لاهور(بيورو) استحڪام پاڪستان پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر شعيب صديقي مولانا فضل الرحمان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ هڪ قرارداد جمع ڪرائي آهي.قرارداد جي متن موجب قومي سلامتي جي ادارن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ افسوسناڪ ۽ غيرذميواراڻو عمل آهي.قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته رياستي ادارن خلاف اشتعال انگيز بيان قومي مفاد جي ابتڙ آهن.شعيب صديقي چيو ته هو پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي قربانين کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪن ٿا، ۽ سڄي قوم پنهنجي دفاعي ادارن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي.