چوماسي جي چپ چپاتي ۾ ٻوڏ جي تياري ھر حال ۾ ڪرڻي آھي

محمد احسان لغاري

جولاءِ 2026ع جي مهيني جي اچي وچ ۾ بيٺا آهيون، ۽ پاڪستان ۾ چوماسي پنھنجا کنڀ اجھو کوليا آھن. پاڪستان جي موسميات کاتي (پي ايم ڊي) پاران جولاءِ کان سيپٽمبر 2026ع جي موسمي اڳڪٿي ملڪ جي اڪثر حصن ۾ عام کان گهٽ يا سراسري برساتن جا  ڏس ڏي ٿي.  ان ۾ خاص طور تي وچين ۽ ڏاکڻين ميداني علائقن ۾ برساتن جي گھٽ وسڻ جا امڪان آھن. عوامي ونڊ ويچارن ۽ انتظامي ڳلين ۾، اهو شايد عارضي طور تي دلاسي جو احساس پيدا ڪري سگهي ٿو؛ ۽ مڙیئي خير  جون خبرون، اھي به ڪن ٿا، جن کي سُڪيءَ تي به تياري ڪرڻ کپي. پر ان ئي وھم گمان جي نتيجي ۾  غفلت ۽ سستي پنھنجو ڄار تڪڙو  وڇائيندي آهي.

جيتوڻيڪ مند جي مجموعي اڳڪٿي قابو ۾ نظر اچي ٿي، پر سنڌو طاس جو هائيڊرولاجيڪل نظام ايئن سڌو سنئون ناھي. اھو تمام گهڻي غير يقيني سان جوٽيل آھي. برساتن جي عام يا سراسري کان گهٽ واري موسم ۾ به، برسات جو وقت، شدت، ۽ جاگرافيائي ورڇ؛ خاص طور تي جڏهن مٿئين جابلو علائقن ۾ تيز برساتون پون ۽ ساڳئي وقت وچين علائقن ۾ به وسڪارو ٿئي؛ هڪ خطرناڪ اوچتو وڌندڙ گڏيل ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. موسمي ڦيرگھير يا تبديليءَ هن خطي ۾ موسم جي نمونن کي تمام گهڻو غير يقيني بڻائي ڇڏيو آهي؛ هاڻي ماضي جي اڳڪٿين ۽ سراسري انگن اکرن تي مڪمل ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. اڄ نديءَ جو ماٺ ۾ رڙھندو  وهڪرو سڀاڻي جي تاريخي ۽ تباهيون ڦھلائيندڙ ٻوڏ کان بچڻ جي ڪا پَڪَ نٿو ڏئي.

آفتن کان بچاءَ جي تيارين کي عام طور تي صرف هنگامي فنڊ يا ايمرجنسي ڪِٽ طور سمجهيو ويندو آهي، جيڪا تڏهن ئي ڪم آندي وڃي ٿي جڏهن خطرو اچي سيراندي بيھي ٿو. پر هي سوچ خطرناڪ ۽ اڻپوري آهي. آفتن سان منهن ڏيڻ جي اصل تياري سڄو سال جاري رهندڙ عمل آهي، جنهن ۾ اڳواٽ رٿابندي، حفاظتي بندن جي مضبوطي، بروقت مانيٽرنگ جو نيٽ ورڪ، ادارتي سھڪار ۽ ڪميونٽي/برادرين جي تربيت شامل آهي. هي عمل سماج کي آفتن جي اچڻ کان اڳ ئي انهن جو اندازو لڳائڻ، اثر گهٽائڻ، پاڻ کي تيار ڪرڻ ۽ بحاليءَ جي قابل بڻائي ٿو. اها سوچ ته ”جيڪڏهن ڪنهن موسم ۾ ٻوڏ نه آئي ته اها تياريءَ تي ٿيل سيڙپڪاري ضايع وئي“، سرڪاري سيڙپڪاريءَ ۾ هڪ عارضي ۽ شارٽ ٽرم سوچ کي ظاهر ڪري ٿي. ان جا اثر ادارن، ميڊيا ۽ عام بحثن ۾ اچن ٿا۔ “ادا ٺلھه تي ڪروڙ زيان ڪيائون۔” اها سوچ انهن قيمتي حفاظتي قدمن، جهڙوڪ بندن جي سار سنڀال، نيڪال جي نالن جي صفائي، ۽ اڳواٽ اطلاع ڏيندڙ نظام جي ڀيٽ ۾ انهن منصوبن کي ترجيح ڏئي ٿي جيڪي تڪڙا ۽ ظاهري طور تي نظر ايندا آهن. حقيقت ۾، ماٺ ۽ عام راجي حالتن وارا ڏينھن  ئي انهن بچاءُ ڪندڙ عملي ڪمن جو  اھم ۽ وقتائتو موقعو هوندو آهي. طوفان جو انتظار ڪرڻ جو مطلب آهي ته تمام گهڻو جاني ۽ مالي  نقصان سھڻ ۽ بحاليءَ جا اهڙا وڏا خرچ برداشت ڪرڻ، جيڪي اڳواٽ سيڙپڪاريءَ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هوندا آهن.

