ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال گذريل ڪجهه سالن کان لاڳيتو اهڙن سخت بحرانن جي ور چڙهيل آهي، جن جو تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. مهانگائي، بيروزگاري، گهٽجندڙ پيداوار، بجلي ۽ گيس جا آسمان سان ڳالهائيندڙ اگهن جو بار عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪي معيشت کي عالمي مالياتي اداري جي سخت شرطن تحت هلايو پيو وڃي، عام ماڻهو جي زندگي ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي رهي. هاڻوڪي دور ۾ حڪومت پاران هڪ پاسي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ تيرهن روپيا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي رڳو هڪ سال جي مختصر عرصي دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ويهه ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ اٺ سئو کان وٺي ٻارهن سئو پنجاهه روپين تائين جو اضافو ٿيو آهي. اهڙي سنگين صورتحال ۾ عام ماڻهو لاءِ زندگي جو گاڏو هلائڻ هاڻي صرف مشڪل ناهي رهيو، پر مڪمل طور تي ناممڪن بڻجي ويو آهي. وفاقي وزيرن، مشيرن ۽ سرڪاري ترجمانن پاران اسلام آباد جي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويهي معاشي استحڪام، ميڪرو اقتصادي بهتري ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جي رڪارڊ توڙ واڌ جا وڏا وڏا بيان ۽ انگ اکر پيش ڪيا ويندا آهن، پر اهي سڀ دعوائون پنهنجي جاءِ تي، پر حقيقت اها آهي ته عام شهريءَ جي نظر ۾ معيشت جو اصل معيار اهي انگ اکر ناهن. هڪ عام شهري مٿان پوندڙ معاشي اثرن جو اصل معيار اهو آهي ته سندس گهر جو چلهو ڪيئن ٿو ٻري، سندس ٻارن کي ٻه وقت جي ماني عزت سان ملي ٿي يا نه، ۽ هو پنهنجي محدود ۽ گهٽجندڙ آمدنيءَ سان بنيادي انساني ضرورتون ڪيئن پوريون ڪري ٿو. جڏهن بنيادي خوراڪ يعني ماني ۽ بنيادي توانائي جهڙوڪ پيٽرول ۽ ڊيزل ئي پهچ کان ٻاهر ٿي وڃن، تڏهن سرڪاري دعوائون ڌوڙ بڻجي وينديون آهن.
جيڪڏهن اسان وفاقي اداري شماريات جي تازي رپورٽن تي نظر وجهون ته سامهون ايندڙ حقيقتون انتهائي هولناڪ آهن. گذريل هڪ سال جي عرصي ۾ ملڪ جي هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ اٽي جي قيمت ۾ تاريخي ۽ غيرمعمولي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪراچي، جيڪو اڳ به ملڪ جو سڀ کان مهانگو شهر شمار ٿيندو هو، اڄ به اٽي جي قيمت جي حوالي سان سڀني شهرن کان اڳتي آهي، جتي ويهه ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1800 مان وڌي 2900 تائين پهچي ويو آهي. پر اها صورتحال رڳو ڪراچي تائين محدود ناهي، سنڌ جا ٻيا شهر جهڙوڪ حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو هجن، يا پنجاب جا صنعتي مرڪز لاهور، فيصل آباد، ملتان، سيالڪوٽ ۽ بهاولپور هجن، پشاور، بنون، ڪوئيٽا ۽ خضدار سميت تقريباً ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اٽي جا اگهه عام ماڻهو جي قوتِ خريد کان ٻاهر نڪري چڪا آهن. هيءَ رپورٽ ظاهر ڪري ٿي ته مهانگائي ڪنهن هڪ علائقي جو مسئلو ناهي، پر هي سڄي ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي چڪي آهي.
جڏهن به عوام مهانگائيءَ خلاف دانهون ڪندو آهي، تڏهن حڪومت ۽ ان جا معاشي ماهر اڪثر اهو روايتي مؤقف اختيار ڪندا آهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي، تنهن ڪري مقامي قيمتون وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. اهو دليل پنهنجي جاءِ تي درست ٿي سگهي ٿو، پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هڪ ذميوار رياست جي حيثيت ۾ حڪومت وٽ اهڙو ڪو مؤثر حفاظتي نيٽ ورڪ موجود آهي، جيڪو انهن عالمي فيصلن جا لاها چاڙها عام ماڻهن تائين پهچڻ کان اڳ ڪنٽرول ڪري سگهي؟ جيڪڏهن پيٽرول عالمي مجبوريءَ تحت مهانگو ڪيو وڃي ٿو، ته ڇا عوام کي ڪنهن ٻئي شعبي ۾ ڪو رليف ملي ٿو؟ جيڪڏهن اٽو مهانگو ٿئي ٿو، ته ڇا پورهيت طبقي لاءِ يوٽيلٽي اسٽورن ذريعي سستو اٽو فراهم ڪيو وڃي ٿو؟ جيڪڏهن بجلي جا اگهه وڌن ٿا، ته ڇا سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ملازمن جي پگهارن يا ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي اجرتن ۾ به ساڳئي تناسب سان اضافو ڪيو وڃي ٿو؟ بدقسمتيءَ سان، انهن سڀني سوالن جا جواب هميشه نفيءَ ۾ هوندا آهن. اڄ ملڪ ۾ لکين ماڻهو اهڙي حالت تي پهچي چڪا آهن، جيڪي پنهنجي پوري مهيني جي آمدني صرف خوراڪ، گهر جي ڪرائي، بجلي ۽ گيس جي بلن ۽ ٻارن جي اسڪول جي فيس تي خرچ ڪري ڇڏين ٿا. هاڻوڪي دور ۾ وچولي طبقي لاءِ بچت جو تصور ئي ختم ٿي ويو آهي. اهو وچولو طبقو، جيڪو ڪنهن به ملڪ جي معيشت ۽ سماجي اڳڀرائيءَ جي ڪرنگهي جي هڏي سمجهيو ويندو آهي، اهو هاڻي تيزيءَ سان هيٺئين يعني غريب طبقي ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. سخت معاشي دٻاءَ سبب ڪيترن ئي خاندانن کي پنهنجون بنيادي ضرورتون به گهٽائڻيون پيون آهن. پهرين مرحلي ۾ ماڻهن تفريح ختم ڪئي، ٻئي مرحلي ۾ گوشت، ميوا ۽ کير دسترخوان تان غائب ٿيا ۽ هاڻي صورتحال اها اچي بيٺي آهي جو ماڻهن لاءِ ٻه وقت جي رُکي ماني به مهانگي ٿيندي پئي وڃي.
