لاهور(مزمل سهروردي+مبشر لقمان)ڪابينا ۽ حڪومت ۾ تبديلي جي حوالي سان گهڻي عرصي کان افواهه هلندا پيا اچن،ان تي ڪا به ٻي راءِ ناهي ته حڪومت ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي آهي،خاص طور امن امان ۽ معيشت جي حوالي سان ان جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، امن امان ڏينهون ڏينهن تباهه ٿي رهيو آهي، معيشت ۾ اوسر بدران ملڪ قرضن جي بار هيٺيان دٻجي رهيو آهي، شهباز شريف جي ڪابينا ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي سندس آندل ناهن، اهي طاقتورن جي فرمائش تي رکيل آهن، ٻئي پاسي ايران آمريڪا جنگ سبب عالمي سطح تي تيل جا اگهه وري وڌي رهيا آهن،ان جو اثر به پاڪستان تي پوندو، هاڻي حڪومت کي پيٽرول ڊيزل اگهه وڌائڻ جو وري موقعو ملي ويوآهي حڪومت پنهنجي لاءِ وڏيون مشڪلاتون به پيدا ڪري رهي آهي، ۽ هي هينئر جيڪو ڪجهه اڳتي ٿيڻ وارو آهي، اهو منظر خراب نظر پيو اچي،ڪاروبار ناهي،بيروزگاري وڌي وئي آهي،بجلي ۽ گئس جا بل عوام جي برداشت کان ٻاهر ٿي رهيا آهن، نه بجلي اچي پئي، نه گيس ملي پئي، خبر ناهي عام ماڻهو زنده ڪيئن آهي، ٻئي پاسي حڪومت جون عياشيون ختم ٿيڻ جو نالو نه پيون وٺن جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ اتان جي ماڻهن کي آن بورڊ ( ناهي ڪيو ويو. انهن ٻنهي علائقن جا ماڻهو پرامن آهن،هاڻي روڊن تي نڪتل آهن، رياست پاران انهن معاملن کي هينڊل ڪرڻ جو طريقو درست ناهي،پ پ ۽ نواز ليگ ٻئي آزاد ڪشمير،گلگت بلتستان ۽ بلوچستان جي مسئلن تي ڪردار ادا ڪرڻ کان لاچار آهن،