ڪراچي يونيورسٽي ۾ پرتشدد واقعو ــ تعليم، علم ۽ برداشت تي حملو

حريف چانڊيو

تعليمي ادارا ڪنهن به سماج جي علمي، فڪري ۽ اخلاقي ترقي جا بنيادي مرڪز هوندا آهن. يونيورسٽيون اهڙا ادارا آهن، جتي اختلافِ راءِ کي دليل، تحقيق ۽ مڪالمي وسيلي سلجهائڻ جي روايت هوندي آهي. جڏهن اهڙن ادارن ۾ ڪتابن جي جاءِ تي لٺيون، دليلن جي جاءِ تي تشدد ۽ علم جي جاءِ تي ڏهڪاءُ جنم وٺي، تڏهن اهو رڳو هڪ اداري جو مسئلو نه رهندو آهي، پر پوري سماج جي علمي ۽ جمهوري قدرن تي حملو بڻجي ويندو آهي.

تازو ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ پيش آيل افسوسناڪ پرتشدد واقعو به اهڙي ئي ڳڻتي جوڳو مثال آهي، جنهن واقعي ۾ جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ اسلامي جميعت طلباء ڪراچي يونيورسٽي اندر سنڌي شعبي تي حملو ڪري نه صرف سنڌي شاگردن پر استادن کي پڻ تشدد جو نشانو بڻايو آهي. ان واقعي نه رڳو سمورن شاگردن ۽ استادن کي ڏکويو آهي، پر تعليمي حلقن ۾ به شديد بيچيني پيدا ڪئي آهي. جيڪڏهن يونيورسٽيون به عدم برداشت ۽ طاقت جي سياست جو شڪار ٿينديون رهيون ته پوءِ نوجوان نسل کي امن، رواداري ۽ دليل جي تعليم ڪٿان ملندي؟

ڪجهه ڏينهن اڳ اسلامي جميعت طلبا پاران ڪوڙ تي ٻڌل بيانيو جاري ڪرڻ کان پوءِ پنهنجا ڪارڪن گڏ ڪري ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو گهيرو ڪيو ويو. ان دوران سنڌي شعبي سان لاڳاپيل شاگردن ۽ استادن تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها هئي ته سنڌي شعبي جي چيئرپرسن ۽ سينيئر استاد سائين رحمان گل پالاري سميت ٻين استادن کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

استاد ڪنهن به قوم جو معمار هوندو آهي. هو نسلن جي تربيت ڪندو آهي، علم جي روشني ورهائيندو آهي ۽ سماج کي سڌاري ڏانهن وٺي ويندو آهي. اهڙي شخصيت تي هٿ کڻڻ رڳو هڪ فرد تي حملو نه، پر علم، تعليم ۽ قومي مستقبل تي حملو آهي. دليلن جي مقابلي ۾ تشدد جو استعمال هميشه ڪمزور موقف جي نشاني هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ فڪر ۽ دليل جي طاقت هجي ته کيس لٺين ۽ تشدد جي ضرورت نه پوندي.

هي واقعو ڪيترن ئي حوالن سان انتهائي خطرناڪ آهي. پهريون ته هي تعليم جي تقدس تي حملو آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته يونيورسٽيون اختلافن کي پرامن انداز ۾ حل ڪرڻ لاءِ هونديون آهن، نه ڪي طاقت آزمائي لاءِ. ٻيو ته سنڌي شعبي کي نشانو بڻائڻ سان سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ ثقافتي سڃاڻپ بابت به ڪيترائي سوال اڀرن ٿا. سنڌي شعبو رڳو هڪ تدريسي شعبو نه، پر سنڌ جي علمي ۽ ادبي ورثي جو امين آهي. اهڙي اداري کي خوف ۽ تشدد جي ماحول ۾ آڻڻ هرگز قبول نٿو ڪري سگهجي.

