ٿر جي بجلي مان پنجاب جا ڪارخانا هلن پيا پر ٿر واسي بجلي کان محروم آهن: ڪاشف شيخ

ڪراچي/مٺي (پ ر+ڊ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته ٿرپارڪر سنڌ جو اهو خطو آهي، جنهن کي قدرت بيشمار وسيلن سان نوازيو آهي. ڪوئلي جي ذخيرن، معدنيات، ڪارونجهر جبل، جنهن ۾ دنيا جو خوبصورت ۽ قيمتي گرينائيٽ موجود آهي، سهڻي ثقافت، محنتي ماڻهو ۽ پاڪستان جي توانائي جو مستقبل، سڀ ڪجهه ٿر ۾ موجود آهي.پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ به ٿر جو عام شهري بنيادي سهولتن کان محروم آهي. اڄ ٿر جا ماڻهوءَ اسان کان اهو سوال پڇي رهيا آهن ته آخر ايترا وسيلا هجڻ باوجود به ٿر جا ماڻهو بُک، بدحالي، غربت، بيروزگاري ۽ تمام بنيادي انساني ضرورتن کان ڇو محروم زندگي ڇو گذاري رهيا آهن؟ اڄ به ٿر جي  اڪثر علائقن، بلڪه لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو حصي ۾ بجلي موجود ناهي، جڏهن ته دنيا جي وڏن ڪوئلي جي ذخيرن مان بجلي پيدا ٿي ٻين علائقن ڏانهن وڃي رهي آهي. نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي موجود آهي، نه بهتر اسپتال، نه معياري تعليم، نه سٺا روڊ رستا ۽ نه ئي نوجوانن لاءِ روزگار جا مناسب موقعا موجود آهن.معدنيات سان مالا مال ٿرپارڪر ضلعو حڪمرانن جي ڪرپشن، نااهلي ۽ بدترين حڪمراني سبب غربت ۽ ڏڪار جو شڪار بڻجي ويو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن مٺي ۾ جماعت اسلامي ضلع ٿرپارڪر جي هڪ اهم تنظيمي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته  ٿرپارڪر جي ڀيٽ ۾ڪجهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سرحد جي ٻي طرف ڀارت جي رياست راجسٿان گهڻو سرسبز ۽ خوشحال آهي، ڇاڪاڻ⁠ته اتي واهن ذريعي پاڻي پهچايو ويو آهي، جنهن سبب اتان جو هاري خوشحال زندگي گذاري رهيو آهي.هن چيو ته هتان جي ماڻهن کي خيرات نه، پر پنهنجو جائز حق گهرجي. ٿر جي ماڻهن لاءِ پاڻي جا منصوبا، صحت جا مرڪز، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ نوجوانن لاءِ بهتر روزگار ئي سندن زندگين ۾ حقيقي ترقي ۽ تبديلي آڻي سگهي ٿي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٿر جا ماڻهو پنهنجن نمائندن کان حساب وٺن،

 

You might also like