واشنگٽن/اسلام آباد(شهباز گل)پاڪستان جي رياست ۽ سياست ۾ ان وقت هڪ نئون طوفان برپا ٿي ويو آهي، جڏهن جمعيت علمائي اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ فوجي قيادت خلاف غير معمولي ۽ سخت ترين بيان جاري ڪيا آهن. تجزيه نگارن پاران سوال اٿاريا پيا وڃن ته ڇا طاقتور شخصيت جي حڪومت لاءِ راند ختم ٿيڻ واري آهي؟ ۽ هميشه سوچي سمجهي سياست ڪندڙ مولانا فضل الرحمان کي هن ڀيري پويان کان ڪير هدايتون ڏئي رهيو آهي؟ وفاقي وزير خواجه آصف ۽ احسن اقبال سميت نون ليگ جي اڳواڻن پاران مولانا تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. مولانا فضل الرحمان موجوده ملڪي قيادت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته پاڪستان هن وقت پرڏيهي پاليسيءَ ۾ مڪمل طور ناڪام ۽ اڪيلو ٿي چڪو آهي. افغانستان، هندستان ۽ ايران سان سرحدون بند يا خراب آهن، جڏهن ته چين پڻ پاڪستان تان پنهنجو اعتماد وڃائي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته سي پيڪ جي معاملي تي کيس ڌوڪو ڏنو ويو آهي،پهريون خيال اهو آهي ته مولانا کي حڪومت ۾ پنهنجو گهربل حصو ناهي مليو، تنهنڪري هو ڪاوڙيل آهي. پر گذريل ٻن سالن جي خاموشي ڏسندي هي منظرنامو ڪمزور لڳي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ پاڻ اسٽيبلشمينٽ کي دٻاءُ ۾ رکڻ لاءِ پنهنجي پٺيان مولانا فضل الرحمان کي پروڪسي طور استعمال ڪري رهيون هجن. اندروني اسٽيبلشمينٽ جو تڪرار (ڪياني فارمولا): ماضيءَ ۾ جنهن طرح جنرل اشفاق پرويز ڪياني جنرل پرويز مشرف خلاف اندروني طور گيم کيڏي هئي، انديشو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي اندر مان ئي ڪنهن مولانا فضل الرحمان جي پٺي ٺپري هجي. ٻئي طرف، اسٽيبلشمينٽ جي ويجهن سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان فوري طور تي مولانا فضل الرحمان خلاف ڪرپشن، غير ملڪي جائيدادن، ليبيا کان مليل امداد ۽ سندس پٽ اسعد الرحمان جي وزارت دوران مالي معاملن بابت نيب انڪوائري جون فائلون کوليون ويون آهن. تجزيه نگارن موجب، هي اسٽيبلشمينٽ جو پراڻو طريقو آهي ته پهريان سياستدانن کي ڪرپشن ڪرڻ ڏني ويندي آهي ۽ جڏهن هو خلاف ڳالهائين ته اهي فائلون ڏيکاري کين خاموش ڪرايو ويندو آهي.