بيجنگ (م ڊ) خطرناڪ طوفان ’باوي‘ تائيوان کانپوءِ چين جي اوڀرندي سامونڊي علائقن ۾ به وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي، جتي تيز برساتن، سخت هوائن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، چيني اختيارين امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي لڳ ڀڳ 20 لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪيترين ئي اڏامن ۽ ٽرين سروسز کي پڻ معطل ڪيو ويو، پرڏيهي ميڊيا موجب طوفان ڇنڇر جي رات چين جي اڀرندي صوبي ڙي جيانگ جي سامونڊي شهر يوهوان سان ٽڪرائجي ويو، جنهن کانپوءِ اهو وينڙو جي علائقي يوئيڪنگ ۾ ٻيهر لينڊ فال ڪيو، موسميات جي ماهرن موجب طوفان جي شدت گهٽجي ٽراپيڪل اسٽارم جي سطح تي اچي وئي پر ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران اوڀر ۽ اتر چين ۾ وڌيڪ تيز برساتن جو امڪان برقرار آهي، جنهن سبب ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ شهري علائقن ۾ پاڻي بيهڻ جا خطرا وڌي ويا، اختيارين جو چوڻ آهي ته طوفان جي اچڻ کان اڳ ئي ڙي جيانگ سميت مختلف علائقن مان وڏي پيماني تي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو ته جيئن جاني نقصان کان بچي سگهجي، جڏهن ته امدادي ۽ بچاءَ وارا ادارا پڻ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ آهن، چين جي سرڪاري نشرياتي اداري سي سي ٽي وي موجب صرف يوئيڪنگ شهر ۾ هڪ هزار 300 کان وڌيڪ وڻ ڪري پيا، جن مان 700 کان وڌيڪ پاڙن سميت پٽجي ويا، ڪيترن ئي علائقن ۾ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته جبلائي علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب وڏا پٿر شاهراهن تي اچي ڪريا، جنهن سان آمدرفت متاثر ٿي. ريسڪيو ٽيمن ڳري مشينري ۽ چين سا جي مدد سان ڪريل وڻ هٽائڻ ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، سامونڊي علائقي يوهوان جي ڪانمين قصبي جي رهواسين ٻڌايو ته طوفان سبب سندن گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو ۽ کين سڄي رات جاڳي حالتن کي منهن ڏيڻو پيو. مقامي واپارين موجب ڪيترين ئي عمارتن، دڪانن ۽ ٻين ملڪيتن کي پڻ نقصان پهتو آهي، ان کان اڳ طوفان ’باوي‘ تائيوان سان به ٽڪرائيو هو، جتي تيز هوائن ۽ برساتن سبب 134 ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع نه ملي. طوفان جي ڪري تائيوان ۾ 137 بين الاقوامي ۽ 62 اندروني اڏامون منسوخ ڪيون ويون، جڏهن ته چين جي صوبي ژي جيانگ ۾ 327 اڏامون ۽ ڪيترين ئي ٽرين سروسز کي معطل ڪيو ويو. شنگهائي ۾ به هڪ هزار 620 ٽرينون ۽ 684 اڏامون رد ٿيڻ سبب لکين مسافر متاثر ٿيا، موسميات جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيتوڻيڪ طوفان جي شدت گهٽجي رهي آهي، پر ان جو وسيع نظام ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين سوين ڪلوميٽرن اندرون ملڪ تيز برساتون آڻي سگهي ٿو، جنهن سبب ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ شهري علائقن ۾ پاڻي بيهڻ جا خطرا برقرار رهندا. ماهرن وڌيڪ چيو آهي ته هلندڙ سال ايل نينو موسمي رجحان سبب چين کي وڌيڪ شديد موسمي حالتن ۽ طاقتور طوفانن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، جنهن سان امدادي ڪارروايون وڌيڪ ڏکيو ٿي سگهن ٿيون.