اسان جي  غفلت ۽ سستي جو هڪ وڏو سبب اتر جي جبلن کان جاگرافيائي فاصلو آهي. دستاويزي طور تي، مٿئين علائقن مان ايندڙ ٻوڏ جو پاڻي سنڌ جي ميداني علائقن تائين پهچڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن وٺندو آهي، جنهن سان تياريءَ لاءِ ڪافي وقت ملي ويندو آهي. مثال طور پنجاب جي تونسا بئراج کان وٺي سنڌ جي پهرين بئراج، يعني گڊو بئراج تائين مفاصلو ڏسو. درياءَ جي وهڪري سان هي مفاصلو لڳ ڀڳ 210 ڪلوميٽر آهي. عام يا وچولي وهڪري جي صورت ۾، ٻوڏ جي لهر کي هي مفاصلو طئي ڪرڻ ۾ تقريبن 48 يا ان کان ڪجهھ وڌيڪ ڪلاڪ لڳن ٿا. پر جڏهن ٻوڏ جي مقدار  وڌي ويندي آهي ۽ پاڻي ڪچي ۾ ھر طرف پکڙجي ويندو آهي؛ ان وسعت جي  ڪري گڊو تائين پھچڻ ۾  72 کان 78 ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ وقت لڳندوآهي. بظاھر اھا ڪجهه ڏينھن  جي وٿي اطمينان بخش لڳي ٿي ۽ بچاءُ جي تياري ۾ مدد پڻ ڪري ٿي، پر اسان کي سمجھڻ کپي ته سنڌو ڪو وڏو پائيپ يا واھ ناھي جو  پاڻي کي هڪ نقطي کان ٻئي نقطي تائين پهچائي، پر هي هڪ نهايت منظم ۽ ڪيترن ئي سھڪاري  ندين وارو هڪ گوناگون  نظام آهي.

جڏهن اتر کان ايندڙ ٻوڏ جي لهر آهستي آهستي تونسا کان گڊو طرف وڌي رهي هوندي آهي، تڏهن درياءَ کي وچين علائقن مان تڪڙیون وھي ايندڙ نين جي ڪري ٻوڏ جو خطرو هوندو آهي. پنجاب ۾ اوچتو تيز چوماسي جي برساتن يا ڪلاؤڊ برسٽ (بادل ڦاٽڻ) جي ڪري مٿئين حصي يا مٺڻ ڪوٽ وٽان درياءَ ۾ پاڻي جو وڏا  وھڪرا داخل ٿي سگھن ٿا . خاص ڪري ڪوهه سليمان جي جابلو علائقن مان نڪرندڙ رود ڪوهيون (جابلو نديون)، جيڪي تونسا ۽ گڊو جي وچ ۾ ڊيرا غازي خان ۽ راجن پور ضلعن ۾ واقع آهن، درياھ جي مکيه وهڪري ۾ پاڻيءَ جو وڏو مقدار اوتينديون آهن. ان سان ٻوڏ جي رفتار ۽ مقدار، ٻئي وڌندا آھن، جنهن جي نتيجي ۾ اتر کان ايندڙ وھڪرو جيڪو وچٿري  ٻوڏ  سان سمنڊ جي سيوا لاءِ سُڪري رھيو ھوندو آھي، ان سان انهن وچين ذريعن مان اوچتو ايندڙ وڏو وهڪرو شامل ٿي ويندو آهي، جيڪو گڊو ۽ سنڌ جي هيٺئين حصن ۾ هڪ نهايت تيز ۽ تباهه ڪندڙ سپر  پيڪ پيدا ڪري سگھي ٿو. ماضي جي تجربن، خاص ڪري  2010ع واري مھا  ٻوڏ  ان گڏيل اثر جي ڪري درياھ جي اڳڪٿي جوڳي وهڪري کي هڪ قيامت جھڙي  طوفان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، جنهن سنڌ جي ادارتي  تيارين کي وائڙو ڪري، ڪنھن مڙس ملهھ جيان پٽ ڪيو! سمجھڻ گھرجي ته گھڻي ڄاڻ ۽ بھتر اطلا