ٽيون اهم پاسو استادن جي بي حرمتي آهي. دنيا جون مهذب قومون پنهنجن استادن کي عزت ۽ احترام ڏينديون آهن، جڏهن ته هتي استاد پاڻ عدم تحفظ جو شڪار بڻجي وڃن ته اها انتهائي افسوسناڪ صورتحال آهي. اهڙا واقعا شاگردن ۾ به منفي پيغام ڇڏيندا آهن ۽ تعليمي ماحول کي خراب ڪندا آهن. ان واقعي کان پوءِ يونيورسٽي انتظاميا جو ڪردار پڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو. جيڪڏهن تعليمي اداري جي اندر استادن ۽ شاگردن تي تشدد ٿئي ۽ انتظاميا ذميوارن خلاف بروقت ۽ غيرجانبدار ڪارروائي نه ڪري ته ان سان ادارن تي اعتماد مجروح ٿيندو آهي. يونيورسٽي انتظاميا جي ذميواري آهي ته اها هر شاگرد ۽ هر استاد جي جان، عزت ۽ علمي آزادي جو تحفظ يقيني بڻائي.

هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي قانون موجب گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ۽ يونيورسٽي مان خارج ڪيو وڃي. تشدد ۾ ملوث ڪنهن به تنظيم يا فرد کي تعليمي ادارن ۾ سرگرميون جاري رکڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن تنظيم کي يونيورسٽي اندر آفيس يا ٻيون سهولتون مليل آهن ۽ اهي تشدد لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن ته اهڙيون سهولتون فوري طور ختم ڪيون وڃن.

ساڳئي وقت، يونيورسٽي انتظاميا کي سنڌي شعبي جي چيئرپرسن، سائين رخمان پالاري ۽ ٻين متاثر استادن کان اخلاقي معافي وٺڻ گهرجي. ان سان گڏ واقعي جي شفاف، غيرجانبدار ۽ آزاد جاچ ڪرائي وڃي، جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن ۽ مستقبل ۾ اهڙا واقعا ورجائڻ کان روڪي سگهجن. جيڪڏهن جاچ دوران انتظاميا جي ڪنهن اعليٰ عهديدار جي جانبداري يا غفلت ثابت ٿئي ته ان خلاف به قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

هن واقعي مان سڀ کان اهم سبق اهو ملي ٿو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ امن، رواداري، علم ۽ جمهوري قدرن تي يقين رکندڙ سڀني شاگرد تنظيمن کي گڏجي هڪ گڏيل پليٽ فارم ٺاهڻ گهرجي. سنڌي شاگرد سٿ سميت سموريون ترقي پسند، جمهوري ۽ تعليم دوست تنظيمون جيڪڏهن گڏ ٿي بيهن ته تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي سياست کي روڪي سگهجي ٿو. اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي، پر تشدد ڪڏهن به اختلاف جو حل نٿو ٿي سگهي.

تعليمي ادارا سياسي لشڪرن جا مورچا نه، پر علم جا مرڪز هجڻ گهرجن. جيڪڏهن اڄ به اهڙن واقعن تي خاموشي اختيار ڪئي وئي ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي شعبي، ڪنهن ٻئي استاد يا ڪنهن ٻئي شاگرد کي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو. ان ڪري وقت جو تقاضو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي مان تشدد جي سياست جو مڪمل خاتمو آندو وڃي، سنڌي شاگردن ۽ استادن سميت سڀني شاگردن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ۽ يونيورسٽي جي علمي ۽ جمهوري ماحول کي هر قيمت تي بچايو وڃي.

علم جي واڌ ويجهه، اختلافِ راءِ جي احترام ۽ پرامن سياسي سرگرمين سان ئي يونيورسٽيون ترقي ڪنديون آهن. تشدد، نفرت ۽ عدم برداشت نه رڳو تعليمي ادارن کي تباهه ڪن ٿا، پر مستقبل جي نسلن کان روشن سڀاڻو پڻ کسي وٺن ٿا.

 

You might also like