پاڪستان، جيڪو هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ جتي ڪڻڪ جي پيداوار لکين ٽن ٿئي ٿي، اتي اٽي جون قيمتون آخر ڪنٽرول ڇو نٿيون ٿي سگهن؟ ڇا ان جا سبب صرف پيداواري لاڳت جهڙوڪ مهانگي ڀاڻ، ٻج ۽ ڊيزل آهن؟ يا وري مارڪيٽ ۾ موجود طاقتور مافيا، ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري، سپلاءِ چين جو ناقص نظام ۽ انتظامي ڪمزوري ان جي پويان ڪم ڪري رهي آهي؟ ماضيءَ جي تاريخ گواهه آهي ته ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي. فلور ملز مالڪن ۽ وڏن واپارين پاران ڪڻڪ جا ذخيرا لڪائي، اٽي جا اگهه هٿرادو طور تي وڌائي اربين روپيا ڪمايا ويندا آهن. جڏهن مارڪيٽ ۾ اٽو مهانگو ٿي ويندو آهي، تڏهن پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون رڳو ننڍن دڪاندارن تي ڏنڊ هڻڻ تائين محدود هونديون آهن، جنهن جي ڪري غريب عوام کي ڪو فائدو نٿو رسي. اٽي جي بحران کي مستقل طور حل ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي زرعي شعبي تي تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اٽو سستو ٿئي، ته ان جو واحد رستو اهو آهي ته ڪڻڪ جي پيداوار وڌائي وڃي. پر پيداوار تڏهن وڌندي جڏهن هاريءَ کي ان جو پورو فائدو ملندو. بدقسمتيءَ سان، اسان جو هاري اڄ پاڻ سڀني کان وڌيڪ پريشان آهي. هاريءَ کي وقت تي ۽ سستي قيمت تي ڀاڻ نٿي ملي، معياري ٻج جي مارڪيٽ ۾ کوٽ آهي، ٽيوب ويل هلائڻ لاءِ بجلي ۽ ڊيزل جا اگهه تمام گهڻا وڌي چڪا آهن ۽ مٿان وري پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي. جڏهن هاريءَ جو پيداواري خرچ ئي ايترو وڌي ويندو، ته پوءِ مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ ڪيئن سستي ٿيندي؟ زرعي شعبي کي جديد بنيادن تي استوار ڪرڻ کانسواءِ اٽي جي قيمت تي ضابطو آڻڻ هڪ خواب ئي رهندو.
مهانگائي صرف هڪ اقتصادي مسئلو ناهي، پر هي هڪ وڏو سماجي، نفسياتي ۽ اخلاقي ناسور پڻ آهي. جڏهن هڪ پيءُ پنهنجي ٻارن جي مانيءَ، پڙهائيءَ ۽ علاج جا خرچ پورا نٿو ڪري سگهي، تڏهن سماج ۾ بيچيني ۽ ذهني دٻاءُ وڌي ٿو. ان نفسياتي دٻاءُ جا اثر گهرو اڻبڻت، طلاقن جي شرح ۾ اضافي ۽ خودڪشين جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا. ان کان علاوه، جڏهن عزت سان ڪمائڻ ناممڪن ٿي وڃي، تڏهن نوجوان نسل مجبور ٿي ڏوهن جي دنيا ۾ قدم رکي ٿو. شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائم، چوريون ۽ ڦرون وڌڻ جو هڪ وڏو سبب اها ئي بيروزگاري ۽ مهانگائي آهي. ان سان گڏوگڏ لکين ٻار اسڪول ڇڏي پورهئي تي مجبور ٿي رهيا آهن. هڪ اهڙو معاشرو، جتي ماڻهن جي وڏي اڪثريت پنهنجي آمدنيءَ جو وڏو حصو صرف خوراڪ تي خرچ ڪرڻ تي مجبور هجي، اهو معاشرو ڪڏهن به اڳتي وڌي نٿو سگهي.
سو حڪومت کي اهو سمجهڻو پوندو ته ملڪ جي معاشي استحڪام جو حقيقي معيار اسٽاڪ مارڪيٽ جا پوائنٽس يا زرمبادله جا ذخيرا ناهن هوندا. ڪنهن کي به معيشت جو اصل معيار تڏهن معلوم ٿيندو آهي، جڏهن رياست جو هڪ عام مزدور، هاري، پينشنر، ۽ ڏهاڙي تي پورهيو ڪندڙ ماڻهو پنهنجي خاندان لاءِ عزت ۽ احترام سان ٻه وقت جي ماني ميسر ڪري سگهي، ان لاءِ حڪومت کي اهڙو رستو اختيار ڪرڻو پوندو جيڪو معيشت کي به مضبوط ڪري ۽ عوام کي به ساهه کڻڻ جو موقعو ڏئي، ڇو ته ڪا به معيشت مطمئن ۽ مضبوط عوام کانسواءِ ڪڏهن به ترقي ڪري ناهي سگهندي.