سنڌ جي موجوده سياسي ۽ انتظامي صورتحال رڳو امن امان جي بحث تائين محدود ناهي رهي، پر اڄ صوبي کي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي گهڻ رُخن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جن ۾ امن امان جي بحالي، آبي حقن جو تحفظ، ترقياتي منصوبن جي شفاف حڪمراني، احتساب ۽ سياسي بيانيي جا سوال نمايان آهن. هڪ طرف حڪومت پنهنجي پاليسين ۽ قدمن کي عوامي مفاد جو محور قرار ڏئي ٿي، ته ٻئي طرف مخالف سياسي ۽ قومپرست ڌريون انهن ئي معاملن تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيون آهن. نتيجي طور، هن وقت خاص ڪري پاڻي جي مسئلي تي سنڌ جو سياسي منظرنامو انتهائي متحرڪ ۽ حساس بڻجي ويو آهي.
هنن ڏينهن ۾ پاڻي جو مسئلو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي سياست جو مرڪزي موضوع بڻجي اڀريو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي بابت کنيل تڪراري قدمن تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي عالمي ادارن، خاص طور ورلڊ بينڪ ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي پاڪستان جي آبي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. پ پ چيئرمين ڀارت کي واضح وارننگ ڏيندي چيو آهي ته پاڻي جي معاملي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ سنڌ طاس معاهدي کي ڪنهن به صورت ۾ ختم ڪرڻ نه ڏبو. ان حوالي سان پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ "مرسون مرسون، سنڌو نه ڏيسون” جي عنوان سان هڪ وڏي احتجاجي مهم شروع ڪري ڏني آهي، ان کان علاوه، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 25 جولاءِ تي لاهور ۾ پڻ هڪ وڏي جلسي جو اعلان ڪيو آهي، جتي ملڪ جي ٻين سياسي مسئلن سان گڏ سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد ۽ پاڪستان جي آبي حقن جو معاملو بحث جو مکيه حصو هوندو.
ساڳئي وقت، مختلف قومپرست ۽ سياسي جماعتون پڻ پاڻي، سنڌو درياءَ ۽ وسيلن جي تحفظ بابت پنهنجا پنهنجا مؤقف پيش ڪري رهيون آهن. اها صورتحال ظاهر ڪري ٿي ته پاڻي هاڻي رڳو هڪ ماحولياتي يا معاشي مسئلو ناهي رهيو، پر هي قومي سلامتي، وفاقي لاڳاپن ۽ سياسي بيانيي جو هڪ اهم ترين حصو بڻجي چڪو آهي. ٻئي طرف، سنڌ حڪومت امن امان جي صورتحال کي پنهنجي بنيادي ترجيحن ۾ شامل رکندي سيڪيورٽي قدمن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ دهشتگردن، ڌاڙيلن، ڏوهاري عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ، انٽيليجنس ادارن جي وچ ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ ۽ هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. حڪومت جو مؤقف آهي ته پائيدار امن کان سواءِ نه ملڪي معيشت مستحڪم ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي وري ترقياتي عمل کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو.
ان اجلاس دوران وڏي وزير ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي معطل يا تبديل ڪرڻ جي ڪوششن کي عالمي قانونن ۽ بين الاقوامي اصولن جي سراسر خلاف ورزي قرار ڏنو. هن واضح ڪيو ته پاڻي کي سياسي دٻاءُ يا هٿيار طور استعمال ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ڇو ته سنڌو درياءَ رڳو پاڻي جو ذريعو ناهي پر هي پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جي زندگي، ثقافت ۽ سڃاڻپ سان جڙيل آهي. جتي پاڻي ۽ امن جو بحث هلي رهيو آهي، اتي ئي ملڪ جي وڏن ترقياتي منصوبن جي ڪارڪردگي پڻ سخت سوالن جي گهيري ۾ آهي. نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، جيڪو پاڪستان جي اهم ترين آبي منصوبن مان هڪ سمجهيو ويندو هو، اربين ڊالر خرچ ٿيڻ باوجود فني خرابين سبب بند پيل آهي. هي منصوبو، جنهن مان 969 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيڻ جي اميد هئي، تجارتي بنيادن تي ڪم شروع ڪرڻ کان ٿوري ئي عرصي بعد سرنگهن کي پهچندڙ نقصان سبب ناڪاره ٿي ويو.