عي اوزر ۽ نظام جي باوجود  انھن وڌيل وھڪرن جي مقدار ۽ وقت بابت ڪیل بھتر اڳڪٿین ۾ پڻ فرق ھوندو آھي . جابلو نين جي وهڪرن بابت تحقيق اھو پڪ سان ٻڌائي  ٿي ته هي نديون سنڌو ءَ جي ٻوڏ کي وڌائڻ ۾ هڪ غير معمولي ڪردار ادا ڪنديون آهن، خاص طور تي جڏهن مٿئين درياءَ جو وهڪرو اڳ ۾ ئي پنهنجي عروج تي هجي.

آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت مڪمل طور تي تيار رهڻ نه رڳو عقلمندي آهي، پر معاشي طور تي پڻ سڀ کان وڌيڪ سمجهھ ڀريو قدم آهي. عالمي سطح تي تحقيق ۽ تجربا  ظاهر ڪن ٿا ته آفتن جي خطرن کي گهٽائڻ ۾ اڳواٽ سيڙپڪاري ڪيترين ئي ڏوجھرن، جاني مالي نقصانن ۽ سماجي وھنوار کي ڊانوانڊول ٿيڻ کان بچائي ٿي. يو اين ڊي آر آر (UNDRR) جي عالمي جائزي جي رپورٽن مطابق، آفت جي خطرن کي گهٽائڻ ۽ اڳواٽ بچاءُ ۾ سيڙپ ڪيل هر 1 آمريڪي ڊالر هنگامي امداد ۽ بحاليءَ جي خرچن ۾ 15 آمريڪي ڊالرن تائين جي بچت ڪري ٿو. عالمي بينڪ جي گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن لاءِ ڪيل تجزين مطابق، روڊن، پلن، حفاظتي بندن، ۽ نيڪال جي نظام جهڙن اهم اڏاوتي نظام کي ٻوڏ کان بچاءُ جھڙو  بنائڻ لاءِ سيڙپ ڪيل هر 1 آمريڪي ڊالر نقصانن ۽ رڪاوٽن جي بچاءُ ذريعي اٽڪل 4 آمريڪي ڊالرن جو نج  فائدو ٿئي ٿو. سوڪ واري  مند ۾ درياھ جي بندن جي مرمت ڪرڻ، نيڪال جي نالن/ ڊرينن کي صاف ڪرڻ ۽ هنگامي اوزار اڳواٽ مهيا ڪرڻ تي تمام گهٽ خرچ اچي ٿو، جڏهن ته بحران جي وقت تڪڙي خريداري، سپلائي چين جي رڪاوٽن  ۽ هنگامي قدمن تي گهڻو وڌيڪ خرچ اچي ٿو. 2022ع جي ٻوڏن انهن حقيقتن جو چٽو ثبوت ڏنو. هن ٻوڏ 3 ڪروڙ 30 لک (33 ملين) ماڻھن کي ڪکیو ۽ دربدر ڪيو، تقريبن 14.9 ارب آمريڪي ڊالرن جو سڌوسنئون نقصان پهچايو، ۽ اٽڪل 15.2 ارب آمريڪي ڊالرن جو معاشي نقصان ڪيو، جيڪو گڏجي لڳ ڀڳ 30.1 ارب آمريڪي ڊالر بڻجي ٿو، جڏهن ته ٻيهر تعمير ۽ بحالي لاءِ گهربل رقم 16 ارب ڊالرن کان وڌيڪ هئي. مجموعي نقصانن جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو صرف سنڌ جي حصي ۾ آيو. ملڪ کي نيٺ آفتن جي انتظام جي قيمت ادا ڪرڻي ئي پوي ٿي، چاهي اها بھتر حالتن ۾ ننڍڙي رٿابنديءَ ۽ سيڙپڪاريءَ جي صورت ۾ هجي، يا آفت کانپوءِ وڏي تباهي ۽ اوچتن خرچن جي صورت ۾ هجي.

