اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان آخر ڪهڙي ڳالهه تي معافي گهرن؟ معافي ته انهن کي گهرڻ گهرجي، جن ماڻهن کي خيبر پختونخوا ۾ لشڪر ٺاهڻ جو چيو آهي.صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران جڏهن کانئس پڇيو ويو ته محمود اچڪزئي کان پوءِ ڇا مولانا فضل الرحمان خلاف به ايف آءِ آر داخل ٿيندي؟ ته هن جواب ۾ چيوته مولانا فضل الرحمان اهڙي ڪهڙي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن تي کانئس معافي جو مطالبو ڪيو وڃي؟ڪامران مرتضيٰ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اهو چيو وڃي ته خيبر پختونخوا ۾ متوازي لشڪر ٺاهي پاڻ مقابلو ڪريو، ته معافي جو مطالبو انهن کان ٿيڻ گهرجي، نه ته مولانا فضل الرحمان کان.هن وڌيڪ چيو ته خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، ان تي حڪومت کي معافي گهرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته گورننس مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي.سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان جڏهن پنجاب ۾ وڃي چون ٿا ته سندن صوبي ۽ بلوچستان ۾ حالتون تمام خراب ٿي چڪيون آهن، ۽ ماڻهن کي چيو پيو وڃي ته دهشتگردن جي مقابلي لاءِ لشڪر ٺاهيو، ته ڇا اهڙي ڳالهه ڪرڻ مناسب آهي؟ڪامران مرتضيٰ سوال اٿاريو ته:آخر معافي مولانا فضل الرحمان کي گهرڻ گهرجي يا انهن ماڻهن کي، جن اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪيون