عوام جي معاشي مشڪلات ۾ واڌ،پارليامينٽ ميمبرن کي رڳو پنهنجي مراعتن جي ڳڻتي!

اسلام آباد( نجم سيٺي )ملڪ ۾  عوامي معاشي مشڪلاتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، خيبر پختونخوا اسمبلي ۾ ميمبرن جي مراعات واري بل تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي،هڪ پاسي سڌن ۽ اڻ سڌن ٽيڪسن جو ڄار آهي،پيٽرول اگهه هر هفتي وڌايا وڃن ٿا،ليوي ۾ به واڌ ٿي وئي آهي، ٻئي پاسي بجلي بل ماڻهن جي صبر جو پيمانو لبريز ڪري رهيا آهن،گئس ۽ بجلي لوڊشيڊنگ برقرار آهي،عوام چئي رهيو آهي ته اسان ڪيڏانهن وڃون؟جڏهن ته  تعليمي نظام، صحت جون تمام سهولتون جنهن قسم جون ميسر آهن، اهو به  پاڪستان جي عوام ڄاڻي ٿي. پر اهي جن کي چونڊي آڻين ٿا، انهن جا حال هي آهن ته اهي پنهنجي مفادن لاءِ  تڪراري مراعاتي ائڪٽ بل پيش ڪري رهيا آهن،عوام جو پٽڪو جائز آهي، حيرت ٿي رهي آهي ته ڇا اسان جي ايم پي ايز ۽ حڪمران طبقي کي اهو معلوم ناهي ته ٻاهر ماڻهو ڇا سوچي رهيا آهن؟مڊل ڪلاس ۾  روڊن تي گهرن  ۾ ڪيتري ڪاوڙ آهي؟ اشرافيه کي  اهو ئي معلوم ناهي ته ڏينهن ڪيئن گذرندو، ايترا خرچ ٿي ويا آهن ۽ آمدني وڌي ناهي. ۽ ٻئي طرف هي حضرات آهن، جن تي ڪرپشن جا الزام آهن ۽ مٿان هي وڌيڪ  سهولتون وٺڻ چاهين ٿا پنهنجي لاءِ. ۽ صرف پنهنجي لاءِ نه، پنهنجي ٻارن لاءِ به، پنهنجي زالن لاءِ به، پنهنجي مائٽن لاءِ به، سڀني لاءِ هي سڄو ڊرامو ٿي رهيو آهي.ڇا کين احساس ناهي ته ماڻهو ڪيئن ڏسن ٿا هن شيءِ کي؟ سٿرا پنجاب جي ٻن ملازمن آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، انهن جي 19هزار پگهار هئي، مسئلو هي آهي حڪمران بلڪل بي هوش آهن، کين ڪو عوام سان پيار محبت ناهي. هي جيڪي اسمبليون آهن، هي جيڪي اليڪشنز آهن، اسان سڄي عمر چيو ”جمهوريت، جمهوريت، جمهوريت“، چونڊون ٿين، پر پارليامينٽ جي ميمبرن جي جيڪا ڪارڪردگي آهي، اها بدقسمتيءَ سان وڏي مايوس ڪندڙ آهي.ڪي پي ۾ تنقيد کانپوءِ تڪراري بل تي نظرثاني جو اعلان ڪيو ويو آهي،اهڙي ئي طريقي سان پنجاب ۾ به هي ٿيو. هن قسم جا قانون پاس ڪري ڇڏيندا آهن، پوءِ جڏهن گوڙ ٿئي ٿو  خفيه طور بل منظور ڪري ڇڏيندا آهن، بليو پاسپورٽ جي ڊوڙ لڳل آهي،ان جي ڪهڙي ضرورت آهي ؟ جڏهن ماڻهو توهان کي نفرت سان ڏسي رهيا آهن، جمهوريت کان ماڻهو ڏور ٿي رهيا آهن. ڇا جمهوريت اها هوندي آهي ته توهان  محل   بڻائي رهيا آهيو،جڏهن ته  ته عوام جي طرف ڪو سوچي به نٿو ته عوام ڪيئن  ردعمل  ڏيندي؟ پارليامينٽ ميمبر پنهنجون پگهارون وڌائي رهيا آهن هر قسم جون مراعتون به  وٺڻ چاهين ٿا، دنيا ۾ ڪٿي به ائين نٿو ٿئي، جيڪو هي اسان وٽ ٿي رهيو آهي، ڪي پي وارن ته قانون سازي ۾ سنڌ،پنجاب ۽ بلوچستان وارن کي به مات ڏئي ڇڏي،ڪنهن به اسيمبلي ميمبر کي اسپيڪر جي اجازت کان سواءِ گرفتار نٿا ڪري سگهو

 

You might also like