قاضي فائز عيسيٰ کي تاريخ معاف نه ڪندي: حامد مير

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن حامد مير اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي دور ۽ سندس فيصلن تي سخت تنقيد ڪئي آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ حامد مير چيو ته جڏهن ماضي ۾ قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس داخل ڪيو ويو هو، تڏهن صحافتي برادري ۽ هن پاڻ قاضي فائز عيسيٰ جي حمايت ۾ ان وقت جي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي مخالفت ڪئي هئي.حامد مير موجب، چيف جسٽس بڻجڻ کان پوءِ قاضي فائز عيسيٰ جو طرزِ عمل انتهائي مايوس ڪندڙ رهيو. هن چيو ته قاضي فائز عيسيٰ تي جڏهن ريفرنس ٺاهيو ويو ته اسان سندس خاطر عمران خان جي حڪومت سان وڙهندا رهياسين، جنرل باجوه سان به اختلاف ڪيو، پر چيف جسٽس بڻجڻ کان پوءِ هن جيڪو ڪجهه ڪيو، تاريخ  کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندي،حامد مير پنهنجي بيان ۾ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو قاضي فائز عيسيٰ کان اهڙين اميدن سان بيٺا هئا، جيڪي سندس چيف جسٽس بڻجڻ کان پوءِ پوريون نه ٿي سگهيون.

 

You might also like