سکر (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) سنڌ پاران رٿيل انٽرنيشنل پيس ڪانفرنس جي ڪاميابي لاءِ سنڌ ڀر ۾ جاري عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ جي يو آءِ جو اهم اجلاس گلشنِ شهيد ۾ سنڌ جي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ عالمي امن اجتماع جي تيارين، تنظيمي سرگرمين ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ دعوتي مهم لاءِ خاص ٽيمون جوڙڻ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ۽ جي يو آءِ ڊجيٽل ميڊيا جي سربراهه انجنيئر ضياءُ الرحمان چيو ته موجوده حالتون امت ۽ ملڪ لاءِ هڪ وڏو امتحان آهن، جنهن ۾ اتحاد، استقامت ۽ آئين جي بالادستي سان ئي ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته آئين هر اداري جون حدون ۽ ذميواريون مقرر ڪيون آهن، تنهن ڪري آئين جو حلف کڻندڙن تي لازم آهي ته اهي آئين جي مڪمل پاسداري ڪن. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان، جي يو آءِ ۽ پاڪستان اسان جي ريڊ لائن آهن ۽ جي يو آءِ هر قيمت تي آئين ۽ جمهوريت جو دفاع ڪندي رهندي. هن چيو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي ۽ سنڌو درياهه تي آبي جارحيت هرگز قبول نه آهي. راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ جي قدرتي وسيلن، معدنيات، بندرگاهن، تيل، ڪوئلي، جبلن ۽ ٽيڪسن تي قبضي جون پاليسيون سخت مذمت جوڳيون آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيون وينديون. هن چيو ته صحت، تعليم، زراعت ۽ ميرٽ جي نظام کي تباهه ڪيو پيو وڃي.اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پريا ڪماري، اجارا سولنگي، فضيلا سرڪي سميت سڀني مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي. اجلاس کي عبدالرزاق عابد لاکو، مولانا عبدالمجيب، علامه ناصر محمود سومرو، ڊاڪٽر اي جي انصاري، سليم سنڌي، مولانا عبدالله مهر، مولانا گل محمد انقلابي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.