جيئن ته ظاهري سڪون ۽ اوچتي تباهيءَ جي وچ ۾ وقت جو فاصلو ڏينهن جي بدران ڪلاڪن ۾ ختم ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري تياريءَ جو نظام هر وقت فعال رهڻ گهرجي. هڪ اثرائتو ۽ اڳواٽ اطلاع ڏيندڙ نظام رڳو عام موسم جي اڳڪٿي تائين محدود نه هئڻ گهرجي. ان لاءِ هڪ مربوط، خودڪار سيٽلائيٽ ٽيلي ميٽري اسٽيشنن جو نيٽ ورڪ گهرجي، جيڪو نه رڳو اترين علائقن پر وچين معاون ندين ۽ اهم جابلو نديءَ جي وهڪرن کي به ڏسي سگھي ، جيڪي اڃا تائين بنا مانيٽرنگ يا اڻپورا مانيٽر ٿيل آهن. هن ڊيٽا کي حقيقي وقت ۾ هائيڊروڊائنامڪ ۽ گڏيل ٻوڏ جي اهڙن ماڊلن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي جيڪي هڪ ئي وقت مختلف علائقن ۾ پوندڙ برساتن جي منظرنامي کي واضع ڪري سگهن. ان سان سنڌ جي بئراجن ۽ هيٺين علائقن جي آباديءَ کي ايندڙ خطرن جو بلڪل درست ۽ واضح خاڪو ملي سگهندو. پي ايم ڊي، ايف ايف سي ، آبپاشي کاتا، واپڊا، ۽ اين ڊي ايم اي يا پي ڊي ايم ايز جي وچ ۾ معلومات جي حصيداري ۽ مربوط ڪم کي مضبوط ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. پر ان سان گڏ، لاڳاپيل ادارن جا ماڻھو، مشينري ۽ مٽيريل پڻ ھر اھم ھنڌ تي موجود ھجڻ کپي. پاڻيءَ جي سطح وڌڻ کان اڳ ئي اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز، آبپاشي کاتي ۽ مقامي انتظاميه جي وچ ۾ رابطا مڪمل طور تي مضبوط هجڻ گهرجن. سانت ۽ عام رواجي حالتن ۾ گڏيل تربيتن، سموليشن مشقن، تونسا-گڊو ۽ گڊو-سکر، سکر-ڪوٽڙي ۽ ڪوٽڙي کان سمنڊ تائين  بندن جي ڪمزورين جي تفصيلي جاچ ڪرڻ، ۽ ايمرجنسي دوران افسرشاھي جي رڪاوٽن کان بچڻ لاءِ فيصلن جي اختيار ۽ ڄاڻ جي وهڪري کي واضح ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. وڏا انجنيئرنگ حل تڏهن ئي ڪارگر ثابت ٿين ٿا جڏهن انهن سان مقامي برادرين کي بااختيار بڻايو وڃي. جڏهن ٻوڏ جي خطري وارن علائقن جي رهواسين کي خطرن جي نشاندهي، محفوظ رستن جي چونڊ، ٻوڏ جي اشارن، مٽيءَ جي ٻورين جي استعمال ۽ ايس ايم ايس، مسجدن جي لائوڊ اسپيڪرن ۽ مقامي رضاڪارن ذريعي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ جي تربيت ڏني ويندي ته جاني ۽ مالي نقصان کي ڪافي حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو. ڪميونٽي جي بنياد تي آفتن جي خطري جي انتظام (CBDRM) جي پروگرامن جا عالمي ۽ پاڪستان جي حوالي سان ڪيل جائزا مسلسل ڏيکارين ٿا ته جڏهن ڪميونٽي کي رڳو امداد وٺندڙ بڻائڻ بدران هڪ فعال ڀاڱيوار بڻايو وڃي ٿو ته ان سان تمام سٺا نتيجا ۽ جاني مالي نقصانن ۾ نمايان گهٽتائي اچي ٿي.

 

You might also like