ڪراچي(عوامي آواز نيوز)اين اي ڊي داخلا ٽيسٽ جا نتيجا: سنڌ جي سرڪاري تعليمي بورڊن جي معيار تي سوال اٿي بيٺاسنڌ جي ٻين ڊويزنن جي بورڊن ۽ سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جو تعليمي معيار وائکونتيجن موجب پرڏيهي بورڊن، ڪيمبرج، آغا خان ايجوڪيشن بورڊ ۽ فيڊرل بورڊ جي شاگردن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر طفيل چيو ته انٽرميڊيئيٽ جي پهرين سال ۾ 70 کان 80 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪندڙ ڪيترائي شاگرد به داخلا ٽيسٽ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا، جيڪو امتحاني نظام ۽ ڏنل نمبرن جي اعتبار بابت وڏو سوال پيدا ڪري ٿو.مختلف بورڊن جي ڪاميابي جو تناسب پرڏيهي بورڊ 95.65 سيڪڙو،ڪيمبرج 94.32 آغا خان ايجوڪيشن بورڊ: 88.84 فيڊرل بورڊ: 83.71 ڪراچي بورڊ79.91 سيڪڙو ٻئي طرف سنڌ جي اڪثر سرڪاري بورڊن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي.اندرينِ سنڌ جي بورڊن جا نتيجاسنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن: 13. 95حيدرآباد بورڊ: 46.83نوابشاهه بورڊ: 42.03 ميرپورخاص بورڊ: 40.43 لاڙڪاڻو بورڊ: 36.71 سيڪڙو، سکر بورڊ35.06 سيڪڙو رهيو، ڊاڪٽر طفيل واضح ڪيو ته موجوده نتيجن ۾ اي ليول جا شاگرد شامل ناهن، ڇاڪاڻ ته سندن امتحان اڃا جاري آهن. انهن جو داخلا ٽيسٽ امتحان مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ورتو ويندو.يونيورسٽي موجب، داخلا ٽيسٽ ۾ 13,056 اميدوارن شرڪت ڪئي، جن مان 9,252 ڪامياب قرار ڏنا ويا. مجموعي ڪاميابي جو تناسب 70.86 سيڪڙو رهيو.اين اي ڊي يونيورسٽي موجب داخلا ٽيسٽ پاس ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو نمبر حاصل ڪرڻ لازمي هوندا آهن، جنهن کان پوءِ اوپن ميرٽ تحت داخلا جو عمل شروع ڪيو ويندو آهي.