سينيٽ جي لاڳاپيل ڪميٽي آڏو واپڊا اختيارين جو اهو اعتراف ته هي منصوبو شايد 2028ع تائين مڪمل بحال نه ٿي سگهندو، ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿو. جيڪڏهن شروعاتي مرحلي ۾ جيولوجيڪل سروي دوران ئي ان علائقي جي زميني خطرن بابت نشاندهي ڪئي وئي هئي، ته پوءِ منصوبابندي، ڊزائننگ ۽ نگراني دوران انهن خدشن کي مناسب اهميت ڇو نه ڏني وئي؟ ملڪي توانائي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ اهڙن منصوبن تي شفافيت سان ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. اهڙي ئي صورتحال سنڌ جي نئي گاج ڊيم بابت پڻ سامهون اچي رهي آهي، جتي لاڳت ۾ مسلسل واڌ ۽ مڪمل ٿيڻ ۾ دير منصوبابندي ۽ انتظامي عملدرآمد تي خدشا وڌائي رهي آهي. ان منصوبي کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن دادو ضلعي کي ٻوڏ جي خطرن کان بچائڻ سان گڏ سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين کي سيراب ڪري سگهجي. اهي سڀ معاملا اهو احساس ڏيارين ٿا ته ملڪي ترقي لاءِ رڳو منصوبا جوڙڻ ڪافي ناهي، پر انهن جي فني جاچ، شفاف عملدرآمد، مالي نظم ۽ سخت احتساب کي يقيني بڻائڻ به اوترو ئي ضروري آهي. ٻي صورت ۾ قومي وسيلن تي بار پوندو رهندو ۽ عوام کي ڪو فائدو نه رسندو.
سياسي محاذ تي پڻ سرگرميون تيز آهن. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه، جيئي سنڌ قومي محاذ جي سربراهه صنعان خان قريشي ۽ قومي عوامي تحريڪ سميت مختلف ڌريون حڪومت جي ڪارڪردگي، پاڻي جي ورڇ، تعليم، صحت، بيروزگاري ۽ بدامني جي معاملن تي مسلسل تنقيد ڪندي تحرڪ ۾ آهن. انهن جماعتن جو موقف آهي ته سنڌ جي بنيادي سماجي ۽ معاشي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ کان آسان صوبي ۾ سياسي استحڪام ۽ خوشحالي ممڪن ناهي. حقيقت اها آهي ته سنڌ اڄ هڪ اهڙي نازڪ موڙ تي بيٺل آهي، جتي امن امان، پاڻي جا حق، ترقياتي منصوبن جي ڪاميابي ۽ بهتر حڪمراني هڪ ٻئي سان سڌي ريت ڳنڍيل آهن. جيڪڏهن امن قائم نه ٿيندو ته سيڙپڪاري ۽ ترقي متاثر ٿيندي؛ جيڪڏهن پاڻي بابت قومي مفادن جو تحفظ نه ٿيو ته زرعي معيشت تباهه ٿي ويندي
سنڌ جي عوام لاءِ اهم ڳالهه رڳو سياسي بيان بازي يا الزام تراشي ناهي، پر عملي نتيجا آهن. عوام چاهي ٿو ته امن مستحڪم هجي، پاڻي جا آئيني حق محفوظ رهن، ۽ حڪمراني اهڙي هجي جيڪا شفافيت ۽ عوامي ڀلائي کي يقيني بڻائي. مستقبل ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي استحڪام جو اصل معيار به اهي ئي عنصر هوندا. ان سلسلي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جنهن سياسي ۽ عوامي حڪمت عملي تحت اڳتي وڌي رهيو آهي، اميد آهي ته سندس اهي ڪوششون سنڌ جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪامياب ثابت ٿينديون.