ثقافتي ورثو قرار ڏنل قاضي هائوس ۾ اڏاوتن خلاف درخواست

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قاضي هائوس ۾ اڏاوت جي  خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي ، جنهن کي ثقافتي ورثو قرار ڏنو ويو آهي.درخواستگذارچيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي قاضي هائوس تي ٽن منزلن جي اڏاوت جي اجازت ڏني آهي، جيڪا غير قانوني آهي، قاضي هائوس هڪ ثقافتي ورثو آهي ۽ ان تي اڏاوت نه ٿي ڪري سگهجي، درخواست گذارچيو ته جڏهن ته قاضي هائوس جي ويجهو موهٽا پيلس جي ثقافتي عمارت، جنهن کي  نقصان جو خطرو آهي، عدالت اڏاوت تي اسٽي آرڊر  ۾ واڌ ڪئي.درخواست جي ٻڌڻي آگسٽ جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي.درخواستگذارجي وڪيل چيو ته قاضي هائوس ۾ هڪ مذهبي برادري عبادت جي جاءِ ٺاهي رهي آهي، جيڪا اڌاوت نه ٿي سگهي، درخواست دارا بشير خان، سراج ميمڻ، الماس نويد پاران داخل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like