽريل بئنڪ‘ ۾ نوڪري اختيار ڪيائين، جتي کيس سندس ڊگريءَ آڌار آسانيءَ سان ملازمت ملي وئي. ان کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ ’سينٽرل بئنڪ آف انڊيا‘ جو ايجنٽ ٿيو، جتي سندس ايمانداري، ذهانت ۽ غيرمعمولي قابليت کيس ٻين ملازمن کان ممتاز بڻائي ڇڏيو. ٿوري ئي عرصي ۾ هو ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو مختلف بئنڪن ۾ اعليٰ عھدن تائين پھچي ويو. سندس فيصلن ۾ دُور انديشي، ڪاروباري سمجَهه ۽ ادارن کي مستحڪم بڻائڻ جي صلاحيت نمايان هئي، جنھنڪري مالياتي کيتر ۾ هندوستان ۾ سندس شخصيت تيزيءَ سان مشھُور ٿيندي وئي.

6 جنوري 1943ع تي بِھاري لعل ٺَڪرَ، ڪلڪتي ۾ ’يونائيٽيڊ ڪمرشل بئنڪ‘ قائم ڪئي ۽ پنھنجي پراڻي ساٿي مشھور صنعتڪار گهنشام داس برلا کي ان جو چيئرمئن مقرر ڪيائين. پاڻ هندوستان جي مختلف ناڻي وارن ادارن جي نگراني ڪندو رهيو. اها نگرانيءَ واري ذميواري کيس اتفاق سان ڪانه ملي هئي، پر سندس صلاحيتن، تجربي ۽ ايمانداريءَ جو ثمر هئي. سندس قيادت هيٺ يونائيٽيڊ ڪمرشل بئنڪ نه صرف مضبوط بنيادن تي بيٺي، پر ٿوري ئي عرصي ۾ هندوستان جي وڏين ۽ معتبر بئنڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳي. ان ڪاميابيءَ جو فائدو خاص طور شڪارپوري واپارين کي پھتو، جيڪي اڳ ئي بئنڪنگ جي شعبي ۾ مشھور هئا. بِھارِي لعل جي انتظام هيٺ ان دؤر ۾ جديد بئنڪنگ جي نَون طريقن کي هٿي ملي، جنھن سان واپار ۽ معيشت کي نئين طاقت حاصل ٿي.

بِھارِي لعل جِي زندگيءَ جو سڀ کان اهم سبق اهو آهي ته اعليٰ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ رڳو قابليت ڪافي ناهي، پر مسلسل محنت، ايمانداري، نظم ۽ ضبط، هاڪاري سوچ ۽ بلند اخلاقي قدرَ به ضروري آهن. هو هر فيصلي ۾ پنھنجن اصولن کي ترجيح ڏيندو هو، تنھنڪري سندس ساٿي، واپاري توڙي سرڪاري عملدارَ سڀئي سندس عزت ڪندا هئا. انگريز حڪومت به معاشي معاملن ۾ کانئس صلاحون وٺندي هئي، جيڪا سندس علمي ۽ پيشاورانه حيثيت جو وڏو اعتراف هو.

1952ع ۾ بئنڪ مان رٽائرمينٽ ورتائين. ان وقت هندوستان جي سڀني بئنڪ عملدارن کان وڌيڪ (30 هزار روپيه ماھوار) پينشن کڻندڙ شخص بابت سڀني سمجهيو هو ته هاڻي هو آرام واري زندگي بسر ڪندو، پر هن پوکي راھيءَ جي جديد طريقن کي استعمال ڪندي زراعت شروع ڪئي ۽ ثابت ڪيو ته محنت ڪندڙ ماڻهو هر شعبي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. شڪارپور مان پنھنجي ڀاءُ قيمت رام ٺَڪُر کي پَٽنا (بِھار) گُهرائي، اتي ڪُل وقتي زراعت ڪرڻ لڳو. بئڪاريءَ ۽ ماليات توڙي زراعت جي موضوعن تي هن مختلف ڪاليجن ۾ وڃي مفت ۾ ليڪچر پڻ ڏيڻ شروع ڪيا ۽ سموري هندوستان ۾ سندس نانءُ مشھُور ٿي ويو.

بِھارِي لعل ٺَڪُر جِي سموري ڄمار پنھنجي مھارت وارن شعبن (بئنڪنگ، ماليات ۽ زراعت) ۾ نيُن ڏِسائُن ۾ پيشاوراڻي خدمت ڪندي گذري. هُو مختلف وقتن تي شڪارپور جي واپاري ڪاميٽيءَ جو ميمبر هئڻ سان گڏ ’يونائيٽيڊ پرونسز پرووينل بئنڪنگ انڪوائري ڪميٽيءَ‘ جو ميمبر، ’سيليون بئنڪنگ ڪميشن‘ جي چيئرمين ’سورابجي اين‘ جو سيڪريٽري، سنڌ اقتصادي انڪوائري ڪميٽيءَ جو ميمبر، برما زرعي ڊيبٽس ڪميٽيءَ جو ميمبر، اتر اولھه ريلوي ائڊوائيزري ڪميٽي ڪراچيءَ جو ميمبر، ڪراچي انڊين واپاري ايسوسيئيشن جو صدر ۽ سنڌ هندو ايسوسيئيشن جو صدر به رهيو. پاڻ روٽري ڪلب آف ڪراچيءَ جي باني ميمبرن ۾ شامل هو ۽ مختلف وقتن تي ان ڪلب جو سيڪريٽري، خزانچي ۽ صدر به رهيو. ورهاڱي وقت هُو پٽنا ۾ موجود هو ۽ آگسٽ 1947ع کانپوءِ ڀارت جو ئي رهائشي ٿي ويو ۽ پاڪستان نه آيو.

بِھارِي لعل ٺَڪُر، بِھار جي مختلف علائقن ۾ پنھنجي زندگيءَ جا آخري ڏينھن زراعت جي شعبي سان منسلڪ رهندي گذاريا. جتي 16 جولاءِ 1970ع تي 70 ورھن جي ڄمارَ ۾ هُن جو پراڻ هرڻ ٿيو. اسان اڄ سندس 56 هين ورسيءَ جي موقعي تي ياد ڪندي کيس محبتن ڀري ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like