سنڌ جي وساريل تاريخ ۽ حڪومتي بي حسيءَ جو الميو

عاطف ملاح

سنڌ صدين کان تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي امين رهي آهي. هن ڌرتيءَ جي هر ڪنڊ ۾ تاريخ جا اهڙا داستان دفن آهن، جيڪي اسان جي سڃاڻپ، عظمت ۽ شاندار ماضيءَ جا گواهه آهن. موهن جي دڙو، مڪلي، رني ڪوٽ، ڀنڀور ۽ ٻين ڪيترن ئي تاريخي ماڳن وانگر حيدرآباد کان اوڀر طرف لڳ ڀڳ ويهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ٽنڊو فضل ڀرسان موجود هنڱوراڻي به سنڌ جي اهڙي ئي اهم تاريخي ۽ ثقافتي ورثي مان هڪ آهي، جيڪو اڄ حڪومتي بي ڌياني سبب آهستي آهستي زوال ڏانهن وڌي رهيو آهي.

تازو سائين مجيد خاصخيلي ۽ ڪاشف ملاح سان گڏ هنڱوراڻي جي تاريخي ماڳ تي وڃڻ جو موقعو مليو. هي ماڳ ڏسندي هڪ ئي وقت فخر ۽ افسوس ٻنهي احساسن جنم ورتو. فخر ان ڳالهه جو ته سنڌ وٽ ايترو شاهوڪار تاريخي ورثو موجود آهي، ۽ افسوس ان ڳالهه جو ته ان ورثي کي پنهنجي ئي حڪومت وقت جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. هنڱوراڻي ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور جون پراڻين سرن ۽ چن سان تعمير ٿيل ٻه تاريخي مسجدون ۽ هڪ مقبرو اڄ به پنهنجي وجود سان ان دور جي فنِ تعمير ۽ عظمت جا شاهد آهن. تاريخي روايتن موجب، هي هڪ آباد ۽ خوشحال شهر هو، جنهن تي افغان حملي آور مدد پٺاڻ 1781ع ڌاري حملو ڪري سڄي شهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. اڄ ان آباد شهر جا صرف کنڊر باقي بچيا آهن، جيڪي پنهنجي خاموشيءَ ۾ هڪ المناڪ تاريخ لڪائي ويٺا آهن.

ماڳ تي هڪ مسجد ڀرسان سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان لڳايل معلوماتي بورڊ موجود آهي، جنهن تي هن تاريخي ماڳ بابت مختصر ڄاڻ ڏنل آهي، جڏهن ته ٻي مسجد ڀرسان لڳل بورڊ جا هاڻي فقط نشان ئي باقي رهيا آهن. ان کان به وڌيڪ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سڄي ماڳ جي حفاظت، سارسنڀال ۽ نگرانيءَ لاءِ نه ڪو مؤثر انتظام نظر اچي ٿو ۽ نه ئي ڪو ذميوار عملدار موجود ڏسڻ ۾ آيو. جيڪڏهن ڪو مقرر ٿيل به آهي ته سندس موجودگيءَ جا ڪي به آثار نظر نه آيا.

سنڌ ۾ گذريل ارڙهن سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، پر هن اهم تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت لاءِ ڪو به سنجيده ۽ نتيجا ڏيندڙ قدم سامهون نه آيو آهي. هر سال ثقافت، سياحت ۽ آثار قديمه جي نالي تي ڪروڙين رپين جون بجيٽون منظور ٿين ٿيون، پر هنڱوراڻي جهڙا بيشمار تاريخي ماڳ اڄ به بنيادي سارسنڀال کان محروم آهن. هي صورتحال رڳو هڪ ماڳ جي نه، پر سنڌ جي مڙني تاريخي ثقافتي ماڳن جي آهي.  افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته هنڱوراڻي اڪيلو اهڙو ماڳ ناهي، جيڪو سرڪاري غفلت جو شڪار هجي. موهن جي دڙو، جيڪو گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو جي عالمي ورثي ۾ شامل آهي، اهو به سالن کان ماحولياتي اثرن، برساتي پاڻي، مناسب تحفظ ۽ سارسنڀال جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. رني ڪوٽ، ڀنڀور ۽ ٻين ڪيترن ئي آثار قديمه وارن ماڳن جي حالت به ڪنهن کان ڳجهي ناهي. ساڳئي وقت گورک هِل، ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ جهڙا قدرتي ۽ سياحتي ماڳ به گهربل منصوبابندي، بنيادي سهولتن، تحفظ ۽ ترقيءَ کان محروم آهن. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي تاريخي، ثقافتي ۽ قدرتي ورثي کي سنجيدگي سان محفوظ نه ڪندي ته اسان نه صرف پنهنجي تاريخ ۽ سڃاڻپ وڃائينداسين، پر سياحت، تحقيق، روزگار ۽ معاشي ترقي جا بي شمار موقعا پڻ هٿان وڃائي ويهنداسين.

دنيا جون ترقي يافته قومون پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي قومي سڃاڻپ جو بنياد سمجهن ٿيون. اهي قديم آثارن کي محفوظ ڪري عالمي سياحت جا مرڪز بڻائين ٿيون، جتان نه رڳو اربين رپين جي آمدني حاصل ڪن ٿيون، پر پنهنجي تاريخ کي به ايندڙ نسلن تائين زندهه رکن ٿيون. افسوس جو سنڌ، جيڪا دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ جي وارث آهي، اتي تاريخي ورثي جي حفاظت اڄ به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل نظر نٿي اچي.

هنڱوراڻي صرف ڪجهه پراڻين مسجدن ۽ کنڊرن جو نالو ناهي، پر اهو سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ قومي سڃاڻپ جو هڪ اهم باب آهي. جيڪڏهن اڄ به هن ماڳ جي سائنسي کوٽائي، تحفظ، بحالي ۽ مناسب سارسنڀال لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته وقت جي بي رحم هٿن سان گڏ انساني لاپرواهي به اسان کان هي قيمتي ورثو هميشه لاءِ کسي وٺندي.

 

You might also like